بلاگنئون

سامراجي جنگين جو خاتمو طبقاتي جنگ سان ئي ممڪن آهي!

سڄي دنيا ۾ جنگين ۽ گهرو ويڙهن جو انگ وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ لکين بيگناهه ماڻهو ٻارڻ بڻجي رهيا آهن. حقيقت ۾ انهيءَ قتل عام جو بنياد سرمائيداراڻو نظام آهي، جيڪو سموري دنيا ۾ ڏيوالپي جو شڪار آهي ۽ تاريخي طور تي ڀور ڀور ٿي چڪو آهي. اهو نام نهاد سرمائيدراڻو نظام جيڪو سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ ۽ ترقي ڏيڻ جي بجاءِ انساني نسل کي هر پاسي کان بربادي ۽ تباهي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي، پر ان نظام تي ويٺل حڪمران انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪرڻ جي بجاءِ هر ممڪن طريقي سان انهيءَ نظام ۽ ان جي ماتحت موجود پنهنجي حڪمراني جو دفاع ڪري رهيا آهن. چاهي انهيءَ جي لاءِ کين لکين ماڻهن جو رت ڇو نه وهائڻو پوي.

فلسطين تي اسرائيل جي جارحيت جو خاتمو ته نه ڪيو ويو، بلڪه اها هينئر به ھلندڙ آهي ۽ جنگ بندي جهڙي نام نهاد معاهدي جي باوجود اسرائيل فلسطيني عوام کي ڪيڙن ماڪوڙن جيان ماري رهيو آهي. گذريل ٻن سالن ۾ هتي لکين بي گناهه ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن. جڏهن ته انهيءَ کان وڌيڪ بي گهر ۽ بک جو شڪار آهن، پر سڄي دنيا جا حڪمران ان بربريت کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن. اسرائيل فلسطين کانسواءِ وچ اوڀر ۾ جنگيون مڙهي ڇڏيون آهن ۽ هو مغربي طاقتن جي ٽيڪ تي پنهنجي بربريت ۽ وحشت جو دائرو ڪشادو ڪندو پيو وڃي. لبنان، شام، يمن ۽ ايران کانپوءِ قطر ۾ اسرائيلي ميزائلن جي حملن چٽو ڪري ڇڏيو آهي ته اهي جنگيون ختم ٿيڻ جي بجاءِ شدت اختيار ڪنديون پيون وڃن.

روس يوڪرين جنگ ۾ به لکين فرد موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن. جڏهن ته يوڪرين جي آبادي جو وڏو حصو تباهي ۽ بربادي جو شڪار ٿيو آهي، جنهن جنگ ۾ روس کي تمام گهڻي برتري حاصل آهي، پر ان جي باوجود امن معاهدي ۽ جنگ جي خاتمي جا امڪان اڃان به چٽا ناهن. ڏٺو وڃي ته ان جنگ جو موجوده صورتحال ۾ خاتمو ٿي به وڃي ٿو ته يورپ ڪيترن ئي نون جهڳڙن ۽ ويڙهن ۾ داخل ٿيندو، جنهن ۾ مغربي سامراجي ملڪ ۽ روس جي سامراجي اڀار ۾ ٽڪراءَ شدت اختيار ڪندو ويندو. يورپ جي نيٽو ملڪن جا حڪمران روس جي انهيءَ نئين ڪردار کي تسليم ڪرڻ لاءِ بلڪل به تيار ناهن ۽ هر ممڪن طريقي سان پنهنجين اڳوڻين رياستن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا. ان جي لاءِ اڳ ئي دفاعي خرچن ۾ وڏي پيماني تي واڌارا ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته جرمني ۾ وڏي پيماني تي فوجي ڀرتين واري عمل جي به شروعات ٿي چڪي آهي. يورپ ۾ هٿيارن جي ڊوڙ جي به نئين شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ گهٽتائيءَ جا ڪي به امڪان نظر نه پيا اچن.

هن وقت لاطيني آمريڪا ۾ هڪ نئين جنگ جا ڪڪر ڇانورو ڪيو ويٺا آهن، جنهن ۾ آمريڪي سامونڊي ٻيڙو وينز ويلا جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪندو پيو وڃي ۽ ان تي هڪ زبردستي جنگ مڙهي پئي وڃي. آمريڪي سامراج افغانستان ۾ ذلت واري شڪست کائڻ کانپوءِ يوڪرين جي جنگ ۾ به پنهنجي ساک بحال ناهي ڪري سگهيو ۽ هن کي روس جي اڳيان بيعزتي کي منهن ڏيڻو پيو. ٽرمپ جي مڙهيل واپاري جنگ ۾ به چين کي شڪست نه ڏئي سگهي، بلڪه چين اڳ کان به ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اڀري آيو آهي.

جاپان جو چين کي ڌمڪيون ڏيڻ جو به سخت جواب مليو آهي ۽ تائيوان جي مسئلي تي چين جي خلاف جنگ جي تيارين ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين جون ڪمزوريون چٽيون ٿيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ آمريڪي سامراج لاطيني آمريڪا جي دفاع طور تي هڪ ڪمزور ملڪ ۾ پنهنجي مرضي جي حڪومت ٺاهي ڪري دنيا تي هڪ ڀيرو پنهنجو داٻو ويهارڻ چاهي ٿو.

ان حوالي سان ٽرمپ وينز ويلا جي صدر ماڊورو تي پريشر وڌائيندو پيو وڃي ۽ ان کي لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ماڊورو سرمائيداراڻي نظام جي بدترين مصالحت ڪرڻ جي باوجود اقتدار کان هٽڻ جي لاءِ تيار ناهي ۽ آمريڪي سامراج سان ٽڪر کائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ جتي ڇڪتاڻ وڌڻ جا امڪان آهن. اتي ان جنگي صورتحال جي شديد ٿيڻ جا امڪان به موجود آهن، جيڪي پرڳڻي ۾ وڌيڪ پکڙجي سگهن ٿا.

 ٿائلينڊ ۽ ڪمبوڊيا ۾ هڪ ڀيرو وري جنگ شروع ٿي چڪي آهي ۽ ٻنهي پاسن کان پنجن لکن کان وڌيڪ فرد سرحدي علائقن ۾ لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن. آفريقا جي مختلف ملڪن ۾ جنگيون ۽ گهرو ويڙهون وڌي رهيون آهن، جن ۾ سوڊان سرفهرست آهي، جتي گهرو ويڙھ ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ فرد مارجي چڪا آهن. جڏهن ته اولھ سوڊان ۾ آبادي جو هڪ وڏو حصو ڏڪار ۽ لڏپلاڻ جو شڪار آهي. ڪجھ مهينا اڳ انڊيا ۽ پاڪستان به هڪ چئن ڏينهن واري جنگ ڪري چڪا آهن، جنهن ۾ هڪٻئي تي نيو ڪليئر حملي جون نهايت خطرناڪ ڌمڪيون به جاري ڪيون ويون. اچڻ واري عرصي ۾ ان جهڳڙي جي وڌڻ جا امڪان موجود آهن. پاڪستان جا حڪمران افغانستان تي به هوائي بمباري ڪري چڪا آهن ۽ سرحدي جهڙپون به وقت بوقت جاري آهن. اچڻ واري عرصي ۾ ان پرڳڻي سميت سڄي دنيا ۾ اهڙين جنگين جي وڌڻ جا امڪان آهن. جيتوڻيڪ ٽين عالمي جنگ جو في الحال ڪو امڪان ناهي، جنهن جو سبب عالمي سطح تي طاقتن جو توازن ۽ ايٽم جهڙن هٿيارن جي موجودگي آهي.

انهن جنگين ۾ درست سياسي موقف اپنائڻ ۽ مزدور طبقي جي مفادن جي تحفظ لاءِ سياسي پروگرام جي جوڙجڪ نهايت اهميت اختيار ڪري وڃي ٿي. جنگ جي دوران حڪمران طبقو پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ڪندي پنهنجي حمايت جي لاءِ پروپيگنڊه تيز ڪري ڇڏي ٿو. وقت جون مڙهيل اڪثر سياسي پارٽيون به حڪمران طبقي جي مفادن جي تحت پنهنجا اهڙا اختلاف پوئتي وجهي دشمن ملڪ جي خلاف هڪ ٿي وڃن ٿيون. قومي وحدت ۽ دفاع جي ڦڪي وڏي مقدار ۾ وڪرو ڪئي ويندي آهي ۽ گڏ ئي عوام کان وڏي قرباني به گهري ويندي آهي. جنگ جي خرچن جو ٻوجھ عوام تي نئين ٽيڪسن جي شڪل ۾ مڙهيو ويندو آهي ۽ انهن کي وڌيڪ غربت ۽ بربادي ۾ ڌڪيو ويندو آهي. ٻئي پاسي سرمائيدار طبقي جو نفعو آسمان کي ڇهندي نظر ايندو آهي ۽ جنگي حالتن ۾ نفعي خوري، ذخيري ۽ ٻين طريقن سان سرمائيدار عوام کي بدترين انداز ۾ ڦرين ٿا. اهڙي صورتحال ۾ اڪثر انقلابي ۽ مزدور طبقي جي مفادن جا ترجمان به ان پروپيگنڊه جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ حڪومتي طبقي جي خدمت کي پاڻ تي فرض ڪري ڇڏين ٿا۔

حقيقت ۾ اهوئي اهڙو وقت هوندو آهي جڏهن حڪمران طبقي جي خلاف هڪ فيصلو ڪندڙ موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي عوام دشمن ڪردار کي وائکو ڪندي طبقاتي جنگ جي تياري تيز ڪئي وڃي ٿي. اڪثر جنگيون انقلابي تحريڪن کي به جنم ڏين ٿيون ۽ محنت ڪش طبقي کي فيصلي ڪندڙ بغاوت تي اڀارين ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ درست سياسي پروگرام ۽ موقف انقلابي قوتن کي عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ فيصلي وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوي ٿو.

انقلابي ڪميونسٽ اهڙين جنگين جي دوران ڪڏهن به سماج جي طبقاتي ورهاست کي نظرانداز نٿا ڪن، بلڪه ان کي وڌيڪ چٽي انداز ۾ سامهون آڻين ٿا ۽ اهڙا نعرا ۽ سياسي پروگرام ترتيب ڏين ٿا جن ۾ انهن سامراجي جنگين جي پٺيان لڪل حڪمران طبقي جي ناپاڪ ارادن ۽ انهن جي مفادن کي ننگو ڪري سگهجي. انهن جنگين جي دوران سياسي ۽ سماجي صورتحال به تيزي سان نوان موڙ وٺي ٿي ۽ عوامي سوچ به هڪ کان ٻئي پاسي تيزي سان تبديل ٿيندي ڏيک ڏئي ٿي. اها ڳالھ اڄ اڳ کان به وڌيڪ چٽي ٿي چڪي آهي ته انهن سامراجي جنگين جو بنياد سرمائيداراڻو نظام آهي. صرف هڪ سوشلسٽ انقلاب جي وسيلي ئي هر پرڳڻي ۽ سڄي دنيا ۾ حقيقي امن قائم ڪري سگهجي ٿو، جيڪو انساني نسل کي تعمير ۽ ترقي جي نئين منزل ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو.