ٻن ڏينهن کان قيصر نظاماڻي ۽ فضيلا قاضي جي پٽ زورين نظاماڻي جو هڪ وڊيو بيان جنهن ۾ هو سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، وائرل ٿيل آهي. ان وڊيو باشعور ذهنن ۾ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن کي ايمرجنسي بنيادن تي اسڪولن جي عمارتن جي تعمير کان وٺي انهن جي اندر جديد لائبريرين، ليبارٽرين، راند جي ميدانن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جديد نصاب سان آراسته ڪري سنڌ جي ننڍن شهرن کان وٺي وڏن شهرن تائين هڪ اهڙو نظام لاڳو ڪري جيڪو نه صرف علم دوست، سنڌ دوست، گڏوگڏ علمي ۽ فڪري طاقت پيدا ڪري نوجوانن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان درست نموني ڳنڍي سگهي. هن وقت اسان جا اسڪول غير معياري عمارتن، غير معياري نصاب ۽ غير معياري ماحول ۾ مئل حالت ۾ موجود آهن، جتي نه شاگرد آهن نه ئي استاد وڃڻ پسند ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو 60 کان 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ هڪ خاص طبقو پنهنجن ٻارن کي مهانگن خانگي اسڪولن ۾ پڙهائي ٿو، پر هاڻي ته لوئر مڊل ڪلاس به پنهنجن ٻارن کي پنهنجي حيثيت مطابق خانگي اسڪولن ۾ اماڻي ٿو. ڇو ته انهن کي خبر آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي نه هجڻ برابر آهي. نه ٻارن کي تنقيدي سوچ ڏني وڃي ٿي ۽ نه ئي انهن اندر ليڊرشپ واريون صلاحيتون پيدا ڪرڻ وارو ماحول موجود آهي. ان ڪري والدين پنهنجي ڪمائيءَ جو هڪ وڏو حصو انهن اسڪولن تي خرچ ڪن ٿا، جيڪي ٻارن کي پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ ڌرتيءَ کان پري ڪرڻ لاءِ ماحول جوڙين ٿا.
اڳتي هلي اهي ٻار جڏهن پڙهائي يا نوڪريءَ لاءِ ٻاهر وڃن ٿا ته انهن کان اهو به وسري وڃي ٿو ته سندن ابن ڏاڏن هن ڌرتيءَ تي ڪيئن پنهنجو مستقبل جوڙيو، ڪيترا فائدا حاصل ڪيا ۽ ڪيئن هنن هن ڌرتيءَ تان عزت ڪمائي، نالو ڪمايو، منصب حاصل ڪيا، اهو سڀ وساري ان کوهه جي ڏيڏر وانگر ٿي وڃن ٿا جن لاءِ کوهه مان نظر ايندڙ آسمان ئي ڪل آسمان آهي. اهي ٻار پنهنجين پاڙُن کان ڌار ٿي وڃن ٿا ۽ آخر انتها درجي تي پهچي دشمن جي ٻولي ڳالهائڻ لڳن ٿا ۽ سنڌ دشمنيءَ ۾ ايترو اڳتي وڌي وڃن ٿا جو ان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندي شرمندگي محسوس نٿا ڪن. ڇو ته اهي ڌرتيءَ کي صرف هڪ زمين جو ٽڪرو سمجهن ٿا ۽ هو ڪنهن هڪ سياسي پارٽيءَ خلاف پنهنجو موقف بيان ڪرڻ وقت ڌرتيءَ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندي نٿا ڪيٻائين. کين اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سندن لفظ تاريخ ۾ لکجي چڪا آهن ۽ سنڌ جو عوام انهن لفظن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو. سٺو ٿئي ها ته زورين نظاماڻي جا والدين پنهنجي پٽ جي ان سنڌ دشمنيءَ واري بيان تي ڪو وضاحتي بيان جاري ڪن ها يا پنهنجي پٽ کان معذرتي بيان جاري ڪرائين ها ته جيئن سنڌ جي عوام جي دل تي ڪو ڇنڊو پوي ها. جيڪڏهن اها روش جاري رهي ته پوءِ اها به حقيقت آهي ته زورين نظاماڻي صرف اڪيلو ناهي، بلڪه پاڪستان کان ٻاهر اهڙا ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا جن کي اسان جو دشمن آسانيءَ سان اهڙو بيانيو ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو جيڪو سنڌ جي عوام لاءِ ڪڏهن به قابل قبول نه هوندو. هن نوجوان جي بيانيي کي به اهڙي نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڪٿي هي نوجوان به ڪنهن دشمن جي هٿ ۾ ته نه کيڏي رهيو آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته زندگيءَ جون حقيقتون، تڪليفون ۽ جدوجهد ڇا ٿيندي آهي. هن ته شايد پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو ڌارئين ڌرتي تي گذاريو آهي. ان ڪري ساڻس همدردي ڪري سگهجي ٿي، ان جي ذهني غربت ۽ معذوري تي افسوس ڪري سگهجي ٿو. سندس ان بيان ماڻهن کي سندس والدين جي تربيت تي به آڱر کڻڻ جو موقعو ڏنو آهي. اهڙي وقت ۾ انهن سڀني سنڌي خاندانن کي هڪ پيغام وڃي ٿو ته اهي پنهنجي ڌرتيءَ کان پري رهي پنهنجي ٻارن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪيئن ڳنڍي رکي سگهن ٿا.
ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي تعليمي نظام کي هڪ دفعو وري جاچيون، جتي اسان جا ٻار پڙهن ٿا انهن اسڪولن ۾ سندن ڪهڙي ذهن سازي ڪئي وڃي ٿي، کين ڪهڙيءَ ريت آهستي آهستي پنهنجي ثقافت ۽ ڌرتيءَ جي محبت کان پري ڪيو وڃي ٿو. ان تي والدين کي ڪهڙي شعوري ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آهي جو اهي ٻار پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان ڳنڍجي هلي سگهن. هن نوجوان جي بيانيي سماج جي بيٺل پاڻيءَ ۾ هڪ پٿر اڇلائي سوال جون لهرون پيدا ڪيون آهن ته اسان جو سرڪاري اسڪولي نظام تباهيءَ سبب خانگي نظام کي پنهنجي جاءِ ڏئي نوجوان ذهنن کي پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌار ڪري رهيو آهي. ان کي سڌارڻ لاءِ اسان سڀ گڏجي ڇا ڪري سگهون ٿا. جتي اسان جي ٻولي، قدر، ثقافت ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان ڳنڍجڻ جو احساس بچي سگهن. هن وقت اسان ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن ۾ ورهائجي پنهنجن مفادن جي ور چڙهي رهيا آهيون. ان لاءِ اسان جو دفاعي مورچو صرف اسان جو سرڪاري اسڪول ٿي سگهي ٿو، جتي اسان جو ٻار پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪري، جديد اسڪول، جديد تعليمي ڪلچر ان ٻار کي اها تربيت ڏئي جو هو اهڙين ٻاهرين دشمن قوتن جي هٿان استعمال نه ٿي سگهي.