اڄ اسان ھڪ اهڙي دور ۾ جي رهيا آهيون، جتي فڪر جي گهرائيءَ بدران رفتار کي اهميت ڏني وڃي ٿي! ڇا هن ڊجيٽل دور ۾ ڪو نئون غالب، رومي، اقبال يا شاهه لطيف پيدا ٿي سگهي ٿو؟ يا اسان صرف ھڪ اهڙو نسل تيار ڪري رهيا آهيون جيڪو رڳو “سوشل ميڊيا” جي دنيا ۾ اسڪرولنگ ڪندي مست ۽ مگن آهي! دراصل هي هڪ حيران ڪندڙ حقيقت آهي ته اڄ جو نئون نسل، جنهن کي جنريشن زي (Gen Z) چيو وڃي ٿو، اھو ٽڪ ٽاڪ، ريلز ۽ شارٽ وڊيوز جو اهڙي ته عادي ٿي ويو آهي جو هاڻي انهن لاءِ ڊگهيون وڊيوز ڏسڻ، ڪتاب ته ڇڏيو ڪا تفصيلي لکڻي پڙهڻ به مشڪل ٿيندو پيو وڃي. انھيءَ ڪري هن صورتحال ۾ نه رڳو پيغامن کي مختصر ڪرڻو پوي ٿو، پر انهن جو لبِ لباب به چند لفظن ۾ سمائڻ ضروري بڻجي ويو آهي.
ان جو سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿي رهيو آهي ته هي نسل نه رڳو ڪتابن کان پري ٿي ويو آهي، پر گهري تحقيق ۽ ڊگهي معلوماتي مواد ۾ به انهن جي دلچسپي گهٽجندي پئي وڃي. ٽڪ ٽاڪ جا وڊيوز، يوٽيوب جا شارٽس ۽ فيس بُڪ ۽ انسٽاگرام جا ريلز مسلسل ڏسڻ سبب انهن جو Attention Span گهٽ ٿي ويو آهي. سائنسي تحقيق ٻڌائي ٿي ته مسلسل مختصر مواد ڏسڻ سان دماغ فوري تسڪين جو عادي ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن ڪا ڊگهي تحرير يا وڊيو سامهون اچي ٿو ته ذهن بيزاري محسوس ڪري ٿو. انھيءَ ڪري ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام ريلز جو الگورٿم ئي اهڙي ريت ٺاهيو ويو آهي جو هر 15 کان 30 سيڪنڊن ۾ نئون مواد ڏسندڙ جي اڳيان اچي وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ گهرائي سان سوچڻ جي عادت آهستي آهستي ختم ٿي رهي آهي. اهڙي ماحول ۾ سوال اڀري ٿو ته ڇا اڄ جي ھن ڊجيٽل سوشل ميڊيا جي وٺ وٺان واري دور ۾ ڪو نئون مرزا غالب جنم وٺي سگهي ٿو، جنهن جو هر شعر فڪر جو سمنڊ هجي؟ ڇا ڪو مولانا جلال الدين رومي پيدا ٿي سگهي ٿو، جيڪو عشق ۽ روحانيت کي زمانن کان مٿانهون کڻي وڃي؟ ڇا ڪو علامه محمد اقبال جهڙو مفڪر اڀري سگهي ٿو، جيڪو “خودي” جو فلسفو ڏئي قومن کي جاڳائي؟ ۽ ڇا سنڌ ڌرتي وري ڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو شاعر ڏسي سگهندي، جنهن جي رسالي ۾ زندگيءَ جي هر ڪيفيت جو ترجمو ملي؟ انهن سڀني شخصيتن ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ هئي: مطالعو، تفڪر ۽ خاموشي، غالب فارسي ۽ اردو ادب جو گهرو عالم هو، رومي بلند پائي جو ھڪ ڏاھو ۽ داناء ھو جنهن جي مثنوي صدين کان روحاني تربيت جو ھڪ سرچشمو ثابت ٿيندي رھي آهي. اقبال يورپ جي فلسفي کي پڙهي ان کي اسلامي فڪر سان جوڙي نئون فڪري نظام پيش ڪيو. شاهه لطيف پنهنجي دور جي سماجي، روحاني ۽ انساني ڪيفيتن کي بيتن ۾سمائي ڇڏيو. اهي ماڻهو “اسڪرول” نه ڪندا هئا؛ اهي سوچيندا هئا، پڙهندا هئا، جهيڙيندا هئا، سوال ڪندا هئا.
اڳ ۾ وار اينڊ پيس يا ڪرامازوف برادرز جهڙا ضخيم ھزارين صفحن تي مشتمل ڪتاب لکيا ويندا ھئا ۽ ماڻهو وڏي شوق سان پڙهندا هئا، ڇو ته ان وقت پڙهڻ هڪ ذهني رياضت هئي، پر هاڻي حال اهو آهي جو ڪيترائي نوجوان هڪ پيراگراف به مڪمل ڌيان سان پڙهڻ لاءِ تيار ناهن! مون کان ڪجهه شاگردن جوش ۾ اچي صلاح ورتي ته سائين سنڌي ادب جو ڪو ناول ٻڌايو ته پڙھون! مون چيو توهان في الحال ھلڪيون ڦلڪيون ڪھاڻيون پڙھو، پر گھڻو زور ڀرڻ تي مون کين امر جليل جو “نيٺ گونگي ڳالھايو” علي بابا جو “موئن جو دڙو” ۽ ڏيپلائي جو “سانگھڙ” رڪمينڊ ڪيو. ويچارا جلدي وٺي به آيا پوءِ چوڻ لڳا سائين ھي ته وڏا ليندي (Lengthy) آھن ڪير پڙھي ايڏو! مبشر زيدي جي سو لفظن تي مشتمل ڪھاڻي ٽائپ جھڙو مواد ٻڌايو اسان کي! دراصل ڏوهه انهن جو به ناھي، ڇو ته انهن کي دماغي طور تي ھر شي مختصر ۽ شارٽ ڪري پيش ڪئي وئي آھي ۽ ھاڻي انهن جو دماغ ڪنهن به وڊيو ڪتاب يا مضمون کي تفصيل سان وٺڻ لاءِ تيار نٿو ٿي!
اڄوڪي دور ۾ AI به بحث جو حصو آهي. مصنوعي ذهانت اسان لاءِ معلومات ڳولهي ڏئي ٿي، خلاصو ٺاهي ڏئي ٿي، خيال به ترتيب ڏئي ٿي. مطلب ھر سوال جو جواب اڳ ۾ ئي اسان جي لاءِ تيار پيو آھي. انهيءَ ڪري سوال جي باري ۾ سوچڻ يا ان جي جواب کي ڳولهڻ جي جستجو وارو پھلو ختم ٿي چڪو آھي ۽ اسان جي ذهن کي جاکوڙ ڪرڻ جو موقعو ئي نٿو ملي. ھاڻي جڏهن هر شيءَ جو مختصر جواب ملي وڃي ته ڇا اسان ڊگهي جستجو ڪرڻ لاءِ تيار رهنداسين؟ يا اسان جو ذهن آهستي آهستي تيار ٿيل نتيجن جو عادي بڻجي ويندو؟ ھاڻي ٿورو غور ڪرڻ سان خبر پوندي ته مسئلو ٽيڪنالاجي نه، پر ان تي موجود ھر شي جو آساني سان دستياب ھجڻ آھي ۽ جڏهن هر شيءِ فوري، مختصر ۽ “وائرل” ٿي ملي ته پوءِ ڪھڙو بيوقوف غور ۽ فڪر ڪري پنهنجو وقت وڃائيندو! ۽ جڏهن سماج غور ۽ فڪر جو پھلو وڃائي ويهي، تڏهن وڏا مفڪر گهٽ پيدا ٿيندا آهن. ڇو ته غالب جو هڪ شعر سمجهڻ لاءِ پسمنظر کپي؛ رومي جي هڪ تمثيل لاءِ روحاني ذوق کپي؛ اقبال جي هڪ نظم لاءِ تاريخي شعور کپي؛ شاهه لطيف جي هڪ سر لاءِ ڌرتيءَ سان رشتو کپي.
پر ان سڀ جي باوجود به اسان کي نا اميد نه ٿيڻ گھرجي. ڇو ته هر دور جون پنهنجون مشڪلاتون ۽ تقاضائون هونديون آهن. انھيءَ ڪري ممڪن آهي ته ايندڙ غالب يا شاهه لطيف ڪنهن ڊجيٽل پليٽ فارم تان اڀري. شايد هو مختصر وڊيو ۾ به گهري ڳالهه ڪري سگهي، پر شرط اهو آهي ته هو پاڻ مطالعو ڪندڙ هجي، فڪر ڪندڙ هجي ۽ اندر ۾ سوالن جو طوفان رکندڙ هجي.
جيڪڏهن جنريشن زي ڪتابن کان پري رهي ته وڏا فڪر جنم وٺڻ مشڪل ٿي پوندا. ڇو ته وڏو ادب تڪڙي واهه واهه لاءِ نه، پر صبر واري پڙهڻ لاءِ لکيو ويندو آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته نئون اقبال پيدا ٿئي ته اسان کي پڙهڻ جي ثقافت کي جيارڻو پوندو. جيڪڏهن نئون لطيف گهرجي ته دلين ۾ درد، سوال ۽ سچائي جي تلاش پيدا ڪرڻي پوندي. اڄوڪو ڊجيٽل دور دشمن ناهي، پر آزمائشي ضرور آهي. سوال اهو ناهي ته ٽڪ ٽاڪ يا AI موجود آهن؛ سوال اهو آهي ته ڇا اسان انهن جا غلام بڻجنداسين يا اوزار طور استعمال ڪنداسين؟ جيڪڏهن ذهن رڳو مختصر جوابن جو عادي ٿي ويو، ته فڪر جي گهراائي گهٽ ٿيندي ويندي، پر جيڪڏهن ٽيڪنالاجي کي علم تائين رسائيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو ته شايد هي دور به ڪنهن نئين مفڪر جي جنم جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ڇو ته غالب، رومي، اقبال ۽ شاهه لطيف وغيره جهڙا ماڻهو حادثي سان پيدا ناهن ٿيندا؛ اهي سماجي، علمي ۽ روحاني فضا جو نتيجو هوندا آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوانن کي مطالعو، سوال ڪرڻ يا غور ۽ فڪر سيکارينداسين ته هن ڊجيٽل دور ۾ به ڪو نئون ستارو اڀري سگهي ٿو، پر جيڪڏهن اسان رڳو اسڪرول ڪندا رهياسين ته شايد اسان وٽ خبرن جون هيڊ لائينز ته هونديون، پر تاريخ ٺاهڻ وارا ذهن نه هوندا.