بلاگنئون

ورسي:  خدمت گذار عظيم اڳواڻ خان عبدالغفار خان باچا

سال 27 جنوري 1990 تي ٿيندڙ سائين جي ايم سيد جي نظربندي ۾ گذاريل اها سالگره ان ڪري به سدائين ياد رهندي جو ان سالگره ۾ فخر افغان، سرحدي گانڌي خان عبدالغفار خان، فخر سنڌ محترم جي. ايم سيد جي سالگره تي آيو هو. خان عبدالغفار خان عرف باچا خان (بادشاهه خان) جي اصول پسندي، قوم پرستي، پٺاڻن ۽ پختونن سان محبت ۽ اهنسا جي اصولن تي سختيءَ سان ڪاربند رهڻ، ائين هو، جيئن سيد جو.! ان وقت ٻئي عظيم تاريخ ساز شخصيتون گڏجيون ۽ گوڏو گوڏي ۾ ڏيئي ٻنهي قومن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ سوچڻ ويٺيون ته منھنجي ذهن ۾ “شيخ اياز” جو شعر ٿوري ڦير گهير سان هن ريت ڦرڻ لڳو:

هي جي پوڙها جُهور، وڙهندي ٿيا ويڙهه ۾،

اڃا به ڏمرجن ڏاڍ تي، آڻ نه مڃن مور.

اڄ ٻئي رهنما هن دنيا ۾ جسماني طور اسان سان گڏ نه آهن، پر مون سميت لکين انسانن جي دلين ۾ اڄ به اهي ٻئي زنده آهن. انھن اڳواڻن مان 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگره ٿي گذري اڄ 20 جنوري عظيم اڳواڻ خان عبدالغفار خان جي ورسي جو ڏينھن آهي، اهو سچ  گورا انگريز به چئي ويا ته باچا خان برصغير جي تاريخ جو هڪ منفرد رهنما هو، جنھن پنھنجي زندگي جو وڏو حصو انسانيت جي خدمت، امن جي فروغ ۽ برطانوي سامراج کان آزادي لاءِ وقف ڪيو. سرحد جي هن عظيم شخصيت متعلق اردو جي هڪ مصنف محمد اصغر خان سوراڻي پنھنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته پشاور جو قلعو بالاحصار جيڪو برطانوي دور ۾ جيل طور استعمال ٿيندو رهيو، آزادي کانپوءِ ان جو هڪ حصو فرنٽيئر ڪور جي انتظام هيٺ آيو، جڏهن ته ٻيو حصو ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو. هن ميوزيم ۾ هڪ ڪوٺڙي خاص طور نمايان آهي، جتي خان عبدالغفار خان، پنھنجي قيد جو ڪجهه عرصو گذاريو. باچا خان پنھنجي 98 ورهين جي زندگي مان ڪُل 39 سال جيلن ۾ گذاريا، جن ۾ قلعو بالاحصار، هري پور، ڊيره اسماعيل خان ۽ بنون جون جيلون شامل هيون. اها ڪوٺڙي اڄ به ساڳئي حالت ۾ محفوظ آهي ته جيئن ايندڙ نسلن کي ٻڌائي سگهجي ته سندن رهنما آزادي لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون برداشت ڪيون. باچا خان جي زندگيءَ جو مطالعو ڪرڻ بعد حيرت ٿيندي ته سنڌ جي قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد وانگر باچا خان  ست ڀيرا قيد ڪيو ويو. انهن ستن قيدن جو مجموعي عرصو چوڏهن سال، ڇھه مهينا ۽ نَوَ ڏينهن بڻجي ٿو. جڏهن ته ٻه قومي نظريي جي سخت مخالفت سبب باچا خان پاڪستان ۾ 12 ڀيرا نظربند ڪيو ويو ۽ ڪُل ملائي ڪري 19 ڀيرا گرفتاريون ٿيون، جن جو مجموعي عرصو 39 سال آهي. باچا خان جي اھڙي جدوجھد کان متاثر ٿي آفريڪا جي انقلابي اڳواڻ نيلسن منڊيلا هڪ ڀيرو چيو هو ته: “مون آزاديءَ جو سبق باچا خان کان سکيو هو.”  فخر جھڙي هن شخص جي پيدائش  6  فيبروري 1890ع تي ضلعي چار سده جي ڳوٺ اتمان زئي ۾ ٿي. سندس والد خان بھرام خان علائقي جو معزز زميندار هو. باچا خان ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ ايڊورڊ مشن هاءِ اسڪول پشاور ۾ داخلا ورتي. تعليم دوران ئي هن محسوس ڪيو ته سندس قوم تعليم جي کوٽ سبب پٺتي پيل آهي. سندس والد چاهيندو هو ته هو برطانوي فوج ۾ شامل ٿئي، جيڪا اُن وقت پشتون نوجوانن لاءِ عزت وارو پيشو سمجهيو ويندو هو، پر باچا خان فوج ۾ وڃڻ بدران پنهنجي قوم جي خدمت جو رستو چونڊيو.

تعليمي خدمتون ڪيون، هن ويھن ورهين جي عمر ۾ پشتونن ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ اتمان زئي ۾ پهريون آزاد اسڪول کوليو. دلچسپ ڳالھه اها آهي ته سنڌ جي قومپرست اڳواڻ به قوم جي تعليم جو اونو دل ۾ رکندي سن شھر ۾ سڀ کان اول مدرسي پوءِ اسڪول جو بنياد وڌو ته جيئن سندس ڳوٺ جا ڇوڪرا پڙهي سگهن. باچا خان به جنهن مدرسي جو بنياد وڌو، اهو مدرسو پنھنجي نوعيت جو منفرد ادارو هو، جتي پشتون ٻارن کي جديد تعليم ڏني ويندي هئي. برطانوي حڪومت جي انتظام هيٺ هلندڙ مدرسن جي ابتڙ، هتي قومي شعور ۽ سماجي سڌارن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو. هي تعليمي ادارو صرف علم جي درسگاهه نه هو، پر پشتون سماج ۾ سماجي ۽ فڪري انقلاب جي پهرين ڪڙي ثابت ٿيو. هن تعليم کي انسان جي فڪري آزادي جو ذريعو قرار ڏنو ۽ هميشه زور ڏنو ته هر فرد کي پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن کي نکارڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.

1911ع ۾ هن حاجي صاحب ترنگزئي سان گڏجي تحريڪِ اصلاح الافاغنه جو بنياد رکيو فاغنه پشتو ۾ دانهن کي چيو ويندو آهي. هن تحريڪ جو مقصد هڪ اهڙي دانهن هئي جيڪا پشتون قوم کي غفلت مان جاڳائڻ لاءِ ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد پشتونن ۾ سماجي براين خلاف آواز بلند ڪرڻ هو. انهن ڏينهن ۾ مولوي تاج جي وسيلي ديوبند ۾ اچڻ وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيو. اهڙيءَ ريت شيخ الهند مولانا محمود حسن ۽ مولانا عبيدالله سنڌي سان لاڳاپا قائم ٿيا، جيڪي تعليم سان گڏ انگريزي غلاميءَ خلاف جدوجهد ڪري رهيا هئا، جنھن جا نتيجا تمام ڪارائتا ثابت ٿيا ۽ پوءِ سندس ملاقات مهاتما گانڌي ۽ مولانا محمد علي جوهر جهڙن رهنمائن سان ٿي. 1914ع ۾ پهرين عالمي جنگ دوران، برطانوي حڪومت هن جي اسڪول کي مشڪوڪ سرگرمين جو مرڪز قرار ڏئي بند ڪرائي ڇڏيو، پر ان سان سندس عزم وڌيڪ مضبوط ٿيو. 1915ع ۾ هن “دارالعلوم اسلاميه” نالي هڪ ٻيو تعليمي ادارو قائم ڪيو، جيڪو ڪيترن ئي سالن تائين پشتون علائقن ۾ تعليم ۽ تربيت جو اهم مرڪز رهيو. انهيءَ دور ۾ هو خلافت تحريڪ ۾ به شامل ٿيو ۽ 1919ع ۾ پھريون ڀيرو جيل ويو. اهو سندس ڊگهي جدوجهد جو آغاز هو، جيڪا پوءِ خدائي خدمتگار تحريڪ جي صورت اختيار ڪري وئي. هيءَ تحريڪ باچا خان 1929ع ۾ شروع ڪئي، جيڪا پشتون سماج ۾ هڪ انقلابي قدم هو. هي تحريڪ سماجي برابري، ڀائيچاري ۽ امن جي اصولن تي قائم هئي. ان جا بنيادي اصول هئا: عدم تشدد جي پاليسي تي عمل، سماج مان طبقاتي فرق جو خاتمو، پشتون رسمن ۽ رواجن ۾ مثبت تبديليون، تعليم جو فروغ، خودداري ۽ خدمتِ خلق جو جذبو. خدائي خدمتگار تحريڪ پهريون ڀيرو پشتون سماج ۾ جاگيرداري نظام کي کليل چئلينج ڏنو. باچا خان خاص طور هارين ۽ مزدورن کي پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي همت ڏني. هو چوندو هو ته “خدمتِ خلق، خدمتِ خدا آهي” ۽ انهيءَ اصول تي هن پنهنجي تحريڪ جو بنياد رکيو. هي تحريڪ رڳو سياسي نه هئي، پر هڪ وسيع سماجي سڌاري واري تحريڪ به هئي. هن پشتونن کي خون خرابن جي روايت مان ڪڍي امن ۽ ميل جول جي راهه تي آندو. باچا خان پنهنجن پوئلڳن کي سيکاريو ته بندوق بدران قلم کڻن، بدلي بدران ڀائيچارو اختيار ڪن ۽ جهالت بدران علم کي پنهنجي مشعلِ راهه بڻائين.

عورتن جا حق ۽ تعليم جو فروغ: باچا خان ان دور ۾ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو، جڏهن پشتون سماج ۾ عورتن کي گهر جي چوديواري تائين محدود سمجهيو ويندو هو. هن رڳو نظرياتي طور نه، پر عملي طور به عورتن جي ترقي لاءِ قدم کنيا. پنهنجي ڌيءَ مهر تاج کي نه رڳو اعليٰ تعليم ڏياري جيئن سائين جي ايم سيد پنھنجي نياڻي درشھوار کي ڏياري هئي. باچا خان پنھنجي نياڻي کي  سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ به شامل ڪيو، جيڪو ان وقت جي پشتون سماج ۾ هڪ انقلابي قدم هو. باچا خان جو چوڻ هو ته “ڪابه قوم تيستايئن ترقي نٿي ڪري سگهي، جيستائين ان جون عورتون تعليم يافته ۽ باشعور نه هونديون.” هو اڪثر چوندو هو ته عورت قوم جي بنياد آهي؛ جيڪڏهن بنياد ڪمزور هجي ته عمارت مضبوط نٿي ٿي سگهي. باچا خان سياسي ميدان ۾ عدم تشدد ۽ امن پسندي کي پنھنجو شعار بڻايو. سندس جدوجھد ۽ فلسفو برصغير ۾ هڪ منفرد حيثيت رکن ٿا. هن موهن داس گانڌي ۽ دارالعلوم ديوبند جي ٻين سياسي عالمن سان گڏجي هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هو ورهاڱي جو سخت مخالف هو. سندس خيال هو ته مذهب جي بنياد تي ملڪ جي ورهاست نه رڳو نفرتن کي جنم ڏيندي، پر انساني جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ ناقابلِ تلافي نقصان جو سبب به بڻبي. 1947ع ۾ ورهاڱي دوران ٿيندڙ فسادن ۽ خونريزي سندس خدشن کي درست ثابت ڪيو.ورهاڱي کانپوءِ باچا خان کي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. پنهنجن اصولن ۽ نظرين سبب کيس نئين پاڪستاني حڪومت جي مخالفت برداشت ڪرڻي پئي ۽ بار بار قيد ڪيو ويو، پر سندس عزم ۽ قربانين ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي. هو هميشه زور ڏيندو رهيو ته تشدد ذريعي ڪڏهن به پائيدار امن حاصل نٿو ڪري سگهجي. هو  پنهنجي مادري ٻولي پشتو جو وڏو حامي هو. سندس خيال هو ته ڪنھن به قوم جي سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي ترقي جو پهريون قدم اهو آهي ته تعليم مادري ٻولي ۾ ڏني وڃي. سندس نظر ۾ ٻولي رڳو رابطي جو ذريعو نه، پر ثقافت، سڃاڻپ ۽ اجتماعي شعور جو مرڪز به آهي. هن پشتو ٻولي جي ترقي لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا. سندس سڀ کان اهم ڪارنامو “پختون” نالي رسالي جو جاري ڪرڻ هو، جيڪو نه رڳو پشتو ادب جي واڌ ويجهه جو ذريعو بڻيو، پر خدائي خدمتگار تحريڪ جي مقبوليت ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. باچا خان جو خيال هو ته ٻارن کي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏيڻ سندن فڪري ۽ ذهني واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي. هو سمجهندو هو ته مادري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻار پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ ورثي سان ڳنڍيل رهندا آهن، جنهن سان سندن سڃاڻپ مضبوط ٿيندي آهي. پشتو ٻولي جي فروغ لاءِ سندس ڪوششون رڳو ادبي ميدان تائين محدود نه هيون، پر هن ٻولي کي پختونن ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي وڌائڻ جو ذريعو بڻايو. سندس موقف هو ته ٻولي ۽ تعليم جي ترقي سان قوم خود مختياري ۽ خوشحالي ڏانهن وڌي سگهي ٿي. صبر ۽ استقلال جو مجسمو ۽ انسانيت جو سفير خان عبدالغفار خان 20 جنوري 1988ع تي وفات ڪري ويو.کيس  سندس وصيت موجب افغانستان جي شهر جلال آباد ۾ تدفين ڪيو ويو.  ياد رهي ته ڀارتي حڪومت 1987ع ۾ خان عبدالغفار خان کي “ڀارت رتن” ايوارڊ سان نوازيو، جيڪو جمهوريه ڀارت جو سڀ کان وڏو شهري اعزاز آهي. هي ايوارڊ غير معمولي عوامي خدمتن، ڪاميابين ۽ انساني ڪوششن جي مختلف شعبن ۾ خدمتن جي اعتراف طور ڏنو ويندو آهي. باچا خان جو امن، محبت ۽ خدمت تي ٻڌل فلسفو اڄ به سڄي دنيا لاءِ مشعلِ راهه آهي. سندس شخصيت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مضبوط عزم ۽ اعليٰ قدرن سان دنيا کي بهتر ۽ پرامن بڻائي سگهجي ٿو. باچا خان جهڙا رهنما صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. سندس شخصيت ننڍي کنڊ جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي، جيڪو هميشه انسانيت لاءِ وقف رهندو. هن پنهنجي زندگي انسانيت جي فلاح ۽ بهبود، سماجي انصاف ۽ اهنسا جي اصولن تي گذاري. باچا خان جي تعليم نه رڳو پنهنجي دور لاءِ اهم هئي، پر اڄ جي دور ۾ به راهه ڏيکاريندڙ آهي. سندس خدمتون اڄ به اصولي رهنمائي جو درجو رکن ٿيون ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ اهڙو قيمتي اثاثو آهن، جنهن تي عمل ڪري دنيا کي وڌيڪ بهتر ۽ پرامن بڻائي سگهجي ٿو.