بلاگنئون

آمريڪا جون مڪاري واريون تعريفون ۽ اسان جو ماضي!

اسان جي ملڪ جي اقتدار ڌڻين ۽ عوام جي اها عادت رهي آهي ته جڏهن به ڪو ملڪ پنهنجي مفادن جي خاطر حڪومت کي ٿورڙي به لفٽ ڪرائيندو آهي ته پوءِ حڪومت سان گڏ انهن جا حامي آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيندا آهن. ويجهڙائي ۾ آمريڪا سرڪار يعني آمريڪي صدر ۽ سندس ڪابينا پاڪستان جي آرمي چيف جي شد و مد سان تعريفون ڪري رهيا آهن، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي تعريفون ڪهڙي مستقل لاڳاپي جون نشانيون آهن؟ اها ته دنيا کي چڱي ريت پروڙ هوندي ته آمريڪا جهڙو ملڪ جڏهن به ڪنهن جون تعريفون ڪندو آهي ته اهو ائين خالي تعريفون ناهي ڪندو، بلڪه انهن تعريفن جي پٺيان سندس مڪاري لڪيل هوندي آهي. اڳ به جيستائين آمريڪا سرڪار جون پاڪستان متعلق پاليسيون مفادن وٽان رهيون تيستائين تعلقات ۾ ڪٿي جهول ڏيک نه ڏنو، پر جيئن ئي سندس مفاد پورا ٿيا ته ساڳيون تعريفون تنقيد ۾ بدلجي ويون.

اچو ته انهن جو ٿورو تاريخي پسمنظر ڏسون ته ڪيئن آمريڪا اڳ به پاڪستان جون تعريفون ڪيون هيون ۽ وري جڏهن سندس مفاد پورا ٿيا ته هن پاڪستان کي ڪيئن استعمال ڪري ٽشو پيپر جيان ڦٽو ڪري ڇڏيو.

ايوب خان (1958-1969) آمريڪا ايوب خان جي دور ۾ پاڪستان کي سرد جنگ جو فرنٽ لائين اتحادي بڻايو. وڏي فوجي امداد به ڏنائين، پر 1965 واري جنگ کانپوءِ هٿ ڪڍي ورتائين. يحيٰ خان (1969-1971) آمريڪا چين سان رابطن ۾ پاڪستان کي استعمال ڪيو، پر مشرقي پاڪستان جي بحران وقت پنهنجا چپ سبي ڇڏيا. ضياءُالحق (1977-1988) افغانستان جي جهاد دوران سڄي دور ۾ پاڪستان کي هيرو سڏيو ويو، پر جڏهن سوويت فوجون افعانستان منجهان نڪري ويون ته 1989ع ۾ پريسلر ترميم تحت پابنديون هڻي ڇڏيائين. پرويز مشرف (1999-2008) نائن اليون کانپوءِ پاڪستان کي “فرنٽ لائين اتحادي” جو لقب مليو. اربين ڊالرن جي امداد ملي، پر جيئن ئي آمريڪا افغانستان کان واپسي جو فيصلو ڪيو ته اعتماد ختم ٿيو ۽ دٻاءُ وڌايو ويو. مشرف دور کانپوءِ (2008-2022) ريمنڊ ڊيوس، ايبٽ آباد آپريشن ۽ افغانستان پاليسي جي اختلافن پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي ڪمزور ڪيو، امداد ۾ کوٽ ۽ بي اعتمادي عروج تي رهي.

هينئر جڏهن آمريڪا چين جي اثر کي ختم ڪرڻ ۽ اسرائيل کي تسيلم ڪرائڻ جي لاءِ ٻيهر پاڪستان سان لاڳاپا بهتر ڪري رهيو آهي ۽ مسلسل پاڪستان جون تعريفون ڪري رهيو آهي، پر اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته مڪار آمريڪا جون اهي تعريفون محبت جو اظهار ناهن، بلڪه مفادن جي سياست آهي. ماضي ۾ هر ڀيري ائين ٿيو ته تعريفن کانپوءِ دٻاءُ، شرط ۽ نيٺ لاتعلقي نصيب ٿي. ان ڪري اسان جي حڪمرانن ۽ انهن جي ها ۾ ها ملائيندڙ نادان فردن کي گهرجي ته اهي آمريڪا جي مڪاري واري ڄار ۾ ڦاسي پنهنجن حقيقي دوستن ۽ پاڙيسرين سان نه ڦٽائين. ڇاڪاڻ ته اڄ يا سڀاڻي اهي پاڙيسري ملڪ ئي پاڪستان جا بهتر دوست آهن ۽ رهي سگهن ٿا. باقي آمريڪا پنهنجن مفادن کانپوءِ پاڪستان کي اڳ جيان رستي ۾ ئي ڇڏي ڏيندو. تاريخ شاهد آهي ته آمريڪا ڪڏهن به ڪنهن جو مستقل دوست ناهي رهيو، بلڪه هو فقط ئي فقط پنهنجي مفاد جو ئي ساٿي رهيو آهي. تنهنڪري پاڪستان کي پنهنجي پاليسي سدائين خود مختيار، عزت ڀري ۽ عوامي مفاد تي رکڻ کپي. سو وقتي ڄار ۾ نه ڦاسي، هونئن به اصل عزت تڏهن ملندي آهي، جڏهن قوم پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري، سو قومون تعريفن سان نه، پر پنهنجن اصولن سان عزت ماڻينديون آهن.