ڪجهه شاعر وقت ۾ بيهي نٿا لکن؛ وقت سندن اندر وهندو رهي ٿو. اهڙا شاعر ڪنهن هڪ دور جا قيدي ناهن هوندا، پر صدين جي زخمن، خوابن ۽ سوالن کي پنهنجي لفظن ۾ کڻي هلندا آهن. پروفيسر ساجد سومرو اهڙو ئي آواز آهي، جيڪو شيخ اياز جي شهر سکر مان اڀري، سنڌ جي فڪري، روحاني ۽ سماجي ضمير سان سڌي گفتگو ڪري ٿو. هن جي شاعري پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ شاعر نه، پر خود سنڌ ڳالهائي رهي هجي.
ساجد سومرو جي شاعريءَ جي ماھيت اها آهي ته هو لفظن کي رڳو اظهار جو ذريعو نٿو بڻائي، پر انهن کي ذميواريءَ سان ڪم آڻي ٿو. هو پنهنجي دور جو باشعور مامور آهي، جيڪو سماج جي حالت تي نظر به رکي ٿو ۽ ان تي سوال به اٿاري ٿو. ڪڏهن هو رجز گو بڻجي جنگ، ظلم ۽ بربريت جو احوال ٻڌائي ٿو، ته ڪڏهن هڪ سچو راوي ٿي سنڌي روايت، تاريخ ۽ درد کي اڳتي منتقل ڪري ٿو.
سندس ٻولي شسته، صاف، تراشيل، غير ضروري بناوٽ کان پاڪ، لفظن ۾ وقار آهي، لهجي ۾ سچائي ۽ سندس فڪر ھمه گير آهي. هو رڳو عشق يا سياست تائين محدود نٿو رهي، پر انسان، خدا، وطن، تاريخ، جنگ، بک ۽ آزادي سڀني موضوعن کي هڪ ئي شعوري دائري ۾ کڻي اچي ٿو. سندس شاعري دميق، ڳُوڙهي، گهڻ تهي آهي، جنهن کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان پورو نٿو سمجهي سگهجي.
سَينَ ۾ دانُ ڪو ڪٿي هوندو!
عشقُ آسانُ ڪو ڪٿي هوندو!
هي سٽون عشق جي روايتي رومانويت کي ٽوڙي ڇڏين ٿيون. هتي عشق ڪو هلڪو احساس ناهي، پر آزمائش، ذميواري ۽ جدوجهد آهي. عالمي ادب ۾ به اهڙو تصور ملي ٿو، عشق ذميواري آهي ۽ ساجد سومرو وٽ عشق سچ تائين پهچڻ جو اڙانگو، پر حسين سفر آهي.
ساجد سومرو جي فني ھئيت به اهم آهي. هو غزل جي پابنديءَ ۾ به لکي ٿو ته نظم جي آزاديءَ ۾ به، پر هر صورت ۾ هو فڪر جو تسلسل قائم رکڻ ۾ ڪامياب رهي ٿو. ڪيترين ئي جڳهين تي هو سماجي حقيقتن کي تمثيل جي روپ ۾ پيش ڪري ٿو، ڪهاڻي جهڙي شاعري، جتي علامت، ڪردار ۽ منظر گڏجي وڏي سچ ڏانهن اشارو ڪن ٿا. اهڙين سٽن ۾ شاعر ڄڻ گوھر افشاني ڪرڻ لڳي ٿو؛ لفظ موتين وانگر وکيري ٿو، پر نمائش لاءِ نه، معنيٰ لاءِ.
سماج بابت ساجد سومرو جو رويو تماشائي وارو ناهي. هو سوال ڪري ٿو، ٽڪراءُ ڪري ٿو، پر نعري بازي نٿو ڪري. بک، غربت ۽ ناانصافي سندس شاعريءَ جا مرڪزي موضوع آهن:
ٻارڙا سڀ بکيا سمهيا آهن:
چنڊ اڄ نان ڪو ڪٿي هوندو!
هتي چنڊ جهڙي رومانوي علامت به بک آڏو بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. شاعر ڄڻ اهو پڇي رهيو هجي ته حسن، شاعري ۽ خوابن جي ڪهڙي اهميت، جڏهن ٻار بکيا هجن؟ اها ئي سوچ کيس پابلو نرودا جي مزاحمتي شاعريءَ سان جوڙي ٿي.
جنگ بابت به ساجد سومرو وٽ ڪا رومانويت ناهي:
جنگ ۾ اوچتو ڪِري پيو هو:
ها لڳو ڪان ڪو ڪٿي هوندو!
هي سٽ جنگ جي ساري حماقت کي وائکو ڪري ڇڏي ٿي. هتي نه هيرو آهي، نه فتح، صرف هڪ اوچتو ڪري پوندڙ انسان. اها جنگي سوچ وليفرڊ اوون جهڙن شاعرن جي انساني احتجاج سان ملي ٿي.
تاريخ ۽ وطن ساجد سومرو وٽ رڳو حوالا ناهن، پر اندر جا زخم آهن. سنڌ هن لاءِ جاگرافيائي حدبندي نه، پر زنده احساس آهي:
جَهوڪُ هَو، سَن-هَو، ڪا دَرازا هئي:
مون ڏٺو خوابَ ۾ رات پنهنجو وطن!
هي خواب ماضيءَ جي عظمت جو نوحو به آهي ۽ مستقبل جي اميد به. ننڍي کنڊ جي شاعريءَ ۾، جتي شاعر کان وڏي اخلاقي ڪردار جي اميد ڪئي ويندي آهي، ساجد سومرو انهن برثواب اميدن تي پورو لهي ٿو. هو سڌير ۽ جھانديدو شاعر آهي، جيڪو وقت جي سياست، طاقت جي راند ۽ سماجي تضادن کان واقف آهي.
“عشق منهنجو وطن؛ حسن منهنجو چمن!”
هي وطن سان عشق نعري بازي نه، پر شعوري محبت آهي، اهڙي محبت، جيڪا درد سان گڏ هلندي آهي. ناظم حڪمت وانگر، ساجد سومرو وٽ به وطن انساني وقار سان جڙيل آهي.
وجود، خدا ۽ مذهب بابت سندس سوال به انتهائي بي ڊپا آهن:
تَراشَي ڪڍيو مون بُتن جَي بَدن مان!
خُدا کي به ٺاهيم مِٽي جي ڳَنڍَن مان!
“هي منبر به نِڪتو ڪُنڀر جي هٿن مان!
اهي سٽون الحاد جو اعلان ناهن، پر مذهب جي نالي تي ٿيندڙ حماقت خلاف احتجاج آهن. هتي شاعر خدا کي رد نٿو ڪري، پر خدا تائين پهچڻ لاءِ انسان جي ٺاهيل خوفن کي ٽوڙڻ چاهي ٿو. هتي شعائر الله جو احترام به آهي ۽ مذهب ۾ واپار تي سوال به. اها فڪري جرئت نٽشي جي سوالن سان ملي ٿي ته رومي جي اندروني سچ جي ڳولها سان پڻ.
ساجد سومرو جي هر تخليق اندر واعظ بدران اخلاقي سڌارو سمايل آهي، جيڪو فڪري آهي. سندس تخيل حسن سان گڏ سچ کي به پيش ڪري ٿو. هو سچ کي نس پس بيان ڪري ٿو، سينگار کان سواءِ. سياست، سماج ۽ فرد، سڀني معاملن ۾ هو سياست، بلاغت ۽ فصاحت جو توازن رکي ٿو.
اظهار جي آزادي بابت سندس لهجو صاف ۽ سخت آهي:
هوائن کي ٻڌائي ڇڏ! بغاوتن تي بندش آ
سوالن تي، جوابن تي، وضاحتن تي بندش آ.
هي نظم رڳو شاعري ناهي، پر ھڪ احتجاج آھي، انوکي رڙ آهي، ھڪ اھڙي رڙ جيڪا راجا ڏاھر جي ڌيءَ ديبل جي دڙي تي ڪئي. اهو ياد ڏياري ٿو ته خاموشي به ڏوهه ٿي سگهي ٿي، اھڙي طرح ساجد سومرو جي شاعري آزاديءَ جي پاسداري ڪري ٿي.
اڄ جي دور ۾، جتي ڪيترائي قدر غائب ٿيندا پيا وڃن، ساجد سومرو خبردار ڪري ٿو ته ڪٿي ايئن نه ٿئي ته اسين لفظن جي ذميواري وساري ويهون. هن وٽ شاعري هڪ گران مايه (تمام قيمتي) امانت آهي. هو شهرت تي اڪتفا (قناعت) نٿو ڪري، پر سچ لکڻ کي فرض سمجهي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي به غير ضروري عرياني نظر نٿي اچي. هر اظهار باوقار، سنجيده ۽ بامعنيٰ آهي. هو پنهنجي جدت تي نازان ضرور آهي، پر روايت کان ڪٽيل ناهي.
چئبو ته ساجد سومرو رڳو شاعر ناهي، پر پنهنجي دور جو فڪري دستاويز آهي، شيخ اياز کان پوءِ ڪويتا جي چيچ سندس ھٿ ۾ آھي. سندس شاعري تاريخ، تصوف، فلسفي ۽ جديد شعور جو سنگم آهي. کيس پڙهڻ، اصل ۾ سنڌ کي پڙهڻ آهي، ان جي زخمن ۽ خواب سميت.