سياست اهڙو شعبو آهي، جنهن جو سماجي يا رياستي ڍانچي کي هلائڻ ۾ وڏو ۽ اڻٽر عمل دخل هوندو آهي. جهڙي نموني ٻين شعبن سان لاڳاپيل فرد پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ان شعبي جي سڃاڻپ بڻجندا آهن، ايئن ئي سياسي ڪارڪن سياسي ڌارائن يا رجحانن جي عڪاسي ڪندا آهن. هن وقت ملڪ اندر سياست جا جيڪي اصول ٺاهيا ويا آهن انهن کي ڏسي عام ماڻهو سياست کان باغي نظر اچي ٿو. ڇو ته ان ۾ نفرت ۽ ذاتي مفاد وارا قاعدا ۽ قانون مروج ڪيا ويا آهن، جنهن جي هٿ ۾ ڏنڊو آهي سڀ ان جي حڪم جا طالب آهن، پوءِ اهو حڪم ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار ڇونه هجي. ان سياست کي مفاهمتي سياست چيو وڃي ٿو جڏهن ته سياسي ڪارڪن جا مثبت رويا سماج کي سٺو سياسي دڳ ڏيکاريندا آهن، جيڪي سماجن، قومن ۽ ملڪن جي تعمير ۽ ترقيءَ جا ضامن بڻبا آهن. جڏهن ته ناڪاري سياسي رويا سماج جي تباهيءَ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن. ڪنهن به پارٽي جي طئي ٿيل مقصدن جي حاصلات لاءِ اھو ضروري آھي ته ان پارٽي جو ڪارڪن مستقل مزاج، باشعور، ملڪي توڙي غير ملڪي سياست جي ڄاڻ رکندڙ، پنهنجي منشور ۽ نظريي تي ثابت قدم هجڻ سان گڏوگڏ، پرعزم جدوجهد ڪندڙ هجي. ڇو ته ڪنهن به پارٽيءَ يا تنظيم اندر ڪارڪن ڪرنگهي جي ھڏيءَ جي حيثيت رکندو آھي ۽ ان کانسواءِ تنظيم جو ڍانچو نامڪمل هوندو آهي۔ ليڊر چند هوندا آهن، پر ڪارڪنن لکين هوندا آهن۔ اڄ اسانجي پارٽين وٽ عهدن جا بکيا گهڻا ماڻهو آهن، پر نظرياتي ڪارڪن آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٿيندا پيا وڃن، جنهن ڪري مضبوط پارٽيون نه هجڻ برابر آهن. اهوئي سبب آهي جو جيڪڏهن اليڪشن ٿئي ٿي ته ڪابه پارٽي اڪثريت کان چونڊجي نٿي اچي پوءِ مجبوريءَ ۾ ڪجهه پاڻ ۾ اتحاد ڪري حڪومت ٺاهين ٿيون ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منجهن اختلاف پيدا ٿيڻ لڳن ٿا۔ هن وقت جيڪڏهن اسان سياسي جماعتن تي نظر وجهنداسين ته منجهن ڪارڪنن جي سياسي تربيت جي تمام گهڻي کوٽ نظر اچي ٿي، ذهني ۽ سياسي طور نابالغ نوجوانن جا جٿا پارٽي اڳواڻن جي پويان نعرا هڻندي ۽ جهنڊا جھولائيندي نظر اچن ٿا۔ منجهن اخلاقيات يا تنظيمي طور طريقن ۽ طئي ٿيل قائدن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي۔ منجهن نظم ۽ ضبط جو فقدان نظر اچي ٿو ۽ اهي عدم برداشت جو شڪار آھن. جنهن ڪري ٿوري ڳالهه تي پارٽيءَ اندر وڏو ممڻ مچڻ لڳي ٿو. هڪٻئي تي الزام تراشي ٿيڻ لڳي ٿي. انهيءَ صورتحال ۾ مارڪس جي فلسفي کي اپنائڻ جي سخت ضرورت آهي۔ انهيءَ مان 10 اهم حوالا اوهان اڳيان پيش ڪريان ٿو.