بلاگنئون

سنڌي ادبي سنگت جي ڪهڙي ضرورت؟

هاڻوڪي سنڌي ادبي سنگت پليٽ فارم جو ذڪر ايندي ئي اسان کي هڪ اهڙي پليٽ فارم برٽش رائل سوسائٽي آف لٽريچر جي ماضي جو يادگيرو اچي وڃي ٿو. جنهن وڏن وڏن اديبن کي ذهني دٻاءُ، سخت تنقيد ۽ مقابلي بازي ڪري وڃائي ڇڏيو. رڪنيت جي رد ٿيڻ جي خوف، گروپ بندي ۽ تنقيدي مقابلي جي زهر، هن پليٽ فارم يعني برٽش رائل سوسائٽي آف لٽريچر، وڏن وڏن اديبن کي ذهني مريض ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪيترا اديب پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا. برٽش رائل سوسائٽي ۾ هميشه مختلف ادبي نظريا (ڪلاسيڪل بمقابله جديد) پاڻ ۾ ٽڪرائيندا رهيا. جڏهن ڪنهن ليکڪ جي سڄي عمر جي محنت کي ڪنهن اجلاس ۾ سخت تنقيد يا بي عزتي جو نشانو بڻايو ويندو هو ته اها بي عزتي کين ساهه جي گهٽن تائين وٺي ويندي هئي. هن پليٽ فارم تي هڪ ليکڪ جي ٻئي ليکڪ سان مقابلي کي ائين ڏٺو ويندو هو جيئن ڪو جنگ جو ميدان هجي. جڏهن ڪو همعصر اديب اڳتي نڪري ويندو هو ۽ ٻيو پويان رهجي ويندو هو، ته اها ساڙ ۽ حسد جي باهه کين اندر ئي اندر کائي ويندي هئي، جنهن جو نتيجو اڪثر دل جي بيمارين جي صورت ۾ نڪرندو هو. هن مهل ڏٺو وڃي ته سنڌي ادبي سنگت جيڪا دنيا جي اڪيلي ادبي تنظيم آهي، ان جي حالت به ساڳي بڻجڻ جي ڪنڌيءَ تي پهتل آهي، جنهن جو رامچندر اوڏ جو اوچتو وڇوڙو، جيڪو سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان هارائڻ ڪري عمل ۾ آيو چٽو مثال آهي. اسان کي سنڌي ادبي سنگت جي ڪهڙي ضرورت آهي، هيٺ ڪجهه نقطا پيش ڪريان ٿو..

ادبي ڪم: هن مهل ادبي سنگت ۾ ڪوبه اهڙو رسالو مئگزين نٿو نڪري، جنهن ۾ سڀني شاخن جي ميمبرن کي موقعو ملي، سنگت نالي هڪ رسالو اهو به وڏن اديبن جي ور چڙهيل آهي، جيڪڏهن ان ۾ ڪو خاطر خواهه ڪم نه پيو ٿئي يا اڄوڪي شاعرن جي شاعري جا گڏيل مجموعه نٿا ڇپجي سگهن. جيئرن کي ته ڇڏيو پر وفات ڪيل شاعرن جو ڪو مواد ڇپيو آهي؟ ناهي ڇپيو ته پوءِ ادبي ڪم نه ايندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ڪهڙي ضرورت؟

مقابلي جي ڊوڙ: هر ٻئين سال اليڪشن جي مقابلي ۾ غير اخلاقي لفظن کان وٺي، بيٺل اميدوارن کي سياسي ماڻهو هجڻ جو طعنو، دوستيون ٽٽڻ، اوچتو گرمه گرمي، سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلن جو رعب ڄمائڻ، توڙي جو انهن کي ڪو سڃاڻي به نه، پر اليڪشن ايندي ئي اهي شينهن ٿي ويندا آهن، پوءِ لفظن جي گولا باري، پنهنجي (Candidate) کي مٿي ۽ ٻئي کي هيٺ ڪرڻ، اليڪشن تي تجزيا ڪرڻ ڪنهن به حوالي سان هڪ ادبي ۽ خاموش ڪم ڪندڙ اديب شاعر ليکڪ لاءِ فائديمند، سازگار ناهي. پوءِ اها ادبي سنڌ جي اليڪشن نه، پر سياسي اليڪشن چئبي. جيڪڏهن سياسي ادبي سنگت آهي، ته پوءِ ان جي ڪهڙي ضرورت؟

گڏجاڻين جو مقصد: سال ۾ هڪ يا ٻه چڪر ڪنهن شاخ ۾ گڏجاڻي ٿيندي آهي، اها به تڏهن جڏهن مرڪز اعلان ڪندو آهي، (مرڪز جو اصل پتو ڪهڙو آهي، خبر ئي ناهي، ان پليٽ فارم جا ماڻهو، رسالا يا مواد ڪاٿي گڏ ڪندا آهن، لکندڙ ڪيئن مواد موڪليندا آهن، خبر ئي ناهي. يعني مرڪز خود گم آهي جيڪا ڪڏهن ڪنهن هوٽل ۾ ويٺي آهي ته ڪڏهن سنڌ جي ڪنهن ٻئي اداري ۾، يعني پنهنجو ڪو پتو ئي ناهي.) جنهن ۾ به چانهه پيتي نه پيتي، ٻه ڳالهيون ڪري، سڀ ڪو هليو ويندو آهي، نه ڪا اصلاح نه ڪا تنقيد، نه ڪا ادبي ڪم جي پوئيواري، ماڻهن کي به زوري وٺي اچي ويهارڻ، يعني ڪجهه به نه، جيڪڏهن شاخن ۾ ڪجهه آهي ئي نه ته پوءِ ادبي سنگت جي ڪهڙي ضرورت؟

ميمبرشپ جو مطالبو شاخن جو الحاق: سنڌي ادبي سنگت جو مقصد، ادب جي واڌ ويجهه ڪرڻ آهي، هي ڪهڙي واڌ ويجهه آهي، ڪڏهن ڪنهن اديب جي ميمبرشپ معطل ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن شاخون الحاق، شاخون يا ميمبر شپ بند ٿيندي ئي، رڙيون دانهون ڪوڪون، طعنه مهڻا، وري مرڪز طرفان جلدي بازي جو اظهار، ڪاوڙ ڪروڌ مٿان نالو وري ڀائيچاري ۽ ادب جي واڌ ويجهه جو. اگر هن پليٽ فارم تان پاڻ کي برداشت ڪرڻ يا پنهنجي پليٽ فارم جي دوستن جي عزت ڪرڻ جو نظريو ختم ٿي ويو آهي ته پوءِ ادبي سنگت جي ڪهڙي ضرورت؟

نوجوانن لاءِ ڪيل جستجو: هر اليڪشن کان ٻئي اليڪشن تائين چپ، ۽ اليڪشن ايندي ئي، واعدن جي ڀر مار، گذريل وقت ۾ ڇا مليو، ڪجهه به نه، هاڻي ڇا ملندو ڪجهه به نه. سنڌي ادبي سنگت ڪهڙن نوجوانن کي اڳتي آندو آهي؟ ڪهڙا نوجوان ادبي سنگت مان تنقيد، ڪهاڻي شاعري يا ڪنهن به ادبي صنف ۾ اڳتي آيا آهن، گذريل پنجن ڇهَن سالن ۾؟ ڪو به نه. جنهن پليٽ فارم تان نوجوان صرف نالي ماتر شريڪ ٿين يا نالي ماتر انهن جي شموليت ٿئي ته پوءِ ان ادبي سنگت جي ڪهڙي ضرورت؟

ادبي سنگت طرفان آيل انقلاب: انقلاب ته اچڻ وارو آهي ۽ اهو به سنڌي ادبي سنگت مان ايندو. جنهن تنظيم جي مرڪز جو ڪو مستقل پتو ئي نه هجي، جيڪا ڪڏهن هوٽلن ته ڪڏهن عارضي اوطاقن ۾ هلندي هجي، اها ضرور انقلاب آڻيندي. جنهن اڄوڪي پيرن سان سنڌي ادبي سنگت هلي ٿي، ان جا نتيجا هڪ ڏينهن اڃان وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿيندا. تنهنڪري جنهن سنڌي ادبي سنگت جي وجود کي صرف اليڪشن، ووٽ، مقابلي جي ميدان تائين پهچايو ويو آهي، اها رامچندر اوڏ جي صورت ۾ اڃان وڌيڪ لاش اسان کي ڏيندي، تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ادارو سڌري نٿو سگهي ته ان کي بند ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي، پر هنن ساڳين پيرن سان سنڌي ادبي سنگت کان پري رهڻ بهتر رهندو…