پنجاب صوبي جي شهر لاهور جي فارماسيوٽيڪل ڪمپني جي ٺاهيل کنگهه جي شربت ۾ هاڃيڪار جزن جو انڪشاف
مالديپ حڪومت ۽ عالمي صحت واري اداري (ڊبليو ايڇ او) لاهور جي ڪمپنيءَ جي ٺاهيل کنگهه جي شربت تي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. لاهور جي ڪمپني فارمڪس ليبارٽري لميٽيڊ جي ٺاهيل کنگهه جي شربت ۾ نقصان رسائيندڙ جزا لڌا ويا آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي ڊريپ به کنگهه جي ان شربت کي مارڪيٽ مان کڻڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. کنگهه جي شربت ۾ ڊائي ايٿلين گلائڪول ۽ ايٿلين گلائڪول نالي نقصان ڏيندڙ جزا لڌا ويا آهن. لاهور جي ڪمپني جو اهو شربت مالديپ، فجي سميت 4 ملڪن کي اماڻيو ويو هو. لاهور جي ڪمپني جو اهو کنگهه جو شربت پاڪستان ۾ به سپلائي ٿئي ٿو. ياد رهي ته ان کان اڳ ڀارتي کنگهه جي شربت ۾ موجود ساڳيا هاڃيڪار جزا موجود هجڻ سبب ڪيترائي ٻار ان شربت واپرائڻ سبب موت جو شڪار ٿي چڪا آهن.
(جنگ ويبسائٽ جي ٿورن سان)