آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ ايران سان جنگ روڪڻ جي قرارداد منظور
آمريڪي ميڊيا مطابق ايوان نمائندگان ۾ ايران سان جنگ جي امڪانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ايران سان جنگ ڪرڻ جا اختيار محدود ڪرڻ لاءِ قرار داد منظور ڪئي وئي. قرارداد جي حق ۾ 224 جڏهن ته مخالفت ۾ 194 ووٽ وڌا ويا. ريبپلڪن پارٽي جي ٽن رڪنن به قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو. جڏهن ته ڊيمو ڪريٽس جي 8 رڪنن پارٽي جي برعڪس قرار داد جي مخالفت ڪئي. آمريڪي نمائندگان جي هيءَ قرارداد هاڻي سينيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي.