ايڊيٽوريلنئون

ڪي پي ڪي ۾ پرائمري کان هائر سيڪنڊري تائين پشتو لازمي، وفاق کي هاڻي صوبائي ٻولين جي ترويج لاءِ هڪ قدم اڳتي کڻڻ جي ضرورت

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، جنهن جا چار صوبا، چار ڌار ڌار ٻوليون ڳالهائين ٿا، جن جو پنهنجو ڌار ڪلچر آهي. انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ڏٺو وڃي ته هر ٻوليءَ جي پنهنجي هڪ صوبائي حيثيت به آهي ۽ هر ٻولي وفاق سان جڙيل هجڻ جي ڪري وفاق ۾ پنهنجي حيثيت رکي ٿي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته وفاق انهن صوبائي ٻولين کي اڄ ڏينهن تائين نظر انداز ڪندو آيو آهي. 18 جنوري 2026ع تي ڪي پي ڪي جي حڪومت پرائمري کان وٺي هائر سيڪنڊري تائين پشتو زبان کي پڙهائڻ لازمي قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. ان خبر سان اهي سڀ ماڻهو تمام گهڻو خوش ٿيا آهن، جيڪي پنهنجين مادري ٻولين سان پيار ڪن ٿا ۽ ٻين ٻولين لاءِ عزت ۽ احترام جو جذبو رکن ٿا. مادري ٻولي نه صرف ڪنهن به انسان جي سڃاڻپ هوندي آهي، پر هڪ فرد جي ذهني نشونما ۽ سماجي بقا جو بنياد پڻ آهي. تعليمي ماهرن ۽ نفسياتي ماهرن مطابق ماءُ ٻوليءَ ۾ ٻار پنهنجي خيالن کي جلدي سمجهي سگهي ٿو ۽ اهو خيال کيس اڳتي هلي وڌيڪ تخليقي صلاحيتون فراهم ڪري ٿو. ٻوليءَ جي اندر شاعري، پهاڪا، ڪهاڻيون ان ٻوليءَ جا ننڍڙا ننڍڙا پرزا آهن جيڪي ان ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ خوبصورتيءَ کي اڃان وڌيڪ پختو ڪري انسان اندر اعتماد پيدا ڪن ٿا، پر هن وقت اسان جيڪڏهن ٻوليءَ جي اهميت کي ڏسون ته دنيا ۾ چند ٻوليون بين الاقوامي حيثيت حاصل ڪري چڪيون آهن جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي قومون پنهنجين ٻولين کي فراموش ڪري ڌارين ٻولين ۾ لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي رهيون آهن. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگريزي ٻولي آهي جنهن سڄي دنيا کي هڪ جهڙائي سان متاثر ڪيو آهي، پر جتي ٽيڪنالاجيءَ جا ڪجهه نقصان آهن اتي فائدا به آهن. هاڻي ننڍيون ننڍيون ٻوليون پنهنجو پاڻ کي ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي وري جيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ۽ هن وقت ۾ موجود ڪجهه ذميدار ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ اهم قدم کڻي رهيا آهن. ڪي پي ڪي جو پرائمري کان هائر سيڪنڊري تائين پشتو کي لازمي ڪرڻ هڪ احسن قدم آهي.

سنڌ ۾ قانون مطابق اها ڳالهه لازمي آهي ته ٻارن کي سنڌي لازمي پڙهائي وڃي، پر هن وقت سنڌي ٻوليءَ کي صرف سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. جڏهن ته خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي شدت سان نظر انداز ٿيل آهي. جنهن جو نقصان سڄي صوبي کي اهو ٿي رهيو آهي ته خانگي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻار پنهنجي ٻولي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ کان محروم ٿي رهيا آهن. پاڪستان جيئن ته هڪ وفاق آهي ۽ ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم مڪمل طور صوبن جي حوالي ڪئي وئي آهي، پر وفاق جي اها ذميداري آهي ته وفاقي سطح تي استادن جون نامزدگيون ڪيون وڃن ۽ آئين ۾ ترميم آڻي هڪ نئون قدم کنيو وڃي، جيڪو پاڪستان کي تمام گهڻو مضبوط ڪندو، اهو هي آهي ته چئني صوبن جون ٻوليون چئني صوبن ۾ آپشنل ٻولين طور موجود هجڻ گهرجن، جيڪي سيڪنڊري اسڪول کان پڙهائڻ شروع ڪيون وڃن ۽ انهن ٻولين جا استاد وفاق جا ملازم هجڻ گهرجن، جيڪي شاگرد جنهن به صوبي ۾ سنڌي، پنجابي، بلوچي يا پشتو مان ڪابه ٻولي پڙهڻ چاهين انهن کي ان ٻوليءَ کي چونڊڻ جي اجازت هجڻ گهرجي. ان سان هڪ نئون ماحول جڙندو، وفاق ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جي لاءِ نوڪريون پيدا ٿينديون. صوبن جي وچ ۾ ثقافتي پُل تعمير ٿيندي جنهن سان صوبن جي وچ ۾ تعصب جو خاتمو ٿيندو ۽ صوبائي سطح تي ماڻهو هڪٻئي جي ويجهو اچڻ شروع ٿيندا. ڇو ته انهن کي احساس ٿيندو ته پاڪستانيءَ جي حيثيت سان سندن ٻوليون ساڳي طرح اهم ۽ معزز آهن. جيڪڏهن استاد دستياب نه هجن ته انهن کي ڊجيٽل ڪلاس جي طور تي پڙهايو وڃي. ان قدم کڻڻ سان پاڪستان جيڪو اڳ ۾ ئي چئن مختلف ثقافتن ۽ ٻولين جو گلدستو آهي، اهو يقينن بين الثقافتي سماج بڻجي ويندو. هڪٻئي جي ٻولي سکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪري مختلف صوبن جو ادب پڙهجڻ شروع ٿيندو، شاعري سکي ويندي ۽ اسٽريئو ٽائپ ڪلچر جو خاتمو ٿيندو.

 في الحال اهو ڪنهن ديواني جو خواب ٿي سگهي ٿو، پر ڪابه شيءِ ناممڪن ناهي. ان جي لاءِ صرف مثبت سوچ ۽ منطقي انداز ۾ سوچي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. اسان وٽ هميشه گڏجڻ کي خطرناڪ سمجهيو ويو آهي ۽ سماج جي وچ ۾ ديوارون کڙيون ڪيون ويون آهن، پر هاڻي پاڪستان جتي بيٺو آهي ان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ گڏجي  هڪ اهڙو مضبوط پاڪستان جوڙيون جنهن ۾ اسان سڀ هڪٻئي جي ويجهو اچون، هڪٻئي جي ٻولي سکون، هڪٻئي جي ادب کي پڙهون، هڪٻئي جي شاعري ڳايون ۽ پاڪستان جو هڪڙو فرد انگريزيءَ سوڌو پنج ٻوليون ڳالهائيندڙ بڻجي وڃي، جنهن کي “پينٽالنگوئل” چئي سگهجي، ان سان پاڪستان جي انهن نوجوانن جي قدر ۾ اضافو اچي ويندو، انهن جي اندر مختلف سماجن کي سمجهڻ جي سگهه پيدا ٿيندي ۽ گڏجي رهڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. اهو نوجوان جيڪو مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ هوندو، اهو هڪ اهڙو هنرمند هوندو جيڪو پنهنجي مختلف ٻولين جي ڄاڻ هجڻ جي ڪري تمام گهڻو معتبر هوندو ۽ سماج ۾ مثبت رويو رکندڙ انسان بڻجي ويندو. اميد آهي ته پنجاب ۽ بلوچستان جتي بلوچستان جون ٻوليون پڙهائڻ جو قانون ته موجود آهي، پر عملدرآمد ٿيندي نظر نٿو اچي، ان تي جلد عمل به ڪيو ويندو.