بلاگنئون

مارڪس جي فلسفي جا سياسي اصول ۽ سياست ۾ ڪارڪنن جي اهميت

سياست اهڙو شعبو آهي، جنهن جو سماجي يا رياستي ڍانچي کي هلائڻ ۾ وڏو ۽ اڻٽر عمل دخل هوندو آهي. جهڙي نموني ٻين شعبن سان لاڳاپيل فرد پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ان شعبي جي سڃاڻپ بڻجندا آهن، ايئن ئي سياسي ڪارڪن سياسي ڌارائن يا رجحانن جي عڪاسي ڪندا آهن. هن وقت ملڪ اندر سياست جا جيڪي اصول ٺاهيا ويا آهن انهن کي ڏسي عام ماڻهو سياست کان باغي نظر اچي ٿو. ڇو ته ان ۾ نفرت ۽ ذاتي مفاد وارا قاعدا ۽ قانون مروج ڪيا ويا آهن، جنهن جي هٿ ۾ ڏنڊو آهي سڀ ان جي حڪم جا طالب آهن، پوءِ اهو حڪم ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار ڇونه هجي. ان سياست کي مفاهمتي سياست چيو وڃي ٿو جڏهن ته سياسي ڪارڪن جا مثبت رويا سماج کي سٺو سياسي دڳ ڏيکاريندا آهن، جيڪي سماجن، قومن ۽ ملڪن جي تعمير ۽ ترقيءَ جا ضامن بڻبا آهن. جڏهن ته ناڪاري سياسي رويا سماج جي تباهيءَ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن. ڪنهن به پارٽي جي طئي ٿيل مقصدن جي حاصلات لاءِ اھو ضروري آھي ته ان پارٽي جو ڪارڪن مستقل مزاج، باشعور، ملڪي توڙي غير ملڪي سياست جي ڄاڻ رکندڙ، پنهنجي منشور ۽ نظريي تي ثابت قدم هجڻ سان گڏوگڏ، پرعزم جدوجهد ڪندڙ هجي. ڇو ته ڪنهن به پارٽيءَ يا تنظيم اندر ڪارڪن ڪرنگهي جي ھڏيءَ جي حيثيت رکندو آھي ۽ ان کانسواءِ تنظيم جو ڍانچو نامڪمل هوندو آهي۔ ليڊر چند هوندا آهن، پر ڪارڪنن لکين هوندا آهن۔ اڄ اسانجي پارٽين وٽ عهدن جا بکيا گهڻا ماڻهو آهن، پر نظرياتي ڪارڪن آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٿيندا پيا وڃن، جنهن ڪري مضبوط پارٽيون نه هجڻ برابر آهن. اهوئي سبب آهي جو جيڪڏهن اليڪشن ٿئي ٿي ته ڪابه پارٽي اڪثريت کان چونڊجي نٿي اچي پوءِ مجبوريءَ ۾ ڪجهه پاڻ ۾ اتحاد ڪري حڪومت ٺاهين ٿيون ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منجهن اختلاف پيدا ٿيڻ لڳن ٿا۔ هن وقت جيڪڏهن اسان سياسي جماعتن تي نظر وجهنداسين ته منجهن ڪارڪنن جي سياسي تربيت جي تمام گهڻي کوٽ نظر اچي ٿي، ذهني ۽ سياسي طور نابالغ نوجوانن جا جٿا پارٽي اڳواڻن جي پويان نعرا هڻندي ۽ جهنڊا جھولائيندي نظر اچن ٿا۔ منجهن اخلاقيات يا تنظيمي طور طريقن ۽ طئي ٿيل قائدن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي۔ منجهن نظم ۽ ضبط جو فقدان نظر اچي ٿو ۽ اهي عدم برداشت جو شڪار آھن. جنهن ڪري ٿوري ڳالهه تي پارٽيءَ اندر وڏو ممڻ مچڻ لڳي ٿو. هڪٻئي تي الزام تراشي ٿيڻ لڳي ٿي. انهيءَ صورتحال ۾ مارڪس جي فلسفي کي اپنائڻ جي سخت ضرورت آهي۔ انهيءَ مان 10 اهم حوالا اوهان اڳيان پيش ڪريان ٿو.

سماجي تبديلي عوام کان شروع ٿئي ٿي، اڳواڻ کان نه. تنهنڪري ڪارڪنن کي هميشه عوام ۾ رهڻ، شڪوه شڪايتون ٻڌڻ ۽ انهن حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ ۽ اٿڻ ويهڻ جا ادب سکڻ گهرجن.

حقيقي طاقت تنظيم ۾ آهي، نه ڪي فرد ۾. ان ڪري فردي اڳواڻ نه، پر منظم ٽيم تحريڪ کي اڳتي وڌائيندي آهي.

سرمائيداري نظام پنهنجي اندر ئي پنهنجي تباهي جا ٻج رکي ٿو. انڪري سياسي ڪارڪنن جو ڪم انهن تضادن کي ظاهر ڪرڻ آهي.

طبقاتي شعور بغير، مزدورن جي جدوجهد بي فائدا آهي. تنهنڪري ڪارڪنن کي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لازمي آهي.

نظريو رڳو ڪتابن ۾ نه، پر عملي جدوجهد ۾ زنده رهي ٿو. انڪري سياسي ڪارڪن ڪتاب پڙهي عمل ۾ لاڳو ڪن.

هر حڪمران طبقي جي طاقت جو بنياد اقتصادي ڪنٽرول آهي. تنهنڪري دشمن کي سمجهڻ لاءِ پهريان ان جي اقتصادي طاقت ڏسو.

حقيقي انقلاب تڏهن ايندو جڏهن عوام پاڻ فيصلو ڪرڻ لڳندو. انڪري ڪارڪنن جو ڪم ماڻهن کي پاڻ سوچڻ ۽ فيصلو ڪرڻ تي همٿائڻ ۽ سيکارڻ آهي.

رياست ڪنهن به صورت ۾ غير جانبدار ناهي. انڪري سياسي ڪارڪنن کي هميشه سمجھڻ گهرجي ته رياست حڪمران طبقي جو اوزار آهي.

هر تبديلي هڪ منظم جدوجهد جو نتيجو هوندي آهي. تنهنڪري جذباتي نه پر حڪمت عملي سان تحريڪ هلائڻي آهي.

دنيا کي رڳو سمجهڻ نه، پر ان کي بدلائڻ ئي انقلابي ڪم آهي. ان ڪري ڪارڪنن جو فرض رڳو ڳالهائڻ نه، پر عمل ڪرڻ آهي.

ان کان سواءِ اڻپوري نظرياتي ڄاڻ ۽ پارٽي اصولن ۽ قاعدن کان ناواقفيت پڻ تنظيم کي هاڃو رسائي ٿي. انڪري نوجوان قيادت جي دعويٰ ڪندڙ سياسي جماعتن کي پنهنجي پنهنجي ڪارڪنن جي سياسي تربيت ڪرڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ ذميواريون سنڀاليندڙ سياسي ڪارڪن ڪنهن مونجهاري جو شڪار نه ٿين، بلڪه برجسته ٿي ملڪ ۽ قوم جي حقيقي خدمت ڪري سگهن. ان لاءِ نه صرف سياسي، پر تاريخي، سماجي، علمي، ادبي، جاگرافي ڄاڻ حاصل ڪرڻ بيحد ضروري آهي ان سان گڏوگڏ ڪارڪن جو باڪردار ۽ بي خوف هجڻ به لازمي هجي ٿو. ڇوته عوام پنهنجي اڳواڻ کي ظاهري ۽ باطني قوت کي ڏسڻ سان گڏ مزاحمت ۾ ثابت قدم ۽ مستحڪم ڏسڻ گهري ٿو. جيئن عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو اڄ به ماڻهن کان نٿو وسري جن ماڻهن کيس ڏٺو به نه هو اهي به سندس تقريرون ۽ تحريرون ڏسي موهجي پون ٿا. هو جنرل اسيمبليءَ ۾ پنهنجي ملڪ جي بقا ۽ عوام جي سلامتيءَ ۾ ڪيئن دليرانه انداز ۾ ڳالهائي ٿو ۽ عملي طور تقرير جا ڪاغذ ڦاڙي اڇلائي ٿو. کيس اهو به خوف ناهي ته مستقبل ۾ ان جو نتيجو ڇا نڪرندو!؟ کيس جيل جي سيخن ۾ بند رکيو ويندو يا ڦاسي گهاٽ تي چاڙهيو ويندو. هن پاڪستان جي عوام کي بنيادي حق وٺڻ لاءِ زبان ڏني ۽ پنهنجي پارٽي جو منشور به عوامي رکيو سندس ئي معرفت پاڪستان ائٽمي طاقت بڻيو جنهن مان سامراج کي پڪ ٿي وئي ته جيڪڏهن اهو زنده رهيو ته اسانجو خاتمو اچي ويندو، تنهنڪري ان جي شخصيت ۽ نظرئي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، کيس جسماني طور مارڻ بعد به سندس نظرئي کي مات ڏئي نه سگهيا آهن۔ ائين سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو جهڙن عظيم اڳواڻن جي پختي نظرئي کي اپنائڻ سياست ۾ ايندڙ نوجوان نسل لاءِ بيحد ضروري آهي.