روايتون چڱيون به ھونديون آھن ته خراب به هونديون آهن. اسان جن روايتن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيا آهيون، انھن کي سُٺو ليکيو وڃي ٿو. اهي روايتون انهن ماڻھن جي لاءِ چڱيون آهن، جيڪي انھن جو استعمال ڪن ٿا، پر جيڪي ماڻهون انھن روايتن کي استعمال نٿا ڪن، انھن جي لاءِ اهي ڪي چڱيون نه ھونديون. ماضيءَ ۾ ڪجھه روايتون اهڙيون رهيون آهن، جيڪي سچ پچ خراب هيون. انهن مان گهڻيون روايتون اڄ استعمال ۾ نه آھن. ماڻھن جيئن ئي محسوس ڪيو ته اهي روايتون انهن جي ڪنهن خاص فائدي يا استعمال ۾ نه هيون ته انھن کي ترڪ ڪيو ويو. ڪجھه خراب روايتون ته سوين هزارين سالن تائين هلنديون پئي آيون آهن. سٺين ۽ خراب روايتن جو ايترو ته استعمال ٿيو آهي، جو اھي اڄ “عادتون” بڻجي ويون آهن. انهن شين کي معمول جي عادت سمجهي، اسان سوچ ويچار هيٺ آڻيندا نه آھيون. ڪجھه خراب روايتن مان “شين کي ضايع ڪرڻ” به هڪ روايت رهي آهي. غير ضروري شين کي ضايع ڪرڻ روايت رهي آهي. مري ويل ماڻهن سان گڏ شين کي پُورڻ تاريخ ۾ راويت رهي آهي، اها هڪ خراب روايت هئي. مثال طور: هڪ وحشي انسان تير، ڪمان، بڙڇي ۽ ڪهاڙي کي ٺاھڻ ۾ وڏو وقت لڳائيندو هو. جڏهن اهو گذاري ويندو هو، تڏهن سندس سامان يا شيون ساڻس گڏ پُوريون وينديون هيون. سندس پُٽ، ڀائر يا دوست اهڙن تباھه يا ضايع ڪيل ساڳين اوزارن جهڙا ٻيا اوزار ٺاھڻ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڏينهن جا ڏينهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مهينا لڳائي ڇڏيندا ھئا. اھا ھڪ خراب روايت هئي. ڇاڪاڻ جو جن ڀلين شين جي کين ضرورت هئي، انهن کي ضايع ڪيو ويندو ھو. انھن قيمتي شين کي وڃائڻ گھاٽي جو سودو هو. مئل ماڻھن کي ڀلا انهن شين جي ڪهڙي ضرورت هئي. انھن شين جي ضرورت ته زنده ماڻهن کي وڌيڪ ھئي، پر ان وقت جي ماڻهن کي ائين لڳندو هو ته انھن شين جي مرده ماڻهن کي وڌيڪ گهرج هئي. ان سبب ڪري اهي مري ويل ماڻهن کي انهن شين کانسواءِ دفنائيندا ئي نه هئا. توھان مصر جي احرامن بابت ضرور ٻُڌو هوندو. احرام اصل ۾ وڏا مقبرا آهن. اهي ھزارين سال اڳ مصر تي حڪمراني ڪندڙ بادشاهن جون قبرون آهن. ان قِسم جا احرام جوڙائڻ جو مصر جي بادشاهن ۾ وڏو خفت هو. صرف هڪ احرام جوڙائڻ ۾ ئي ھزارين غلامن کي ڪيترائي سال لڳي ويندا هئا. اڄ جي جديد دور جا انجنيئر به اھڙي قِسم جا نادر احرام جوڙائي نٿا سگھن. ٿورو سوچيو ته جن ماڻهن انھن احرامن کي ٺاهيو، انهن ڪيڏيون نه تڪليفون برداشت ڪيون هونديون. ٽنن جا ٽن پٿر استعمال ڪيا ويا. انھن غلامن کان چھبڪ جي ذريعي ڪم ورتو ويندو هو. ڪيترائي غلام گهڻي ڪم يا سخت تشدد سبب مري ويندا هئا، ڇاڪاڻ جو سندن زندگيون سندن مالڪن يا آقائن جي رحم ڪرم تي هونديون هيون. سالن جي پگهر ۽ پورهئي کانپوءِ وڃي ڪو احرام کڙو ٿيندو هو. سڄو وقت ۽ توانائي صرف ان ڪري ضايع ڪئي ويندي هئي، ڇاڪاڻ جو هڪ بادشاھه جي مرڻ جي صورت ۾، ان جي لاءِ هڪ اهڙو يادگار مقبرو هجي، جيڪو ٻئي بادشاھه جي مقبري کان اوچائيءَ ۾ وڏو ۽ شانائتو هجي. جيڪڏهن انهن احرامن جي جاءِ تي ڪيترائي گهر، ٻيڙيون يا کاڌو تيار ڪيو وڃي ها ته هوند ڪيترن ئي ماڻھن کي ان جو لاڀ حاصل ٿئي ها، اها هڪ خراب روايت هئي.
هڪ ٻي به خراب روايت رهي آهي، ان موجب ڪجھه ميوا جي غذا ۽ صحت سان ڀرپور آهن، انهن کي کائڻ ممنوع قرار ڏنو ويو. اهي ميوا ان ڪري نٿا کائي سگھجن، ڇاڪاڻ جو اھي “ٽئبو” ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. ٽئبو(Taboo) لفظ قبيلي جي انهن احساسات بابت استعمال ڪيو وڃي ٿو، جن موجب ڪجھه شيون اهڙيون آهن، جن کي نه استعمال ڪري سگھجي ٿو، نه ئي انھن کي ڇُهي سگهجي ٿو. قبائلي لوڪن جا عام طور تي ڪيترائي “ٽئبوز” هئا، پر انھن مان گھڻائيءَ بي ضرر هئي. سخت قِسم جا “ٽئبوز” اڪثر ڪري کاڌي جي حوالي سان هوندا هئا. ماڻھو ڀلي بُک ۾ پاھه ٿي ويندا هئا، پر مجال آهي جو ممنوع قرار ڏنل کاڌي کي هٿ لاهين. کاڌا ممنوع تڏھن قرار ڏنا ويا، جڏھن انھن کي پاڪ يا مُقدس سمجهيو وڃڻ لڳو. هن وقت به دنيا ۾ کاڌي بابت “ٽئبوز” آهي. هندو گوشت ڪونه کائين، ڇاڪاڻ جو ڳئون انھن جي لاءِ مُقدس آهي. هڪ هندوءَ جي لاءِ ڳئون جو گوشت کائڻ، ديوتا جي ماس کائڻ برابر آهي. هندستان ۾ هر سال ڪيترائي ماڻهو مري وڃن ٿا يا بيمار ٿين ٿا، جيڪر هو دُرست کاڌو کائين ۽ وقت تي دوا درمل ڪن ته انھن مان گھڻن کي شفا ملي پوندي. جانورن جي حوالي سان به ڪيترائي “ٽئبوز” آهن، اها هڪ خراب روايت آهي. هندستان ۽ مصر ۾ واڳون ۽ ڪوبرا جي حوالي سان پڻ “ٽئبوز” آهن. ماڻھو انھن جانورن کي مُقدس سمجهي مارين نٿا. انھن کي ائين لڳندو آهي ته انھن جانورن کي مارڻ سان ديوتا ناراض ٿي پوندا ۽ انھن تي ڏمر نه نازل ٿئي. هڪ ٻي روايت به ڏاڍي بُڇڙي آهي، اها ذات پات ۽ طبقي جي آهي. سماج ۾ اعليٰ ۽ گهٽ درجي جا طبقا موجود هوندا آهن. ڪو شخص جنهن طبقي ۾ ڄمي ٿو، تا عمر ان ۾ ئي رهي ٿو. ذات پات جي چڪر ۾ گهٽ درجي واري فرد کي ڇُهڻ يا هٿ ملائڻ به عيب سمجهيو ويندو آهي. ان شخص سان ڪير رشتي جي لاءِ به تيار نٿو ٿئي. ذات پات جو سرشتو هندستان ۽ دنيا جي ڪجھه حصن ۾ ھزارين سالن کان هلندو اچي ٿو. هڪ ٻي خراب روايت رهي آهي، اها غلامي جي آهي. توهان کي خبر آهي ته آمريڪا ۾ غلامي جي خاتمي جي حوالي سان جنگ وڙهي وئي هئي. ان روايت جو خاتمو تڏھن ٿيو هو، جڏھن اتر واريون رياستون ان جنگ جون فاتح بڻيون هيون. غلامي جي روايت کي سٺو نٿو سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ جو انسان کي جانورن ۽ شين جيان فروخت ڪيو وڃي ٿو. سوِل وار ان ڪري وڙهي وئي، ڇاڪاڻ جو آمريڪا جون اتر ۽ ڏکڻ واريون رياستون غلاميءَ جي راويت تي پاڻ ۾ ٺهي نه سگهيون هيون. اُترين رياستن جي کٽڻ جي صورت ۾ غلامن کي آزاد ڪيو ويو. تاريخ ۾ هڪ ٻي خراب روايت پڻ رهي آهي. اها روايت راند جي صورت ۾ ظلم ۽ خون جي پياس آهي، جنهن کي ماضيءَ ۾ انسان بيحد پسند ڪندا هئا. رومي لوڪ تشدد ۽ خوفناڪ راندين کي پسند ڪندا هئا. انھن وٽ هڪ راند ڏاڍي مشھور هئي، جنهن ۾ ماڻهن جا ميڙ چوڌاري هڪ مخصوص جاءِ تي گڏ ٿيندا هئا ۽ اهي تلوار بازيءَ جي راند کي ڏسڻ ايندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن انسان پاڻ ۾ وڙهندا هئا، نه ته گھڻو ڪري جانورن کي هڪٻئي سان ويڙهائيندا هئا. يورپ جي اونداهي دور ۾ رانديون اڪثر ڪري تشدد، رت ۽ تلوار واريون ھونديون ھيون. تڏهن ڪمزور ۽ هيڻي کي چيري ڦاڙي مارڻ هڪ روايت هئي. مزي خاطر پکين ۽ انسانن کي ايذائي ايذائي ماريو ويندو هو. هڪ خاص راند موڪل جي ڏهاڙي کيڏي ويندي هئي، جنهن ۾ نابين ماڻهن کي شهر جي هڪ بند جاءِ ۾ گڏ ڪري، انھن ڏانهن انعام طور هڪ سوئر کي ڇڏيو ويندو هو. انھن نابين ماڻهن کي هٿ ۾ لٺيون ڏنيون وينديون هيون ۽ کين ان سوئر کي هڻڻ لاءِ حڪم نامو جاري ڪيو ويندو ھو. اھي سوئر کي لٺيون هڻي ماريندا هئا يا پاڻ سوئر جي هٿان ڦٽجي پوندا هئا يا ڪڏهن ڪڏهن ته سوئر کي لٺين بجاءِ ھڪٻئي کي هڻي ويهندا هئا ۽ انهن منظرن کي ڏسندڙ تماشبين تاڙيون وڄائي، انھن تان کِلندا هئا. اها نهايت ئي خراب روايت هئي، جا اڄ ختم ٿي چڪي آھي. اسپين ۾ ڍڳي جي ويڙھه کي مزي جي خاطر ڏٺو وڃي ٿو. ان ويڙھه ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته ڍڳو سامهون وڙهندڙ شخص کي پنهنجي سڱن جي ذريعي چيري ڦاڙي ڇڏي ٿو. اها راند اسپين ۾ پسند ڪئي وڃي ٿي، جڏھن ته آمريڪي لوڪ ان کي پسند نه ڪندا آهن. ماڻهن جا خيال وقت سان تبديل ٿيندا رهندا آهن، شايد ايندڙ ڏينهن ۾ اسپين ۾ اها روايت ختم ٿي وڃي. بهرحال اسان کي اھو سيکاريو وڃي ٿو ته پاڻ کان ڪمزور ۽ هيڻن جو خاص خيال رکڻو آهي ۽ انهن جي مدد ڪرڻي آهي. اھا اڄ جي خوبصورت راويت آهي، جنهن کي هر صورت ۾ قائم رکڻو آهي.