هاڻوڪي سنڌي ادبي سنگت پليٽ فارم جو ذڪر ايندي ئي اسان کي هڪ اهڙي پليٽ فارم برٽش رائل سوسائٽي آف لٽريچر جي ماضي جو يادگيرو اچي وڃي ٿو. جنهن وڏن وڏن اديبن کي ذهني دٻاءُ، سخت تنقيد ۽ مقابلي بازي ڪري وڃائي ڇڏيو. رڪنيت جي رد ٿيڻ جي خوف، گروپ بندي ۽ تنقيدي مقابلي جي زهر، هن پليٽ فارم يعني برٽش رائل سوسائٽي آف لٽريچر، وڏن وڏن اديبن کي ذهني مريض ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪيترا اديب پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا. برٽش رائل سوسائٽي ۾ هميشه مختلف ادبي نظريا (ڪلاسيڪل بمقابله جديد) پاڻ ۾ ٽڪرائيندا رهيا. جڏهن ڪنهن ليکڪ جي سڄي عمر جي محنت کي ڪنهن اجلاس ۾ سخت تنقيد يا بي عزتي جو نشانو بڻايو ويندو هو ته اها بي عزتي کين ساهه جي گهٽن تائين وٺي ويندي هئي. هن پليٽ فارم تي هڪ ليکڪ جي ٻئي ليکڪ سان مقابلي کي ائين ڏٺو ويندو هو جيئن ڪو جنگ جو ميدان هجي. جڏهن ڪو همعصر اديب اڳتي نڪري ويندو هو ۽ ٻيو پويان رهجي ويندو هو، ته اها ساڙ ۽ حسد جي باهه کين اندر ئي اندر کائي ويندي هئي، جنهن جو نتيجو اڪثر دل جي بيمارين جي صورت ۾ نڪرندو هو. هن مهل ڏٺو وڃي ته سنڌي ادبي سنگت جيڪا دنيا جي اڪيلي ادبي تنظيم آهي، ان جي حالت به ساڳي بڻجڻ جي ڪنڌيءَ تي پهتل آهي، جنهن جو رامچندر اوڏ جو اوچتو وڇوڙو، جيڪو سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان هارائڻ ڪري عمل ۾ آيو چٽو مثال آهي. اسان کي سنڌي ادبي سنگت جي ڪهڙي ضرورت آهي، هيٺ ڪجهه نقطا پيش ڪريان ٿو..