وفاقي وزارت پوسٽل سروسز کي وزارت مواصلات ۾ ضم ڪيو ويو

وفاقي وزارت پوسٽل سروسز کي وزارت مواصلات ۾ ضم ڪري ڇڏيو ويو آهي، جنهن جو باقائده ميمورينڊم به جاري ڪيو ويو آهي. وزارت پوسٽل سروسز ۽ مواصلات کي اڳ ۾ ڌار ڌار سيڪريٽري ۽ وزير هئا هاڻي انهن جو هڪ ئي وزير ۽ هڪ ئي سيڪريٽري هوندو. ياد رهي ته وزير مواصلات مراد سعيد پهرين پوسٽل سروسز جو وزير هو، هاڻي اهي ٻئي وزارتون ضم ٿيڻ کانپوءِ به مراد سعيد وٽ ئي رهنديون. ان کان اڳ به پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي دور ۾ اهي ٻئي وزارتون هڪٻئي ۾ ضم ٿينديون ۽ ڌار ٿينديون رهيون آهن.
