سنڌ هاءِ ڪورٽ، شوگر انڪوائري ڪميشن ۽ رپورٽ ڪالعدم قرار
سنڌ هاءِ ڪورٽ شوگر انڪوائري ڪميشن ۽ رپورٽ کي ڪالعدم قرار ڏيندي کنڊ جي گهٽتائي ۽ قيمت جي اضافي لاءِ آزادانه تحقيق جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. تفصيلن مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شوگر انڪوائري ڪميشن جي خلاف شوگر مل مالڪن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ان دوران عدالت محفوظ فيصلو ٻڌائيندي شوگر انڪوائري ڪميشن ۽ رپورٽ ڪالعدم قرار ڏيئي ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ کنڊ جي کوٽ ۽ قيمت ۾ اضافي تي واسطيدار ادارن کي نئين آزادانه تحقيق جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. عدالت جو چوڻ آهي ته نيب، ايف آءِ اي، ايف بي آر ۽ ٻيا ادارا قانون مطابق کنڊ جي بحران ۽ ان جي قيمت ۾ اضافي جي تحقيق ڪن. واضح رهي ته 20 کان وڌيڪ شوگر مل مالڪن ڪميشن جي تشڪيل ۽ رپورٽ کي چئلينج ڪيو هو، جسٽس ڪي. ڪي آغا ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ فيصلو محفوظ ڪيو هو. ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ڪاشف پراچه جو چوڻ هو ته کنڊ جي بحران ۽ قيمت ۾ اضافي سان هر پاڪستاني متاثر ٿيو آهي، تحقيق شوگر مل مالڪن جي خلاف نه پر بحران جو سبب ڄاڻڻ لاءِ هئي. اي اي جي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪميشن جي رپورٽ ۾ کنڊ جي بحران ۽ قيمتن ۾ اضافي جو پتو لڳايو ويو آهي، شوگر مل مالڪن جي خلاف ڪو سڌو سنئون الزام نه لڳايو ويو ۽ نه ئي انهن کي ڪم کان روڪيو ويو هو. ياد رهي ته گذريل مهيني جولاءِ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي شوگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ ۾ درج سنڌ جي 20 شوگر ملن جي خلاف 30 جون تائين ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو هو.

