پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

اوگرا گئس جي قيمتن ۾ اضافي جي سفارش ڪري ڇڏي

اوگرا گئس جي قيمتن ۾ 47 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. بلوچستان ۽ سنڌ جي صارفن لاءِ 159 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي صارفن لاءِ 236 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو اضافي جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. نيون قيمتون جولاءِ جي مهيني کان لاڳو ٿينديون. ياد رهي ته گئس جي قيمت ۾ هي اضافو مالي سال 20-2019 لاءِ ڪيو ويو آهي. اوگرا جي ترجمان مطابق قيمتن ۾ اضافي لاءِ سوئي گئس ڪمپنين پاران درخواستون ڪيون هيون، درخواستن ۾ چيو ويو هو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي صارفن لاءِ گئس جي قيمتن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي گئس ڪمپنين چيو هو ته گئس جي قيمت ۾ 144 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي.