نئون

بدين ضلعي جون 88 ديهون ڏڪار سٽيل قرار

سنڌ سرڪار هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي بدين جي 88 ديهن کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙو فيصلو برسات ۽ کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي ڪارڻ ورتو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هن نوٽيفڪيشن کانپوءِ ڏڪار سٽيل علائقن اندر سنڌ نيشنل ڪلامٽي ايڪٽ تحت رليف پهچايو ويندو. نوٽيفڪيشن ذريعي ڏڪار سٽيل ديهن ۾ بدين شهر جون 28 ديهون، ماتلي جون 21 ديهون گولارچي جون 16 ديهون،  تلهار جون 13 ديهون ۽ 10 ٻيون ديهون شامل آهن.