آمريڪا جي صدار تي نظام جو طريقيڪار ايڊووڪيٽ عبدالحميد چاچڙ
دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ کي هلائڻ لاءِ هڪ نظام هوندو آهي جنهن جي ذريعي ملڪن کي هلايو ويندو آهي ڪٿي پارلياماني نظام هوندو آهي ته وري ڪٿي صدارتي نظام هوندو آهي. اهڙيءَ طرح سان گورننس جو نظام هلندو رهي ٿو. پاڪستان ۾ پارلياماني نظام آهي جڏهن ته آمريڪا ۾ صدارتي نظام آهي. جيئن ته 3 نومبر 2020 کان آمريڪا ۾ اليڪشن ٿي رهي آهي ڇو ته هن ملڪ ۾ هر چئن سالن کانپوءِ اليڪشن ٿيندي آهي. هن ملڪ جا جيڪي شهري آهن سڌيءَ طرح سان صدر کي ووٽ ناهن ڏيندا اهي پنهنجي پنهنجي رياستن ۾ اليڪٽورل کي ووٽ ڏيندا آهن ۽ اهي اليڪٽورل وري صدر کي ووٽ ڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح سان اسان وٽ صدر جي چونڊ لاءِ اهو سسٽم هوندو آهي پاڪستان ۾ صدر جي چونڊ لاءِ ايم پي اي ۽ ايم اين اي ووٽ ڏيندا آهن. آمريڪا ۾ مکيه ٻه پارٽيون آهن هڪ ڊيمو ڪريٽڪ ٻي ري پبليڪن ٻيون به ننڍيون پارٽيون آهن، پر انهن جو اليڪشن ۾ اهڙو ڪو خاص ڪردار نه هوندو آهي.
- صدارتي اميدوار جي ڪواليفڪيشن:
جيڪو به آمريڪا جو صدر بڻجڻ جو خواهشمند هوندو ان لاءِ اهو لازمي هوندو ته هو بنيادي طور آمريڪا ۾ پيدا ٿيل هجي ۽ هن جي عمر 35 سالن کان گهٽ نه هجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ آمريڪا ۾ 14 سال رهيو هجي. مطلب ته هڪ اميدوار جيڪو آمريڪا ۾ پيدا ٿيو هجي ۽ 14 سال ملڪ ۾ رهيو هجي ته پوءِ هو صدارتي اميدوار ٿيڻ جو اهل ٿي سگهي ٿو ۽ آئين مطابق ڪوبه اميدوار ٽيون ڀيرو صدر نٿو بڻجي سگهي. آمريڪا جي آئين ۾ 21 مارچ 1947ع ۾ ٻاويهين ترميم ڪري صدر جي ٻيو ڀيرو چونڊ ڪرڻ جي اهليت لاءِ ترميم ڪئي وئي هئي.
- آمريڪي اليڪشن جو طريقيڪار:
آمريڪا جي اليڪشن جو پهريون ڏاڪو پرائمري ۽ ڪانڪس آهي، هن پراسيس ۾ آمريڪا جي رياستن مان اليڪٽورل چونڊيا ويندا آهن آمريڪا ۾ ٻه وڏيون پارٽيون آهن جنهن ۾ ڊيمو ڪريٽس ۽ ري پبلڪن پهرين پنهنجا اليڪشن لاءِ اميدوار چونڊيندا آهن ۽ ان کانپوءِ نيشنل ڪنوينشن منعقد ڪيا ويندا آهن. آمريڪا ۾ سياسي ٻه مکيه پارٽيون آهن هڪ ڊيمو ڪريٽس ۽ ٻي ري پبلڪن. اليڪشن پراسيس ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪافي اميدوار اليڪٽورل ڪاليج جو حصو بڻجڻ جا خواهشمند هوندا آهن، پر مخصوص ۽ مضبوط اميدوارن کي پارٽيون اليڪشن اميدوار لاءِ چونڊينديون آهن. جڏهن 50 رياستن ۾ ڊيليگيٽس چونڊيا ويندا آهن ان کانپوءِ گريٽ ڪنوينشن ٿيندي آهي ۽ انهن سڀني چونڊيل اميدوارن کي جيڪي سموري ملڪ مان چونڊجي اچن ٿا انهن کي ووٽ ڏين ٿا جيڪو اميدوار پنهنجي پارٽي مان وڌيڪ ووٽ کڻي اچي ٿو اهو ئي صدر جو اميدوار بڻجي ويندو آهي.
- نامينيشن آف اليڪٽرز:
آمريڪا ۾ اليڪٽرز جي چونڊ جي مرحلي ۾ هرهڪ پارٽي هرهڪ رياست ۾ اليڪٽرز جي اميدوار لاءِ پنهنجو اميدوار نامزد ڪري ٿي. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اليڪٽرز ڪير هوندا آهن هنن جي چونڊ جو اهليتي معيار ڪيئن هوندو آهي؟ اليڪٽرز جي بنيادي ڪواليفڪيشن ۾ هڪ ڪانگريس جو ميمبر ڪنهن به هائوس جو ميمبر نٿو ٿي سگهي اها هنن جي بنيادي ڪواليفڪيشن آهي. دراصل ۾ ٻه مکيه پارٽيون ڊيمو ڪريٽس ۽ ري پبلڪن پارٽيون آمريڪا جي 50 رياستن ۾ پنهنجا پنهنجا اليڪٽرز جا اميدوار بيهارين ٿيون هرهڪ پارٽي گهٽ ۾ گهٽ 5 کان 8 اليڪٽرز آڻين ٿيون آمريڪا ۾ اليڪٽرز جو تعداد 538 آهي. جهڙي طرح سان ڪانگريس جي ميمبرن جو تعداد 538 آهي اهڙيءَ طرح سان اليڪٽرز جو تعداد به ساڳيو آهي. انهن ئي اليڪٽرز کي آمريڪي شهري جن جي عمر 18 سالن کان مٿي آهي انهن اليڪٽرز کي ووٽ ڏيئي چونڊين ٿا. انهيءَ کانپوءِ جڏهن اهي اليڪٽرز چونڊجي اچن ٿا بعد ۾ پنهنجي پنهنجي رياستن ۾ پارٽي طرفان نامزد ٿيل صدارتي اميدوار کي ووٽ ڏين ٿا. مثال طور: جيڪڏهن فلوريڊا جي رياست جا اليڪٽرز آهن اهي فلوريڊا جي هيڊڪوارٽر گاديءَ جي هنڌ ۾ پنهنجي پارٽي طرفان نامزد ٿيل پريزيڊنٽ ۽ وائيس پريزيڊنٽ جي اميدوار کي ووٽ ڏيندا جڏهن 538 اليڪٽرز جي ووٽنگ جو ٽائيم ختم ٿيندو ان کانپوءِ بيلٽ پيپر ڪانگريس ويندا جتي ووٽن جي ڳڻپ ٿيندي ان کانپوءِ سينيٽ جو چيئرمين نتيجي جو اعلان ڪندو جنهن پارٽي جي صدارتي اميدوار 270 ووٽ يا ان کان مٿي ووٽ کنيا هوندا انهيءَ پارٽيءَ جو صدر منتخب ٿيندو آهي.
- موجوده صدارتي اميدوارن جو مختصر تعارف:
جو بائڊن جيڪو ايندڙ اليڪشن 21-2020 جو ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي طرفان منتخب ڪيل صدارتي اميدوار آهي جيڪو آمريڪا جو 47 هون وائيس پريزيڊنٽ 2009 کان 2017 تائين رهي چڪو آهي ۽ پڻ آمريڪا جو سينيٽر 1973ع کان 2009 تائين رهي چڪو آهي. جو بائڊن آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جو ويجهو ماڻهو آهي ۽ USA جي ڊيپ اسٽيٽ پڻ جو بائڊن جي صدر ٿيڻ لاءِ ڪوششون وٺندي، ڇو ته جو بائڊن آمريڪي فارين پاليسي کي بهتر سمجهي ٿو. ڇو ته ڪنهن به ملڪ کي بهتر هلائڻ ان جا نيشنل انٽريسٽ هوندا آهن ۽ نيشنل انٽريسٽ کي مد نظر رکي ملڪي خارجه پاليسي هلائي ويندي آهي. ٻئي طرف 2020 جي اليڪشن ۾ موجوده صدر ٽرمپ ري پبلڪن پارٽي پاران چونڊجي آيل صدارتي اميدوار آهي. ڊونلڊ ٽرمپ 20 جنوري 2020 کان آمريڪا جو 45 هون صدر آهي. بنيادي طور تي ڊونلڊ ٽرمپ بزنس مين آهي. شروعاتي طور تي جڏهن ٽرمپ نئون صدر ٿيو هو ان وقت کان ئي هو پاڪستان مخالف بيان ڏيندو پيو اچي. جڏهن پاڪستان، آمريڪا ۽ افغانستان جي وچ ۾ امن لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ شروع ڪئي ته ان کانپوءِ پاڪستان سان فارين پاليسي ۾ آمريڪا جا لاڳاپا ڪجهه بهتر ٿيا آهن. موجوده صورتحال ۾ آمريڪا طالبان ۾ جيڪا ڪجهه ڊولپمينٽ ٿي آهي انهيءَ صورتحال کانپوءِ طالبان طرفان تازو بيان آيو آهي ته ٽرمپ هڪ سڌو ۽ سچو ماڻهو آهي ۽ ٽرمپ طالبان سان امن معاهدو ڪرائڻ لاءِ مڪمل زور ڏيندو ته جيئن اليڪشن مهم ۾ ڪجهه فائدو ٿئي ۽ ڪجهه ذريعن مان پڻ اهو به معلوم ٿيو آهي ته جيڪڏهن ٽرمپ هن صدارتي معرڪي ۾ هارايو ته هو هن اليڪشن جي نتيجن کي نه مڃيندو ۽ هو دنيا ۾ نئون محاذ کولي آمريڪا لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿو. هاڻي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ آمريڪا جو نئون صدر ڏسجي ته ڪير ٿو ٿئي؟

