اسلام ھڪ مڪمل دين آهي، جنهن ۾ دنيا ۽ آخرت جي مڙني مسئلن جو حل ھر دور ۾ موجود رهندو آيو آهي. موجود آهي ۽ هميشه رهندو، اسلام جا رڪُن هجن يا بنيادي اصول، قائدا، پابنديون يا ڪي منع نامه سڀني جو تعلق بهتر آخرت سان گڏوگڏ بهتر دنيا سان به آهي، جهڙي طرح نماز، قرآن مجيد جي واضح تصديق مطابق سماج اندر انسان کي بي حيائين ۽ بُرين عادتن کان روڪي ٿي، اهڙي طرح ٻين عبادتن جو تعلق به سماج جي بهتري وارو آهي نماز سان گڏ روزو به فرضن ۾ شامل عبادت آهي. هر مسلمان تي معقول عُذر کانسواءِ رمضان شريف جي مهيني جا روزا فرض ڪيا ويا آهن، جيڪي سن 2 هجري کان دين اسلام ۾ هڪ اهم ترين رڪُن طور شامل آهن. روزو اهڙي عبادت آهي، جنهن جو اَجُر خود خدا تعاليٰ عطا فرمائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هي اهڙي عبادت آهي جنهن جو تعلق نماز، زڪوات، حج يا جهاد وانگر ڪنهن به ظاهري ڏيک ۾ ڪونهي، ڪو مسلمان فجر جو سمورن گهر ڀاتين سان گڏ اُٿي سحري ۾ شريڪ ٿئي ۽ شام جو افطاري ۾ به شامل رهي تڏهن هوندي بج اُن جي روزي هجڻ يا نه هجڻ جي اُن مسلمان کانسواءِ ڪو ٻيو تصديق نٿو ڪري سگهي. روزيدار پسِ پردا، سڌو سنئون خدا تعاليٰ ڏانهن جوابدار رهي ٿو. هو دل ۾ روزي جي نيت ڪري روزي جون سموريون تقاضائون اهو سوچي ۽ سمجهي پوريون ڪري ٿو ته خدا تعاليٰ هر هنڌ حاضر ناظر آهي، ٻڌي ۽ ڏسي پيو ان کان دل جو ڪوبه راز لڪل ناهي، هو جزا ۽ سزا ڏيندڙ خالق ۽ مالڪ آهي.
روزو به ظاهر 13کان 14 ڪلاڪن تائين بُک ۽ اڃ تي ڪنٽرول ڪري صبر ۽ پنهنجي ذات تي جبر ڪرڻ جو نالو ته آهي ئي اها هڪ عبادت پنهنجي جائي تي ۽ ان جو ثواب به هڪ پاسي روزي جو بنيادي ۽ دنياوي مقصد هڪ تجربو به آهي، جنهن ۾ مسلمان کي بُک ۽ اڃ جو احساس ٿئي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي غربت وارين حالتن ۾ بُکون ڪاٽين ٿا انهن جي اهڙي حالت جو اندازو ۽ احساس روزي واري حالت ۾ اچڻ کانپوءِ محسوس ڪري ۽ سمجهي سگهجي ٿو روزو رڳو بک ۽ اُڃ تي ڪنٽرول ڪرڻ جو ئي نه پر انهن سمورين ڳالهين تي ضابطو لاڳو ڪرڻ جو نالو به آهي جيڪي انساني نفس مان جنم وٺن ٿيون ۽ انسان جي حيواني فطرت جو اظهار بڻجن ٿيون. مثال طور ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪوڙا قسم کڻڻ، رشوت ۽ وياج وٺڻ، گلا، غيبت، حسد، ساڙ ۽ ڪاوڙ ڪرڻ، چڙي پوڻ، ٻئي کي تڪليف رسائڻ، تور ۽ ماپ ۾ بيماني ڪرڻ، ڪنهن گراهڪ جي لاعلمي جو ناجائز فائدو کڻي اُن کان ناجائز نفعو وصول ڪرڻ، ذخيرا اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ڪرڻ، ٻي جو حق ڦٻائڻ ۽ اهڙيون ٻيون بيشمار ڳالهيون جيڪي انساني نفس ۾ شامل ٿي سگهن ٿيون ۽ جن کان اسلام روڪي ٿو ۽ جيڪي ڳالهيون روزي واري حالت ۾ مسلمان تي روزي جي ڪاميابي ۽ خدا تعاليٰ جي درٻار ۾ قبولداري جي حوالي سان روزي جي بنيادي شرطن ۾ لازمي طور تي شامل رهن ٿيون. انهن مڙني ضابطن تي روزي دوران عمل نه ڪرڻ پنهنجي نفسياتي خواهشن ۽ فطري حيواني اظهارن تي ڪنٽرول نه ڪرڻ واري حالت ۾ روزو بي فائدا، اجائي بک ۽ اڃ برداشت ڪرڻ جي حد تائين مڪروه يا حرام بڻجي سگهي ٿو، جنهن جي خدا تعاليٰ جي درٻار ۾ قبوليت واري ڪابه گنجائش نٿي رهي سگهي. نماز واري اهم ۽ بنيادي عبادت به اهڙي عبادت آهي جنهن ۾ مسلمان پاڪ صاف حالت ۾، باوضو ٿي پاڪ ۽ صاف جاءِ تي قبلي ڏانهن منهن ڪري پوري شعوري حالت ۾ خدا تعاليٰ کي خالق مالڪ رازق، حاضر ناظر سمجهي ان تي هر طرح جو يقين آڻي ان اڳيان پنهنجو سِر سجدن جي صورت ۾ بار بار جهڪائي ٿو ان ڪري اهڙي هر شخص تي نماز کانپوءِ واري دنياوي زندگي ۾ اهو لازم ٿي پوي ٿو ته هو خدا تعاليٰ کي هر جاءِ تي حاظر محسوس ڪري سمجهي ۽ يقين ڪري ته خدا تعاليٰ هن کي هر موقعي تي ڏسي ۽ ٻڌي رهيو آهي ۽ ان جي دل جي لڪل راز کان به واقف آهي. انهيءَ جي باوجود ڏيکاءُ واري نماز به ٿئي ٿي، جنهن نماز جو دين اندر مفهوم اهو طئي آهي ته نمازي دنيا اندر هر اها دنيا داري ڪري ٿو، جيڪا سندس نفس کي تسڪين رسائي ٿي. روزي واري عبادت به ان وانگر آهي ۽ ٿي سگهي ٿي. مطلب ته ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ روزو رکي ۽ کولي سگهجي ٿو ۽ الله تعاليٰ جي رضامندي ۽ خوشنودي حاصل ڪرڻ کانسواءِ ماڻهو ان کي اختيار ڪري سگهن ٿا. ڏيکاءُ خاطر نماز جي خدا تعاليٰ وٽ سزا، نماز فرض سمجهي نه پڙهندڙ کان ٻيڻي مقرر ڪئي وئي آهي ۽ روزو به جيڪڏهن طئي ضابطن ۽ پابندين مطابق نه رهي ته اهو به هڪ ڏيکاءُ جهڙو ٿي وڃي ٿو خدا تعاليٰ جي نظر ۾ اهو روزو عبادت نه، پر جزا کان آجو سزا جهڙو عمل ٿي سگهي ٿو.
اسلام کي فطري دين ان معنيٰ ۾ چيو ويو آهي جو دين جي فلسفي ۾ انسان جي فطرت کي چڱي طرح سمجهيو ويو آهي ۽ ان فطرت جي حيواني اظهارن کي روڪڻ جا ضابطا به طئي ڪري ڏنا ويا آهن، ته جيئن مسلمان انهن جي پوئيواري ڪري خدا کان ڊڄي اشرف المخلوقات وارو درجو ماڻي سگهي.
روزي واري عبادت ذريعي خدا تعاليٰ مسلمان کي اهڙو خوبصورت، قابلِ قبول ۽ بلند رتبي وارو انسان بنائڻ گُهري ٿو جيڪو مُتقي ۽ پرھيزگار ٿي وڃي، انهن سمورن ضابطن کي زندگي جو حصو بڻائي ڇڏي جيڪي ٻين انسانن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ طئي ڪيا ويا آهن ۽ انهن سمورين ڳالهين کي تَرڪ ڪري ڇڏي جيڪي ڪنهن صورت ۾ ٻين کي ڇيهو رسائيندڙ آهن. روزي سوڌو هڙئي اسلامي ارڪان اسلامي آدرش مطابق انسان جي پنهنجي سماج کي اهڙو خوبصورت بنائڻ جا رستا آهن جن تي پوري پابندي ۽ ضابطي سان انسان عملي طور تي اهڙو خوبصورت انسان بڻجي سگهي ٿو جيڪو خدا تعاليٰ جي درٻار ۾ مقبوليت حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ هي سماج (دنيا) به جنت جهڙي ٿي سگهي ٿي. جنهن ۾ ڪوبه ڪوڙ نه ڳالهائيندو چوري نه ڪندو، رشوت نه وٺندو، پنهنجي هٿ ۽ زبان سان ٻئي کي تڪليف نه ڏيندو ڪو بُکيو ۽ ڏکيو نه رهندو، مگر افسوس سان ٿو لکڻو پوي ته انسانن جي گهڻائي الله تعاليٰ جي ڏسيل واٽ تي روائيتي انداز ۾ هلندي آئي آهي ۽ عملي طور اسلامي آدرشن جي اُن سان نفي ٿيندي آئي آهي ائين نه هجي ها ته رمضان شريف جي ڀلاري مهيني دوران عام استعمال جي شين جو استعمال به گهڻو نه وڌي ها ۽ انهن جون قيمتون به آسمان سان ڳالهيون نه ڪن ھا جيڪي ھر سال رمضان ۾ وڌيڪ وڌن ٿيون، نه ئي رمضان آرڊيننس لاڳو ٿئي ها ۽ وجود ۾ اچي ها. اسان وٽ رمضان شريف جو مهينو ايندي ئي عام واهيپي جون سموريون شيون رَسد جي گهٽتائي ۽ ڊمانڊ ۾ اضافي جهڙن بهانن سان هٿرادو مهانگيون ٿيو وڃن، واپاري ان مهانگائي جو ناجائز فائدو کڻڻ شروع ڪريو ڇڏين، سرڪار هر سال اربين روپين جي سبسڊي ڏئي عام واهپي جي شين جا اگھ گهٽائڻ جي ڪوشش وٺندي رهي آهي، جيڪو فائدو عام غريب ۽ خريداري جي ڪمزور پهچ واري ماڻهو تائين نٿو پهچي يا پهچڻ نٿو ڏنو وڃي. رمضان شريف دوُران به آفيسن اندر اختياريون رشوت جون بازارون ائين ئي گرم ڪريو ويٺيون هونديون آهن جيئن رمضان کان اڳ اُهي گرم هونديون آهن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻيا ادارا ۽ انهن جون اختياريون رمضان آرڊيننس جي آڙ ۾ اهو ڇا ڇا نه ڪنديون رهيون آهن جن کان خدا تعاليٰ سختي سان روڪيو آهي، منع ڪئي آهي ۽ سزائون مقرر ڪيون آهن.
يقينن اسلامي آدرشن مطابق روزو هر سال هڪ اهڙي ريفريش ڪورس وانگر پريڪٽس واري فرض عبادت آهي، جنهن جي ذريعي مسلمان پنهنجي نفس ۽ پنهنجي نقصان رسائڻ واري حيواني فطرت سان جنگ ڪري انهن کي شڪستون ڏئي پنهنجو انسان ۽ اشرف المخلوقات وارو رتبو ماڻي سگهي ٿو، جيڪو رتبو هر مسلمان کي خدا جي خوشنودي ۽ راضپي لاءِ ماڻڻ نهايت ضروري به آهي ۽ ان سان سماج ۽ ان جا معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا، هڪ عالم سڳوري جي روزي بابت فتويٰ آهي ته روزي جو مقصد ايئن آهي جيئن کاڌي کائڻ جو مقصد رت جي صورت ۾ جسم اندر توانائي ۾ اضافو ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ڪو شخض روزي کولڻ کانپوءِ يا روزي رکڻ کان اڳ خدا تعاليٰ کي ناپسنديده ڪا حرڪت ڪري ته ايئن سمجهبو ته ان پنهنجي روزي جي اصل بنيادي ۽ لازمي مقصد کي فنا ڪري ڇڏيو، بلڪل ايئن جيئن سٺو کاڌو کائڻ کانپوءِ فورن الٽي ڪري ڪڍي ڇڏڻ سان ان کاڌي کائڻ جو اصل بنيادي ۽ لازمي مقصد فوت ٿي وڃي ٿو. خدا تعاليٰ کان دعا آهي ته هو هر مسلمان کي اسلامي آدرشن مطابق روزي ذريعي عملي طور تي اهڙو انسان بنجڻ جي توفيق عطا فرمائي جهڙو خوبصورت انسان خود خدا تعاليٰ کيس ڏسڻ گهري ٿو.
روزي بابت بنيادي ڄاڻ: روزي لاءِ عربي زبان ۾ صوم جو لفظ استعمال هيٺ آيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪنهن منع ڪيل ڪم کان پاڻ کي روڪي رکڻ، تَرڪ ڪرڻ ۽ خاموش رهڻ، چِٽي صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ ۽ سج لهي وڃڻ تائين جي وچ واري ساري وقت دوران کائڻ پيئڻ کان علاوه نفس جي خواهش ۽ خدا تعاليٰ طرفان منع ڪيل سمورين ڳالهين کان پاڻ کي مڪمل طور تي پري رکڻ ۽ خدا جي مقرر ڪيل فرض ۽ ڏسيل چڱين ڳالهين تي عمل ڪرڻ جو نالو روزو آهي. روزو 15 شعبان سن 2 هجري تي فرض ٿيو.
روزي نه رکڻ جا جائز عذر: مسافري جنهن ۾ جسماني ۽ ذهني ٿڪاوٽ پيش ايندي هجي ان دوران روزو نه رکڻ جائز آهي، اهڙي بيماري جنهن ۾ روزي رکڻ سان تڪليف ۾ اضافو ٿيندو هجي يا تڪليف جي وڌڻ جو امڪان هجي، پوڙهائپ جنهن ۾ بُک ۽ اُڃ برداشت کان ٻاهر ٿي ويندي هجي اهڙيون حاملا عورتون جن کي يا جن جي پيٽن ۾ ٻارن کي ڪو نقصان رسڻ جو انديشو هجي، کير پيارڻ واريون مائرون اهڙي صورت ۾ جڏهن انهن کي يا انهن جي کير پياڪ ٻارن کي ڪنهن نقصان رسڻ جو امڪان هجي. ڪنهن اهڙي حالت ۾ جڏهن بُک ۽ اُڃ جي شدت سبب زندگي کي ڪو خطرو درپيش ٿي سگهندو هجي، ماهواري وارن ڏينهن دوران سمورين عورتن کان علاوه معذور ۽ اپهاج ماڻهو، دائمي مريض جن جي بيماري جي شدت ۾ اضافي جو ڊپ هجي ۽ اُهي پورهيت جيڪي سخت تڪليف وارو پورهيو ڪندڙ آهن، انهن سمورن وٽ روزي نه رکڻ جا عذر ٿي سگهن ٿا، پر اهڙا هڙئي ماڻهو جن جا عذر جڏهن ختم ٿي وڃن تڏهن اُهي رمضان جي بجاءِ ٻين مهينن دوران رمضان جا فرض روزا پوري تعداد ۾ رکي فرض جي ادائگي ڪري سگهن ٿا.
ڪهڙين حالتن ۾ روزو مڪروهه ٿي سگهي ٿو: چيوينگم يا ان جهڙي ڪا شيءِ چٻاڙڻ يا وات ۾ رکڻ، کاڌو پچائڻ دوران کاڌي جو لوڻ مرچ چکڻ، وات ۾ ازخود جمح ٿيندڙ پاڻي جهڙو مادو (ٿُڪ) بار بار ڳڙڪائڻ، گلا غيبت ڪرڻ، ڳالهين دوران ڪوڙ ڳالهائڻ، ٻيون اهڙيون اخلاقي برايون ڪرڻ جن جي اسلام ۾ منع ٿيل آهي. چِڙ ۽ ڪاوڙ جو مظاهرو ڪرڻ، گاريون ڏيڻ، ذائقي وارين شين جهڙوڪ: ٽُوٿ پيسٽ ڏندن کي صاف ڪرڻ واري پائوڊر يا ڪنهن ٻي شيءِ سان ڏند صاف ڪرڻ، رات دوران غسل واجب ٿي وڃڻ جي صورت ۾ صبح ٿي وڃڻ تائين پاڪ نه رهڻ وارين سمورين حالتن ۾ روزو مڪروهه ٿي وڃي ٿو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته روزي رکڻ واري کي روزي رکڻ جو ڪوبه ثواب حاصل نٿو ٿي سگهي.