ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2026 اندر بينچ مارڪ اضافو

اها هڪ خوشي جي ڳالهه آهي ته 2026 جي پهرئين مهيني جي پهرئين هفتي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اضافو ٿيو آهي ۽ ان 1 لک 79 هزار جي بلند سطح کي پار ڪيو آهي. مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي آغاز کان ئي تيزيءَ جو رجحان رهيو. ٽريڊنگ جي دوران هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس هڪ ڏينهن جي بلند ترين سطح 1 لک 79 هزار 16 پوائنٽس جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو. شمارياتي اداري مطابق پاڪستان ۾ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح ڊسمبر 2025 ۾ 5.6 رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪا وزارت خزانه جي اندازي مطابق 5.5 کان 6.5 سيڪڙو جي اندر رهي. اسٽيٽ بينڪ مطابق پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 26 ڊسمبر 2025 تائين 21.012 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا. جيڪي هڪ هفتو اڳ 19 ڊسمبر تي رڪارڊ ٿيل 21.023 ارب ڊالر جي مقابلي ۾ معمولي گهٽتائي ظاهر ڪن ٿا. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪجهه سببن جي ڪري تيزي آئي آهي. آئي ايم ايف جي نئين پروگرام جي معاهدي ۽ معاشي استحڪام سبب ملڪ ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي. وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سبب ناڻي جي پکيڙ ۾ ڪجهه گهٽتائي اچڻ جي ڪري سيڙپڪار پنهنجو پئسو بئنڪن مان ڪڍي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳائي رهيا آهن. جنهن جا نتيجا بهترين منافعي جي صورت ۾ ماڻهن کي ملي رهيا آهن. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جوکم جو ڪم هوندي آهي. تيزيءَ جي دوران به مارڪيٽ اوچتو لاٿ جو شڪار ٿي سگهي ٿي. خاص طور تي شيئرز جي خريداري ڪرڻ صرف انهن ماڻهن جي ئي سمجهه ۾ اچي ٿي، جيڪي ان ڪاروبار سان مستقل ڳنڍيل رهن ٿا، ۽ اهي مارڪيٽ جي لاٿ ۽ چاڙهه جي نفسيات کي سمجهي سگهن ٿا. پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي اچڻ سان ائين چئي سگهجي ٿو ته اها تيزي هڪ Bubble وانگر ثابت ٿيندي آهي، جيڪا ڪجهه وقت کانپوءِ لاٿ جي صورت ۾ نظر ايندي آهي. جيڪا سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري ڪرڻ کان روکي ٿي. ڇو ته هن وقت تائين اسانجي معيشت پنهنجن پيرن تي بيٺل هجڻ جي بجاءِ آئي ايم ايف جي ڏنل قرضن تي هلي رهي آهي.

ان ۾ استحڪام تڏهن ئي اچي سگهي ٿو، جڏهن ملڪي پيداوار (GDP) ۾ حقيقي واڌ نٿي ٿئي ۽ اها حقيقي وڌ تڏهن ئي ايندي جڏهن ملڪ جي پيداواري صلاحيت وڌندي. جيڪڏهن اسان جا پاليسي ساز ۽ حڪمران طبقو واقعي ئي اهو چاهين ٿا ته معيشت ۾ وقتي اڀار اچڻ بجاءِ مستقل ترقي اچي ته انهن کي ڪجهه اهم ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏئي پنهنجي پاليسين کي درست رُخ ۾ هلائڻو پوندو. هن وقت پاڪستان ۾ عام استعمال جو گهڻيون شيون ٻاهران کان گهرايون وڃن ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ پرڏيهي ناڻو جيڪو اسان کي قرض جي صورت ۾ ملي ٿو اهو انهن پيداواري ملڪن ڏانهن هليو وڃي ٿو، جنهن جو وياج پاڪستان جو غريب ۽ مجبور طبقو ڀري ٿو. پاڪستان کي هن وقت صنعتي پيداوار ۾ نئين سيڙپڪاري ڪرڻ، زراعت اندر جديد انقلاب پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجن انساني وسيلن تي سيڙپڪاري ڪري انهن کي هنرمند بنائڻ جي سخت ضرورت آهي. پاڪستان ۾ ٻاهرين ملڪن مان سيڙپڪار به هتي صرف ان ڪري سيڙپڪاري نه ٿو ڪري ڇو ته ٻين ڪيترن مسئلن سان گڏوگڏ هتي انهن کي اهو هنرمند هيومن ريسورس مهيا نه ٿو ٿئي. ڇو ته هتان کان هنرمند ۽ باصلاحيت ماڻهو اڳ ۾ ئي برين ڊرين جي صورت ۾ ٻاهر وڃي چڪا هوندا آهن، ان ڪري پاڪستان جي هر نوجوان کي هنرمند، پڙهيل لکيل ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم حاصل ڪرڻ لازمي هجڻ گهرجي. پاڪستان ۾ توانائي جي قيمتن ۾ تمام تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، ان ڪري به اسان وٽ صنعتون بند ٿي رهيون آهن.

اهو ئي سبب آهي جو اسان جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪڙو مصنوعي اڀار پيدا ٿئي ٿو، جنهن سان ڪجهه وقت جي لاءِ اسان کي محسوس ٿئي ٿو ته اسانجي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ اسان جي منافعي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿئي ٿو جو اسان وقت سان گڏوگڏ معيشت جا ماهر به پيدا نه ڪري سگهيا آهيون ۽ هتان جو حڪمران طبقو يا طاقتور ۽ پاليسي ساز طبقو پاڪستان کي صرف هڪ اهڙي ئي رياست جي طور تي هلائي ٿو، جنهن مان چند خاندان دولت جمع ڪري ٻين ملڪن ڏانهن اماڻي ڇڏين ٿا ۽ پاڪستان جي مسئلن کي پاڙ کان درست ڪرڻ جي ضرورت اڃا تائين محسوس ناهي ڪئي وئي ته جيئن چئني صوبن ۾ هڪ ئي وقت هڪ جهڙي ترقي آڻي سگهجي. اسان هن وقت پيداواري کوٽ جي دور مان گذري رهيا آهيون. حڪومت پنهنجا ٽيڪس جا هدف چاهي اهي صوبائي هجن يا وفاقي سطح تي پورا ناهي ڪري سگهي. اسان جي معيشت ۾ جڏهن به ٿوري بهتري اچي ٿي ته ان سان گڏوگڏ اسان ٻاهران کان تيار ٿيل مصنوعات گهرائي پنهنجو پرڏيهي ناڻو ٻيهر ٻاهر موڪلي ڇڏيون ٿا. اسان جون پاليسيون صرف چئن پنجن سالن جي ارد گرد گهمن ٿيون. اسانجي ملڪ جو گهڻو ناڻو اسٽاڪ مارڪيٽ يا ريئل اسٽيٽ ۾ ڦاٿل رهي ٿو، جيڪو ڪا وڏي پيداوار نه ٿو ڪري، اهو صرف چند مخصوص ماڻهن تائين محدود رهي ٿو ۽ ان جي پيداواري صلاحيت تمام محدود آهي. اسان کي ضرورت آهي نون ڪارخانن جي، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي زراعت ڪرڻ جي ۽ هنرمند هيومن ريسورس جي، پر ان هوندي به ائين چئي سگهجي ٿو ته معيشت جي اندر ڪجهه بهتري اچي رهي آهي. پاڪستان جي بينڪن جي اندر تمام گهڻو منافعو پيدا ٿي رهيو آهي. انرجي ۽ گئس جي ڳولها ڪندڙ ادارو او.جي.ڊي.سي.ايل جي شيئرز جي قيمت وڌي رهي آهي. پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي شيئرز ۾ به سرڪاري پاليسين جي ڪري تيزي رهي آهي. حب پاور ڪمپني هن وقت سڀ کان وڏي خانگي ڪمپني جي طور تي ڪم ڪري رهي آهي. ان کان علاوه اينگرو ڪارپوريشن جيڪو هڪ تعميراتي ۽ زرعي شعبو آهي، جنهن جا شيئرز هميشه بينچ مارڪ کي متاثر ڪن ٿا، ان کان علاوه لڪي سيمنٽ، سيمنٽ جي شعبي ۾ هڪ نمايان ڪمپني طور پنهنجي پيداوار کي ٻين ملڪن تائين ايڪسپورٽ ڪري رهي آهي. ان کان علاوه فوجي فرٽيلائزر جا شيئرز به تمام گهڻا مٿي وڃن ٿا، هن سڄي صورتحال مان اها خبر ٿي پوي ته انڊيڪس تمام گهڻو مٿي هجڻ جي باوجود اسان جو تجارتي واليوم تمام گهٽ آهي، ان کي صرف پنهنجي پاليسين ۾ تبديلي ڪرڻ سان وڌائي سگهجي ٿو جيڪو پوري قوم جي خوشحالي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.