بلاگنئون

وٺي ھر ھر جنم وربو

اڄ اھي سٽون لکندي دل بيحد اداس آھي، ماما جمن دربدر جي ٻئين ورسي جي مناسبت سان لکڻ لاءِ اکڙين جي بوندن کي وسڻ کان روڪي لکڻ مشڪل ھوندو، پر الائي ڇو مٿيون سٽون ڄڻ منھنجي لڙڪن کي آٿت ڏينديون ھجن ته ختم اونداھ ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.

سناتن ڌرم جي جنم جنم وارو فلسفو بيان ڪندڙ انھن سٽن جو تخليقڪار ڪو وڏيرو جاگيردار يا پير امير نه بلڪه اھي سٽون امرڪوٽ لڳ پدمات جي پٽ تي روحل واءِ جي مٽيءَ مان گھڙيل ان کاھوڙِي جون آھن جيڪو ڌرتيءَ سان عشق واري تڪ تي بنا مقابلي چونڊجي آيل آھي، اھڙي غير مشروط عشق جا علم جيڪي ماما جمن کوڙيا آھن تنھن کي تاريخ ضرور ياد رکندي.

ماما جمن 12 مئي 1944 تي امرڪوٽ کان 5 ڪلو ميٽر اتر طرف روحل فقير جي ڳوٺ روحل واءِ ۽ پدمات ڍنڍ جي سڪل پٽن تي عبدالرشيد ساند جي اڱڻ تي پھريان پيرڙا پاتا. ماما جمن جي پرائمري تعليم کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين جو تعليمي سفر مڪمل جدوجھد ۽ ڪٺن ڪشالن کان خالي ناھي رھيو، پر غربت ڪڏھن به سندس قلندري حوصلن جو سيس نمائي نه سگھي. ماما جمن سون چمچو منھن ۾ کڻي پيدا ڪونه ٿيو ھو، ھن ھند سنڌ جا پٽ پيرين پيادي لتاڙيندي جھنگ جھر رڻ پٽ ۾ آزادي جا نعرہ بلند ڪيا ھئا، ڄڻ سور سهڻ جي ستي پي وڏو ٿيو ھجي. ماما جمن مشڪلاتن تڪليفن مصيبتن ۽ مخالفتن جي پرواھ ناھي ڪئي پاڻ ڀلي اڃ بک تي رھيو ھجي، پر سندس دل ۽ دسترخوان ھميشه ھرھڪ لاءِ ڪشادہ رھيا. ماما جمن جي شخصيت گھڻ رخي آھي، ھن مارشلائي دور ۾ آزادي جا قصيدا به چيا آهن ته وري ھڪ ئي وقت ۾ ماما جمن سنڌ جو البيلو شاعر، اديب، محقق، نقاد، فنڪار، اداڪار، هدايتڪار، موسيقار، مزاح نگار، اسٽيج آرٽسٽ ۽ ھڪ سچو قومي ڪارڪن رھي مڃتا جا موتي ماڻي چڪو آھي. ماما جمن مايوسين کي مسلسل شڪست ڏيندڙ لازوال ڪردار آھي، جنھن سموري حياتي صرف ضرورت مطابق پنھنجو فن ڪتب آندو نه ڪي مال ميڙي پاڻ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪيائين، کيس پنھنجي ڳالھ رکڻ جي اھڙي ڏات ايندي ھئي جو ھٿين خالي، کيسي خالي، بک ۾ پاھ ٿيل وجود کڻي ڳوٺن جا ڳوٺ، شھرن جا شھر پيرين پيادو لتاڙي ڌرتي سان عشق جا علم کوڙي ايندو ھو. سندس اھڙي يگاني صوفياڻي صفت کيس محمد جمن مان جمن دربدر جو لقب ڏياريو. پوءِ ڀلي شروعاتي تعليم ھجي يا نوڪري جي ڳولا، پھلوان ھوٽل جي بيراگيري ھجي يا ناسي نيڻن جي محبت جي آرزو يا وري لاھور جي داتا دربار جو لنگر خانو ھجي، ھي الست ملنگ لطيفي لات رکندڙ منش پنھنجين کڙين تي سموري سفر جون مسافتون نقش ڪندو ڌرتيءَ جا ترانا ڳائيندو پروان چڙھيو ھو. ماما جمن جي شاعري جي تسبيح اڄ به ھند سنڌ جون سرحدون پار ڪيو وڃي ته سندس شاعريءَ جي طلسمي سحر کان سن جو سيد ايترو ته متاثر ٿيو ھو جو سندس لکيل سٽون پنھنجي قبر تي نقش ڪرائي جمن دربدر جي شاعري کي امر بڻائي ڇڏيو ھو. نڀائڻ جي ميدان ۾ ماما جمن جو ڪو ثاني ڪونھي، مون کي اڄ به ياد آھي منھنجي راڻي خالده منير جي موڀي پُٽ مخدوم ميان عبداللہ جي رسم طھر سنت جي موقعي تي غريباڻي اوتار تن ڪيل جھونو جنھن کي ڪلھي تي ميرانجهڙو ٽوال رکيل ھو اسٽيج تي نچندو ڏٺم ته خالده کان سوال ڪيم ھي ڪير آھي اڳ ۾ ڪونه ڏٺو ڪڏھن؟!! خالده منھنجي سوال تي حيران ٿيندي جواب ڏنو ته ھي بابا جمن دربدر آھي جيڪو پنھنجي وني جي چاليهي جي ڏينھن به منھنجي خوشي ۾ اچي شامل ٿيو آھي. ماما جمن جي شخصيت جا گھڻا پاسا آھن جيڪي ھن ننڍي ڪالم ۾ سمائڻ ناممڪن ھوندو، ايترو لکنديس ته ماما جمن جيڪڏهن لطيف سائينءَ جي دور ۾ جنم وٺي ھا ته لطيف پنھنجا ڪيترائي سر ماما جمن کي ارپي ڇڏي ھا. اڄ جي نئين ٽھي جتي فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي ڳاڙھي جهنڊي جي ڊي پي رکيو ڌرتيءَ سان عشق جي دعويٰ با آساني ڪريو ڇڏي ٿي انھن کي مارشلائي دور ۾ آزادي جا انقلاب جا نعرا ھڻي جاڳرتا جي جوت جلائيندڙ ماما جمن جي جدوجھد پرکڻ لاءِ ڌرتيءَ سان عشق جو چشمو پائڻو پوندو. ماما جمن جي سموري زندگي ڌرتيءَ سان عشق جدوجھد ۽ اتساهه جو مجموعو رھي آھي. پاڻ فقيراڻو ويس تن ڪري خالي ڪشڪول ذريعي پنھنجي گودڙي ۾ انمول ماڻڪ ڀريا آھن، جنھن تي ڌرتيءَ جو ھر سچو عاشق فخر وچان رشڪ ٿو ڪري.

***