بلاگنئون

شاعر اياز جاني جو مختصر پروفائل

غوث پيرزادو

سنڌ جو خوبصورت شاعر ۽ دراوڙ دل جي تنهائيءَ جو خالق اياز جاني تعلقي ڏوڪري جي هڪ ننڍڙي ڳوٽ خيرمحمد آريجا ۾ 1967 جنم ورتو ۽ معاشي مجبورين سبب کيس آريجن کان لاڙڪاڻو، ڪوٽڙي، نئون ديرو ۽ پوءِ ڪراچي ڏانهن هجرتون ڪرڻيون پيون. ابتدائي تعليم باڊهه ۽ نئين ديري سنڌ ۾ حاصل ڪئي. جڏهن ته ميٽرڪٽ، انٽر، بي اي ۽ ايم اي سنڌي ادب فرسٽ پوزيشن ۾ نئين ديري مان ئي حاصل ڪئي. هن سياسي، سماجي ۽ ادبي سرگرمين جي شروعات نئين ديري مان ئي ڪئي ڇاڪاڻ ته ننڍي عمر کان ئي سندس ذهن متحرڪ ، پرجوش ۽ تخليقي هيو تنهن ڪري فنون لطيفه سندس شخصيت ۾ رچيل هئا. هاءِ اسڪو واري عمر ۾ ئي سندس لنئون سنڌ جي سهڻي شاعر آثم ناٿن شاهيءَ سان لڳي وئي، جنهن جي هٿ هيٺ هو ننڍپڻ کان بهترين شاعري ڪرڻ لڳو ۽ شاعر مقصود گل جي به پڻ صحبت ۾ رهيو. هي درد جو شاعر هو، جنهن ۾ سندس ذاتي ڏک کان سواءِ ڌرتيءَ جو ڏک به نمايان هو. هن ٻاراڻي وهيءَ ۾ ئي پنهنجي دوست منٺار سان گڏجي آثم ادبي سنگت جو بنياد وڌو پر پوءِ آثم ناٿن شاهيءَ جي ئي چوڻ تي هو سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿي ويو ۽ سنڌي ادبي سنگت سندس جوهر کي وڌيڪ سامهون آندو ٽي سال اڳ تائين سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهيو ۽ تقريبن 13 سال هو سنگت گلشن حديد جو سيڪريٽري پڻ رهيو پر سنگت جي ڏيوالي نڪرڻ بعد ۽ غير ادبي ماڻهو شامل ٿيڻ بعد هن سان گڏ ٻين ڏهن ناميارن شاعرن جي ميمبرشپ رد ڪئي وئي هئي جنهن تي آخري دم تائين ارهو رهيو.

اياز جاني 1988 ۾ پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن ۾ شامل ٿيو جتان کيس جبري ريٽائر ڪيو ويو هو. پوءِ هن تازو ئي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ سنڌي جي ليڪچررشپ ورتي جنهن کي اڃان هڪ سال ئي مس گذريو هو ته هو اسان کان الڳ ٿي ويو.

اياز جاني مختلف رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو جنهن ۾ ماهوار، لهرون، سارس ۽ همرچو اچي وڃن ٿا، جيڪي رسالا سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ادبي حوالي سان  يادگار رسالا ليکيا وڃن ٿا. سنگت جي سيڪريٽري شپ دوران هن وڏا وڏا پروگرام، مهورتون، ليڪچر ۽ مذڪرا ڪرايا ۽ ڪيترن ئي ليجنڊ اديبن گلشن حديد ۾ اچي سنگت جي پروگرامن ۾ حصور ورتو.

اياز جانيءَ جو تازو ئي 2016 ۾ شاعريءَ جو مجموعو “دراوڙ دل جي تنهائي” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو جنهن ۾ غزل ۽ وايون شامل آهن ۽ هن مجموعي نوجوانن توڙي سينيئر ادبين ۾ وڏي مقبوليت ماڻي ۽ هن ڪتاب جي مهورت ڇپائيءُ جي هڪ مهيني بعد اڪبر لغاري ۽ رضوان گل جي محبت سبب آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو پاران منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سندس ڪيترن پرستارن شرڪت ڪئي.

اياز جانيءَ کي ويهه سال پهرين ذيابيطس مرض وڪوڙي ويو جنهن سان هن لڳاتار جنگ وڙهي ۽ پوءِ وري کس دل جو مرض  ۽ بلڊپريشر به لاحق ٿيو جنهن سندس جيئڻ جي اڳيان ڪنڊا رکيا ۽ آخر ۾ کانئس جيون ڦري ڇڏيو.

اياز جاني پنهنجي پٺيان پنهنجي وني، هڪ نياڻي ۽ پنج پٽ سوڳوار ڇڏيا آهن.