قومي اسيمبلي ۾ فاٽا کي خيبر پختونخواهه جو حصو ٺاهڻ وارو ترميمي بل منظور

ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير قانون ۽ انصاف محمود بشير ورڪ پاران فاٽا جو خيبر پختونخواهه ۾ ضم ڪرڻ جو بل پيش ڪيو ويو. هن بل مطابق پنجن سالن لاءِ قومي اسيمبلي ۾ فاٽا جون 12 ۽ سينيٽ ۾ 8 نشستون برقرار رهنديون. ايندڙ سال فاٽا ۾ مخصوص نشستن تي چونڊون ٿينديون. فاٽا ۾ صوبائي قانون جو فوري طور اطلاق ٿيندو ۽ چونڊيل حڪومت قانون تي عمل درآمد جي حوالي سان فيصلا ڪندي. بل ۾ سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو اختيار به فاٽا تائين وڌائڻ ۽ ايف سي آر کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو ذڪر ڪيل آهي. اسيمبلي جي ميمبرن پاران بل تي بحث وقت جي يو آءِ (ايف) ۽ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي بل جي مخالفت ۾ واڪ آئوٽ ڪيو. جنهن بعد شقوار بل جي منظوري جو عمل شروع ٿيو جنهن تي اسيمبلي ميمبرن دستخط ڪيا. آئين مطابق هن بل کي قومي اسيمبلي مان پاس ٿيڻ کانپوءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو جتي پاس ٿيڻ بعد ان کي ملڪ جي صدر وٽ موڪليو ويندو جنهن جي دستخط کانپوءِ اهو بل آئين جو حصو ٿي ويندو. هن بل کي اهميت ڏيندي پي ٽي آءِ جو چيئرمين عمران خان به ٻن سالن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ٿيو. واضح رهي ته ڪنهن به بل جي منظوري لاءِ ايوان ۾ 228 ميمبرن جي موجودگي لازمي هوندي آهي. ان موقعي تي حڪومتي پارٽي جا ميمبر ئي ايوان مان غيرحاضر رهيا، جنهن کي وزيراعظم خاقان عباسي فون ڪري ايوان ۾ اچڻ جو چوندو رهيو، ان موقعي تي عمران خان پنهنجي ساٿين سميت ايوان ۾ پهچي ويو جنهن تي ايوان جو ڪورم مڪمل ٿي ويو جنهن بعد بل کي پيش ڪيو ويو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments