اسلام ھڪ مڪمل دين آهي، جنهن ۾ دنيا ۽ آخرت جي مڙني مسئلن جو حل ھر دور ۾ موجود رهندو آيو آهي. موجود آهي ۽ هميشه رهندو، اسلام جا رڪُن هجن يا بنيادي اصول، قائدا، پابنديون يا ڪي منع نامه سڀني جو تعلق بهتر آخرت سان گڏوگڏ بهتر دنيا سان به آهي، جهڙي طرح نماز، قرآن مجيد جي واضح تصديق مطابق سماج اندر انسان کي بي حيائين ۽ بُرين عادتن کان روڪي ٿي، اهڙي طرح ٻين عبادتن جو تعلق به سماج جي بهتري وارو آهي نماز سان گڏ روزو به فرضن ۾ شامل عبادت آهي. هر مسلمان تي معقول عُذر کانسواءِ رمضان شريف جي مهيني جا روزا فرض ڪيا ويا آهن، جيڪي سن 2 هجري کان دين اسلام ۾ هڪ اهم ترين رڪُن طور شامل آهن. روزو اهڙي عبادت آهي، جنهن جو اَجُر خود خدا تعاليٰ عطا فرمائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هي اهڙي عبادت آهي جنهن جو تعلق نماز، زڪوات، حج يا جهاد وانگر ڪنهن به ظاهري ڏيک ۾ ڪونهي، ڪو مسلمان فجر جو سمورن گهر ڀاتين سان گڏ اُٿي سحري ۾ شريڪ ٿئي ۽ شام جو افطاري ۾ به شامل رهي تڏهن هوندي بج اُن جي روزي هجڻ يا نه هجڻ جي اُن مسلمان کانسواءِ ڪو ٻيو تصديق نٿو ڪري سگهي. روزيدار پسِ پردا، سڌو سنئون خدا تعاليٰ ڏانهن جوابدار رهي ٿو. هو دل ۾ روزي جي نيت ڪري روزي جون سموريون تقاضائون اهو سوچي ۽ سمجهي پوريون ڪري ٿو ته خدا تعاليٰ هر هنڌ حاضر ناظر آهي، ٻڌي ۽ ڏسي پيو ان کان دل جو ڪوبه راز لڪل ناهي، هو جزا ۽ سزا ڏيندڙ خالق ۽ مالڪ آهي.