نئون

اسان سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين: مراد علي شاهه

مراد علي شاهه چيو آهي ته هو صوبي اندر محبت ۽ دوستيءَ جو گهرجائو آهي ۽ هو ڪڏهن به صوبي اندر بدمزگي پيدا ڪرڻ نٿو گهري. هن چيو ته مان پنهنجي تقرير ۾ انهن عناصرن تي لعنت وڌي جيڪي صوبي کي ٽوڙڻ چاهين ٿا. مان هن بيان ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو نالو نه ورتو آهي. هن چيو ته مان انهن ماڻهن جي عزت ڪريان ٿو جن پنهنجون ملڪيتون ڇڏيون ۽ هتي لڏي آيا. پنهنجي رهائشگاهه تي ڏنل افطار پارٽيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ننڍڙي ڳالهه کي وڌائي وڏو ڪري پيش ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن هنن جو سياسي قد ڪاٺ وڌي وڃي. هن چيو ته مان هميشه دوستي ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪئي آهي پر ڪجهه ماڻهو دشمنيءَ جي ڳالهه ڪري همدرديون حاصل ڪن ٿا ۽ دشمن جي ڳالهه کي اڳتي وڌائين ٿا. هن چيو ته اهڙين چالاڪين کي سنڌ اندر جڳهه نه ملندي. نفرت واري سياست هاڻي ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪي آهي.