وڏو وزير سي سي آءِ جي ميٽنگ ۾ 1200 ڪيوسڪ پاڻي جي گهر ڪندو
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي شهر کي 1200 ڪيوسڪ پاڻي جي ضرورت آهي ۽ هو اهڙي گهر سي سي آءِ جي ميٽنگ ۾ سڀاڻي رکندو. وڏي وزير اهڙين ڳالهين جو اظهار سي سي آءِ جي ميٽنگ لاءِ سنڌ حڪومت جي ايجنڊا بابت ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جتي سڄي ملڪ جا ماڻهو رهن ٿا اهو شهر پاڻي جي گهٽتائي کي منهن ڏيئي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي آبادي ۾ واڌاري سبب به پاڻي جي ضرورت وڌي وئي آهي. جيڪا ايندڙ وقتن ۾ اڃان به وڌندي هن چيو ته اڄ جي پاڻي جي گهر ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ پيدا ٿيندڙ ضرورت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي کي 1200 ڪيوسڪن جي ضرورت آهي. جنهن ڪارڻ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ پاران ارسا کان 1200 ڪيوسڪ ئي گهر ڪئي وئي آهي جيڪا موجوده ملندڙ پاڻي کان علاوه هوندي.

