پي آئي اي جي اڏام ۾ هڪ ئي وقت ٽن مسافرن کي دل جو دورو، هڪ عورت لاڏاڻو ڪري وئي

 

پي آئي اي جي جده کان اسلام آباد اچڻ واري اڏام ۾ ٽن مسافرن کي دل جو دور پيو، جن مان هڪ عورت ڏالاڻو ڪري وئي. جده کان اسلام آباد وڃڻ واري پي آئي اي جي اڏام پي ڪي-742 ۾ سوار 225 کان وڌيڪ مسافرن مان هڪ ئي وقت ٽن مسافرن جي اوچتو طبيعت خراب ٿي پئي، مسافرن کي دل جو دورو پيو هو. ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر پاران اجازت تي جهاز کي ڪراچي ايئرپورٽ تي لاٿو ويو. سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ايمبولينس، ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو اڏام جي لينڊ ٿيندي ئي رن وي تي پهتا. مسافرن ۾ صوابي سان تعلق رکندڙ ماهالا بي بي نالي عورت مسافر دل جي دوري پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري وئي. جڏهن ته ٻين ٻن مسافرن ۾ محمد رفيق ۽ ان جي گهرواري صابره بي بي کي به دل جو دورو پيو جن کي اسپتال پهچايو ويو.