سال 2016 ۾ 28 سيپٽمبر تي ان وقت جي وفاقي وزير انڊسٽريز ۽ پراڊڪشن حڪومت پاڪستان اين ايف سي (نيشنل فرٽيلائيزر ڪمپني لاهور) جي 800 ملين رپين جي منظوري سان 51 ايڪڙن تي مشتمل خريد ڪيل زمين تي اين ايف آئي سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ملتان جي سب ڪئمپس نوشهروفيروز جو افتتاح ڪيو هو. انهيءَ افتتاح جي پهرين ڏينهن کان پنجاب جي وفاقي سيڪريٽرين ان نيڪ ڪم ۾ رنڊڪون پيدا ڪرڻ شروع ڪيون. هن ڪئمپس کي ٻن سالن اندر مڪمل ٿيڻو هو، پر جيئن ته سنڌ سان ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ جي روايت برقرار رکندي ملتان يونيورسٽي طرفان هڪ سر به نه لڳائي وئي، جنهن ڪري اسان جي نوجوانن جو انتظار مايوسي ۽ نااميدي ۾ تبديل ٿي ويو ۽ اسان جي سياسي اڪابرن کي انهيءَ لاءِ ڪا سوچ ڪا سنجيدگي نظر نه آئي.
مون ذاتي طور اهڙيون شڪايتون ايوان صدر تائين پهچايون، جن طرفان هميشه “لولي پاپ” جواب ملندا رهيا. نيٺ لالچين گڏجي اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪئمپس نوشهروفيروز جي زمين جي چادر وي سي يونيورسٽي ۽ اين ايف سي جي نام نهاد بورڊ آف ڊائريڪٽرز گڏجي پاڻ ۾ ڳجھ ڳوهه ۾ ان ڪئمپس جي زمين اين ايف سي لاهور کي وڪرو ڪرڻ جهڙو شرمناڪ ۽ غير قانوني ۽ غير اصولي ڪم ڪيو. انھيءَ کان اڳ 2019 ۽ وفاقي محتسب اعليٰ سکر جي ڪورٽ جا چڪر ڪاٽيا، پر اتي فيصلا لکڻ وارا به ساڳيا ڀاڱي ڀائيوار ويٺل هئا جن به انهن جي ڳالھ ٻولھ کي ويڙهي سيڙهي فيصلي ۾ لکي ڇڏيو.
هاڻي جڏهن شعور ۽ اڪابرين جي لاتعلقي ٿي وئي ته ان صورتحال ۾ منهنجي رب ڪريم ان تي خاموش ويهڻ ته نه ڏنو ۽ تڪليفون هميشه سندس نيڪ بندي کي برداشت ڪرڻيون پونديون آهن، جنهن جي همت به هو پاڻ ان بندي کي ڏيڻ سان گڏ ان جي مدد پڻ ڪندو آهي. آخرڪار ڪيترن ئي سالن جي ڪوششن کانپوءِ پنهنجي پنهنجي حق، انصاف ۽ سنڌ جي نوجوانن جي تعليمي حق جي جدوجهد لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ۽ ڪافي سالن جي تيارين کانپوءِ نيٺ سنڌ جي نوجوانن جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ داخل ٿي ويو جنهن ۾ وفاق سميت، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ۽ مختيارڪار نوشهروفيروز کي پڻ ڌر بڻايو ويو آهي. اميد آهي ته هي فيصلو حق ۽ سچ سان ڪيو ويندو ۽ نوشهروفيروز ۽ سنڌ جي نوجوانن جي لاءِ هڪ نئين سوڀ جو پيغام کڻي ايندو.