سنڌ اندر 700 عطائي ڪلينڪون سيل
سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عطائين جي خلاف ڪارروائي جاري آهي. گذريل هڪ هفتي اندر ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ هيستائين 700 عطائي ڪيلنڪن کي بند ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ عطائين خلاف ڊائريڪٽوريٽ جي ڊائريڪٽر پاران صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو جي اڳواڻي ۾ منعقد ٿيل ايڇ آءِ وي ڪميٽي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪئي. ميٽنگ ۾ صوبائي وزير عطائين خلاف جاري ڪاررواين تي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڪاوشن جي ساراهه ڪئي.

