سپريم ڪورٽ ۾ اڄ کان ڪيسن ۾ التوا جو تصور ختم سمجهيو وڃي: چيف جسٽس پاڪستان
چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جو التوا وارو تصور ختم سمجهيو وڃي، هڪ مقدمي جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ داخل مقدمن ۾ دير نه ٿيڻ متعلق پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته ذهن مان اهو تصور ڪڍي ڇڏيو ته هاڻي ڪيسن ۾ تاريخ ڏني ويندي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ تمام گهڻا ڪيس زير التوا آهن، ڪنهن به ڪيس ۾ هڪ تاريخ تي فريقن کي نوٽيس ۽ ٻين ٻڌڻيءَ تي دليلن تي فيصلو ٿيندو. چيف جسٽس چيو ته اهو پيغام سڀني جي لاءِ آهي ته هاڻي ڪيسن ۾ دير نه ٿيندي. هن اهو به چيو ته سپريم ڪورٽ آخري عدالت آهي، جتي سڀني ڪيسن جي فيصلن جو رڪارڊ پهرين کان موجود هوندو آهي. واضح رهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هلندڙ مهيني 17 سيپٽمبر 2023 تي بطور چيف جسٽس آف پاڪستان حلف کنيو آهي.