لطيف شناسي سنڌي ادب ۾ ھڪ اھم ادبي اڀياس آھي. ان ۾ ھرڪو پني نٿو پسائي سگهي. شاھ لطيف سموري سنڌ جي ھر سماجي سطح واري ھنري مڪتب جي لغات جو وڏو ڄاڻڪ تصوف جي ڳوڙھي اصطلاحن ويندي استعارن ۽ تشبيھن ۾ ھن وٽ سنڌي سماج جي ھر پاسي جي ڄاڻ ڪاري اتم درجي واري آھي. ان ڪري شاھ لطيف کي ويساھيون ڏئي ڪري موکي جي اعليٰ درجي واري منڌ وانگر وڏي حسناڪ مزاج سان سرڪي سرڪي ڪري من ۾ لاھڻ گھرجي. عطا چانيھو گھڻي وقت کان وٺي سنڌ جي راھپ کي جائيتو ڪرڻ وارو ڪم ڪري رھيو آھي.
تازو ھن صاحب کي علامه آءِ آءِ قاضيءِ جي خالي ڪرسي ڀرڻ جو شوق جاڳيو آھي. ان سلسلي ۾ ھن مختلف علمي ادارن ۾ وڃي شاھ لطيف جي فڪر تي ليڪچر سيريز ڏيڻ وارو سلسلو کڻي ھلايو آھي. جيڪر اھو سلسلو سنڌي ادب تي ھجي ھا ته ھضم ڪري وٺجي ھا، پر اھا دڪانداري شاھ لطيف جي نالي تي پيو ھلائي. ان سان سنڌي ادب جي شاعريءَ جا اساسي ڪتاب ٻين اساسي شاعرن جو ڪلام پنھنجي جوڙ توڙ ۽ معنيٰ مروڙ سان پيش ڪري رھيو آهي. انھن اساسي شاعرن جو ڪلام روايتي نه آھي، پر ڇپيل آھي، ان ڪري سنڌ جي نه پڙھندڙن جو ھڪ وڏو انگ گهڻي مغالطي ۾ اچي ويو آھي.
ھڪڙي ليڪچر ۾ ھن صاحب ڪنھن ٻئي اساسي شاعر جو رڳو ھڪ بيت شاھ لطيف جو ڪري پيش ڪيو. سامھون ادبي ادارن جا ملازم ۽ ريسرچر ويٺا ڪنڌ ڌوڻين، اھو منظر ڏسي ڪري تمام گھڻو افسوس ۽ حيرت ٿي ۽ صاف يقين ٿي ويو ته عطا چانيھي جو پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي اساسي ادب جو ڪو خاص ڪتابي مطالعو ڪيل ناھي. ھن عطائي عالم ھن ھن کان ٻڌل بيت ليڪچر ۾ شاھ لطيف جي کاتي ۾ ڪري پيو ٻڌائي. ھڪڙي ليڪچر تي تبصرو ڪيم ته ھي بيت شاھ لطيف جو ڪونھي، ان تي پاڻ ڪا ورندي ڏيڻ کي پنهنجي شان ۾ گستاخي سمجھيو ۽ سندس لاٺڙيا ساٺڙيا ور ور ڪري پيا پڇن ته اسان چيو آھي ته شاھ لطيف جو بيت آھي، ھاڻ تون (معنيٰ آئون) ٻڌائي ته ڪنھن جو بيت آھي؟؟؟ قصو مختصر ڪندي ٻڌائيندس ته ھروڀرو اھڙن نانءُ ڪٺين کي گھرائي شاھ لطيف جي ڪلام جي توھين نه ڪرايو، جن کان ڪتاب پڙھڻ به نٿا پڄن ۽ ڄٽ ڄاموٽن کان بيت ٻڌي ۽ سڻي ڪري ھتي اچي، اسان ۽ توھان جي مٿي ۾ ھن پھاڪاتي بيت وانگر اچي ڦھڪائي مٿي تي ھڻن ٿا.
ٻڌيون سڻيون ڳالھڙيون، واکاڻين وات
پڌري ٿيندن ذات، رھڻيءَ مان روحل چوي.
پھرين ھڪ بيت پيش ڪندي عرض ڪندس ته ھي بيت شيخ عبدالرحيم گرھوڙي جي ڪلام جي سُر رامڪلي ۾ صفحي 269 تي موجود آھي. ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڇپرايو آھي. بيت ڪنھن ڪونج ڳچيءَ واري سنڌي محبوب نه، پر ڪٺن تپسائون ڪندڙ سڄڻ جوڳين تي چيل آھي، جن جي ڪٺن تپسيائن ڪرڻ سبب رتيءَ جيترو رت به جسم ۾ ڪونھي. ان ۾ به مسٽر چانيھي چالاڪي ڪري پھرين سٽ گم ڪري ڇڏي جيئن پنھنجي مقصد واري معنيٰ ڪڍي سگھجي. جوڳ پنٿ واري سماج سان ان جو تعلق ختم ڪري، باقي ٻه سٽون پڙھي، پاڻ جھڙن ٻڌندڙن تي وڏو عالماڻو ڌاڪو ڄمايو، بيت ھن ريت آھي:
ڪنه جنه ڪيف ڪڪوريا، جئن بمريا ڀڻن
سڄڻ ڍاٽي اٺ جنء، مچي ماس نه ڪن
توڙي وس چرن، ته پڻ رت نه رتي جيترو
(گرھوڙي 2004ع ص 269)
ٻيو بيت جيڪو چانيهو صاحب ھڪ ٻئي ليڪچر ۾ شاھ لطيف جو ڄاڻائي ٻڌايو اھو بيت ميين شاھ عنات جي ڪلام واري ڪتاب جي سر سارنگ ۾ موجود آھي، نجو شاھ عنات جو آھي:
ڏونگھا آڇ م ان کي، ڪاسا جني ڪم
پنندي پرڏيھ ۾، تن سوڍين ٿئي شرم
اٿين گھڻي ادب سين، ڳالھائن نرم
قادر ڪر ڪرم، اني ساڻ عنات چئي
(شاھ عنات 2010ع ص 284)
“ھلندي ھوت پنھون ڏي، پيرن ڀر گسڪندياس”
ھي اٺ سٽو بيت عام سگھڙ شاھ لطيف جو ڪري ڄاڻائين ٿا. ھي بيت گنج ۽ بلوچ جي رسالن ۾ نٿو ملي. ان ڪري ھن کي شاھ لطيف جو روايتي بيت کڻي چئجي ته ڪو ڏوھ ڪونھي، ھن بيت کي عطا چانيھو، جيئن پڙھي ٿو. ائين ڪنھن سگھڙ به اڄ ڏينھن تائين ڪونه پڙھيو ھوندو.
مثال طور: “ٺونٺين ڀر ٺڙڪندياس”
ھي ٺڙڪو ۽ کڙڪو ھتي ڪيئن آيو، ان جي وضاحت ڪونه ٿيندي
روايتي سٽ ھن طرح آھي ته:
“ھٿن ھلڻ ڇڏيو ته، ٺونٺن ڀر ٺرندياس”
ليڪچر ۾ ھن بيت جي روايتي ھئڻ جو ذڪر ڪرڻ ضروري ھو. اھو قلم عطائي عالم تي لاڳو ناھي.
ھي ٻه بيت سنڌ جي لوڪ روايتي ادب ۾ موجود آھن.
لڳي ميک نه اُکڙي، ھنئي جا حبيبن
سوين سونارا مڙيا، لکين لوھارن
شابس تن پرين، جن چتر سان چوري ڪڍي
(بلوچ 2012ع ص 67)
اھڙين گھڻين چُڪن سان ڀرپور واعظ ڪندڙ عطا چانيھي کي عرض آھي ته ڪجھ وقت ڪڍي مطالعو ڪري وٺي ۽ ڪنھن جو ڪلام سياق ۽ سباق کان ھٽائي ڪري پيش نه ڪري ته بھتر رھندو. عالم ٿيڻ لاءِ عمر پئي آھي، تڪڙ وارو عمل کيس وڏي ۽ ڏکي تنقيد جو ديدار ڪرائيندو.