ڪهاڻي: ٽن لفظن جو رشتو
تحرير: ڊاڪٽر راحيله محسن
ٽن لفظن سان ڳنڍيل عورت ذات جي زندگي، ڌيءَ، ماءُ ۽ ڀيڻ جي شڪل ۾ ته ٽن لفظن ۾ ڪيترو نه احترام، محبت ۽ پنهنجائپ آهي، پيءَ ڌيءَ لاءِ جذباتي ۽ ماءُ جي لاءِ پٽن ۾ جوش ۽ محبت ۽ ڀائر ڀينرن جا لاڏلا.
پر چوٿون رشتو جيڪو زال جو آهي، سو فقط ۽ فقط ٽن لفطن جي چوڌاري گهمي ٿو ۽ اهي ٽي لفظ هر عورت جيڪا زال آهي ان تي تلوار جيان ٽنگيل آهن.
هوءَ اڪثر اهو سوچيندي رهندي هئي ته اهڙو رشتو جيڪو فقط ٽن لفطن جو محتاج آهي ڇا ان کي واقعي به ڪو رشتو چئي سگهجي ٿو؟ هيءَ ڪهڙو تعلق آهي؟ جن ڏينهن ۾ هوءَ آمريڪا ۾ پڙهي رهي هئي. ان وقت انهيءَ آزاد سماج ۾ سندس ساهيڙيون سڀ آزاد خيالن جون هيون جن جي چوڻ موجب زال ۽ مڙس جو ته ڪو رشتو ئي ڪونه هوندو آهي. اهي رشتيدار ٿوري هجن ٿا اهو ته هڪ سمجهوتو آهي. سمجهه ۾ آيو ته ٺيڪ آهي نه ته جدا ٿيڻ ۾ ڪو به حرج ڪونهي، هر ڪو پنهنجي مرضيءَ سان حياتي گهارڻ ۾ بااختيار آهي، حالانڪه سندس نظر ۾ ته اهو هڪ پاڪ ۽ بنيادي رشتو آهي. ڀلي هتي جي سماج ۾ ڪجهه ماڻهو زال کي (Legal Prostitute) قانوني طوائف سڏين، پر سندس مَن اهڙين بيهودين ڳالهين کي مڃڻ لاءِ تيار نه هو.
هڪ ڏينهن موسم تمام سٺو ۽ خوشگوار ڏسي کيس پڻ خوشبوئن جو احساس ٿيڻ لڳو هن جي حياتيءَ ۾ ڪو به اهڙو درد جو درمان ڪندڙ سونهون نه آيو هو جنهن جي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي هوءَ پنهنجي نرمل احساسن ۽ ڪومل جذبن کي ونڊي. فون جي گهنٽي کيس نرم هوا جو جهوٽو لڳي جو ٻئي پاسي يونيورسٽي جي ساٿيءَ عامر کيس مانجهاندي جي دعوت ڏني. عامر سلجهيل سڀاءُ وارو ذهين ڇوڪرو هو. هوءَ ساڻس ڪيترا دفعا ملي چڪي هئي. اڄوڪي دعوت دِل سان قبول ڪيائين.
ٽن لفطن جي بحث واري خوف تي قابو پائيندي ڪجهه ئي دير ۾ هوءَ عامر جي اڳيان ويٺل هئي. عامر سندس سهڻو استقبال ڪيو سڄي ميز تي گلن جو من موهيڻو واس وٺندي چوڻ لڳو. I Love You
هڪدم سڄي فضا خوشين سان ڀرجي وئي. اهي ٽي لفظ ڪيترا نه مختلف هئا. دل جي گهراين سان خوشگوار محبت جي خماريل مُرڪ سندس منهن تي واسو ڪيو. عامر ٻيهر چيو “Will you marry me?”
سندس لهجي ۾ پيار جو يقين ڏسي هن ڪنڌ جهڪائي اقرار ڪيو کيس گهران ڪا به روڪ ٽوڪ ڪونه هئي مهيني کن ۾ پاڪستان اچي سندن شادي ٿي. عامر کي هتي ئي وڏي نوڪري ملي وئي ۽ هنن گڏجي پاڪستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. سويرا پڻ جلدي سٺي نوڪريءَ سان لڳي وئي. ڏينهن، مهينا، سال پَرَ لڳائي لنگهي رهيا هئا. کيس ٻن پٽن جو اولاد ٿي ويو هو. حياتيءَ ۾ هر پاسي سک ۽ سهنج ٿي ويا پنهنجي لاڏن ڪوڏن واري خوشگوار زندگيءَ ۾ پهچندي هوءَ هر وقت رب جا شڪرانا ادا ڪندي خير خيراتون ڪرڻ لڳي، الله پاڪ تيئن وڌائيندو ويس، اولاد جي خدمت، گهر کي ڏسڻ، نوڪري، ساهرا ٻيون ڪيتريون جوابداريون نڀائيندي عامر تي نظر رکي نه سگهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ملڻ واري جيڪڏهن چيس ته عامر آفيس جي عورتن ۾ مقبول پرسنلٽي آهي. يا سندس گاڏيءَ ۾ اڳيئن سيٽ تي ساڻس ڪا سهڻي عورت ويٺل نظر آئي ته هوءَ پريشان ٿيندي هئي. ۽ دل به ڏکندو هئس پر پاڻ عامر ۾ ظاهري طور تي ڪا به غلط ڳالهه محسوس ڪونه ڪري سگهي، پڇا ڪري پنهنجي اعتماد کي ٽوڙڻ نٿي چاهيائين.
ان عرصي ۾ پٽ وڏا ٿي آمريڪا پڙهڻ هليا ويا ۽ پوءِ اُتي جا ئي ٿي ويا. عامر ڪجهه گهڻو محسوس ڪونه ڪيو، سندس موجب ته اهو هاڻيTrend ٿي ويو آهي، انهيءَ ڪري فڪرمند نه ٿيڻ گهرجي البت سويرا جي دِل کي سڪون ڪونه ايندو هو کيس پنهنجو اولاد هر وقت دِل تي هُرندو هو مڙسينهس پاسپورٽ تي ڏهن سالن جو آمريڪا جو وزٽ ويزا لڳرائي ڏنس، هاڻي هوءَ سال ۾ پنج ڇهه مهينا پٽن وٽ رهندي هئي ته باقي ڏينهن پاڪستان ۾. آهستي آهستي عمر گذرڻ سان سويرا تصوف پسند ٿيندي وئي، پنج وقت جي نمازي شروع کان هئي پر هاڻي تهجد ۽ نفل پڻ وڌيڪ پڙهڻ لڳي ڪڏهن کيس اهو خيال ڪونه آيو ته جڏهن آئون ٻاهرين ملڪ ڳچ وقت گذاريان ٿي ته پويان عامر جون ڪهڙيون مصروفيتون آهن؟. سويرا جا پٽ به هاڻي پنجويهن ۽ ڇويهن سالن جا ٿي ويا هئا. ڇوڪرن جا سڱ آمريڪا ۾ ڏسي ورتائين اهي پاڪستاني ڪٽنب هئا، هاڻي فقط هتي اچي شاديءَ کي نبرائڻو هو. اهو مرحلو به اچي ويو. سويرا مڙس کي خوشخبري ڏني هُو پڻ خوش ٿيو. شادين جون تياريون شروع ٿي ويون. هڪ ڏينهن سڀ لائونج ۾ ويٺل هئا. سويرا چوڻ لڳي ته، ” توهين آفيس مان ڪجهه ڏينهن موڪل وٺو ۽ روز مون سان گڏ بازار به هلو شادين ۾ فقط هڪ مهينو بچيو آهي“ عامر ڪو جواب ڪونه ڏنو سندس منهن تي ڳڻتي ظاهر ٿيڻ لڳي.
نراڙ تي گهنج پئجي ويس ڄڻ ڪنهن وڏيءَ ڪشمڪش مان گذري رهيو هجي. ڪٿي شاديءَ جون خوشيون ۽ ڪٿي عامر صاحب جو منجهيل روَيو ڄڻ سڀني جي منهن جو پنوئي لهي ويو عامر وڏي سوچ ۽ ويچار جي نموني آهستي، پر چٽي آواز ۾ سويرا کي چيو، ”مون کي توسان ڳالهائڻو آهي!“ سويرا هن جي اهڙي نئين انداز تي حيران ٿي ڏانهس ڏسڻ لڳي، عجيب وهم ۽ وسوِسا ورائي ويس وري به نااميدي ۽ نراسيءَ جي واٽ کان بچندي پنهنجي پيار جي ويساهه کي جاڳائيندي سهڻائيءَ سان چيائين، ”سائين حڪم ڪيو!!“
ڇوڪرا پريشان ٿي ويا ته، ” بابا کي الائي ڇا ڳالهائڻو آهي؟“
ماءُ کي چيائون، ”توهان بابا جي ڳالهه ٻڌو اسين ٻاهر ويٺا آهيون“.
هوءَ مڙس سان گڏ ڪمري ۾ وئي عامر جو ڪنڌ هيٺ هو سويرا سمجهيو يا ته کيس ڪو بزنس ۾ نقصان ٿيو آهي يا آمريڪا ۾ رشتي ڪرڻ جي ڳالهه کيس پسند ڪونه آئي آهي، هوُ شايد پنهنجي مائيٽن ۾ يا پنهنجي پسند سان ڇوڪرن جا سڱ ڪرڻ ٿو چاهي، پر جيڪي به مسئلو آهي، ڳالهين سان هڪٻئي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ سان حل ٿي سگهي ٿو. سو اطمينان سان چوڻ لڳي،
”توهان آرام سان پلنگ تي ويهو پريشان نه ٿيو ڪهڙو مونجهارو آهي؟ پاڻ ٻيئي گڏجي انهيءَ کي نبيرينداسين“ .
عامر ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”سو چيان ٿو ڪٿان شروع ڪيان، پر بهرحال هاڻي انهيءَ راز جي کولڻ جو وقت اچي ويو آهي، اهو راز جيڪو مون ڪجهه سالن کان دِل ۾ دٻائي رکيو هو اهو ٻڌائڻ جو وقت اچي ويو آهي، آئون تحقيق انهيءَ ڪري توسان گڏ آمريڪا ڪونه هلندو هئس“
سويرا ڪجهه نه سمجهندي ڏانهس سواليه نگاهن سان ڏسڻ لڳي، عامر چوڻ لڳو.
”ڪجهه سالن جي ڳالهه آهي آفيس ۾ هڪ نئين ڇوڪري سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان آئي هن جون گهرو حالتون انتهائي خراب هيون مون کي انهيءَ سان همدردي ٿيندي وئي ۽ جيڪا پوءِ محبت ۾ تبديل ٿي وئي“
هاڻي سويرا جي پريشان ٿيڻ جو وارو هو، پر وري به هن همٿ جهلي ۽ ڌيان سان مڙس جي ڳالهه ٻڌڻ لڳي، جنهن جو انجام اهو هو ته انهيءَ خوبصورت پنجويهن سالن جي ڇوڪريءَ سان هُن اٺن سالن کان شادي ڪري ڇڏي آهي.
کيس ذرو به اندازو ڪونه هو ته سويرا جي دل تي ڇا وهي واپري پيو، هوءَ ته ڄڻ آسمان جي وسعتن تان پاتال ۾ ڪري پئي، کيس عامر جي ڳالهه جي منڍ، وچ ۽ پڇاڙيءَ ڪنهن به ڳالهه جو احساس ڪونه هو، سڄو جسم سڙي رَتَ ٿيندو محسوس ڪيائين ڳوڙهن جون قطارون سندس خوبصورت ڳلن تان ترڪنديون پوتيءَ جي پلاند ۾ سموئجڻ لڳيون سپنن جي ساڀيان ٿيل جيون جي سڄي خوشي موڪلائي وئي. ٻاهر آواز نه وڃي ان سببان سڏڪا ڀري روئي به نه سگهي اکيون اُگهي ٿڌو شوڪارو ڀري سامت ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، هِنَ وهيءَ ۾ هيءُ ويساهه گهاتيءَ جو سور سهڻ کان مٿي هو. پٽن جون شاديون مٿي تي هيون پاڻ کي سنڀاليندي چيائين، ”مون کي توهان مان گهٽ ۾ گهٽ اهڙيءَ ڳالهه جي توقع ڪڏهن حياتيءَ ۾ ته ڇا پر خواب ۾ به ڪونه هئي. تنهنجي خوشيءَ لاءِ آئون زهر جو ڍڪ ڀري انهيءَ رشتي کي قبول ٿي ڪريان انهيءَ کي گهر وٺي اچو ته جيئن گهر جي خوشين ۾ شريڪ ٿئي“
عامر نڪ جي پڪائيءَ سان هاڻي ڪنڌ مٿي ڪري چوڻ لڳو ”مون اڃا پنهنجي ڳالهه پوري ڪانه ڪئي آهي، سندس اکين ۾ اکيون وجهي چيائين، ”منهنجو هڪ شرط آهي ته انهيءَ شاديءَ جو ذڪر تون ڪنهن سان به نه ڪرين پنهنجي پٽن سان به نه!!“
هاڻي سويرا کي ڪاوڙ اچڻ لڳي، چوري ۽ مٿان سينه زوري ايڏي وڏي حق تلفي، پيار جي ورهاڱي کانپوءِ وري شرط شروط، آئون ڪوبه شرط ڪونه مڃينديس اهو خيال ايندي ئي هُن فون ۾ هٿ وڌو سندس اکين ۾ اکيون وجهي چيائين، ”مون کي تنهنجو ڪو به شرط منظور ڪونهي ٻين کي ٻڌائڻ منهنجو حق آهي، اڃان هن مڪمل نمبر ئي ڊائل ڪونه ڪيو هو جو عامر هڪدم تقريبن رڙ ڪندي چيو، ”توکي طلاق، طلاق، طلاق آهي“ هِڪ، هِڪ لفظ هن جي مٿي تي مترڪو ٿي لڳو.
سمورا رشتا ناتا، محبتن ۽ الفتن جا واعدا پرزا پرزا ٿي سويرا جي زمين تي ڍير ٿيڻ سان اچي پَٽَ تي پيا، پٽن جو پيءُ جي وڏي آواز سان ڳالهائڻ ۽ ماءُ جي ڪِرڻ جو آواز ٻڌو ڊوڙندا اندر آيا کيس کڻي ويجهيءَ اسپتال ۾ پهتا.
ايمرجنسي وارڊ وارا کيس سڃاڻندا هئا جو هوءَ اڪثر اسپتال ۾ عطيا ڏيندڙ هئي ترت کيس طبي مدد ڏني وئي، جيئن ئي هوش ۾ آئي سيرانديءَ کان پٽن کي پريشان بيٺل ڏٺائين اهي وَرَ وَرَ ڏيئي پڇي رهيا هئا ته، ”امان ڇا ٿيو؟، ڪهڙو معاملو آهي؟ بابا اسپتال ڇو ڪونه آيو؟“
هوءَ فقط ڪمري جي ڇت ڏي نهاري رهي هئي کين ڪيئن ٻڌائي ته سندن پيءُ پنجويهن سالن جي جوان ڇوڪريءَ سان لڪي شادي ڪري کيس هِنَ عمر ۾ ٽي لفظ طلاق جا چئي دِل تي داغ ڏنو آهي، هوءَ ته خاندان ۾وڏي مانَ سان ڪنڌ مٿي کڻي هلندي هئي. مڙسنهيس ته هن جو ڪنڌ ڪلهن کان ئي ڪوري ڇڏيو هو. انهيءَ ويساهه گهاتيءَ کيس ڪٿي جو نه ڇڏيو. پنهنجي ننڍي ڪائنات کي لڙهڻ کان بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونه ڪڇيائين، پٽن کي هٿ جي اشاري سان ٺيڪ هئڻ جو تاثر ڏيئي اکيون بند ڪري ڇڏيائين.
فقط پنهنجي ڊاڪٽرياڻيءَ سان اهو سور سِلي بي حساب رُني ۽ آئون اها ڊاڪٽرياڻي آهيان جا توهان کي اها ڪهاڻي ٻڌائي رهي آهيان، واهه ڙي عورت!! ٽن لفظن جي چڪر ۾ سڄي زندگي غرق ٿي وئي.
***

