بلاگنئون

چوپائي مال ۾ عام بيمارين جا سبب ۽ سنڌ ۾ چوپائي مال اندر ٿيندڙ بيماريون

ارضياتي علم ڌرتيءَ جي پٿرن، معدنيات جي ٺھڻ ۽ ڳولهڻ ۽ ڌرتيءَ جي بناوتي عملن جي ڄاڻ ڏيندوآھي. جڏھن ته اطلاقي ارضيات جو زراعت، پاڻيءَ ۽ تعميرات جي کاتن جي مسئلن کي سمجھڻ ۽ حل ڪرڻ جي سائنس آھي. اطلاقي ارضيات جون شاخون ھن ريت آھن. زرعي ارضيات آبياتي ارضيات، انجنيئرنگ ارضيات ۽ طبي ارضيات ھڪ نئين اطلاقي ارضيات جي شاخ جانورن جي ارضياتي حڪمت فعال ٿي رھي آھي. جانورن جي ارضياتي حڪمت جانورن جي حڪمت جو ھڪ شعبو آھي، جيڪو قدرتي ارضياتي عنصرن، عملن ۽ انساني جي عملن جو جانورن جي صحت، پيداوار ۽ اُنھن مان حصل ڪيل شين جي معيار سان گڏوگڏ جانورن جي بيمارين جي علاج لاءِ معدنيات جي استعمال جي ڄاڻ ڏئي ٿو. جيئن اوستيوڊيسٽروفي، رڍن جو اينزوٽڪ ايٽيڪسيا، رڍن جو بورڪ انٽرائٽس، مقامي گوئٽر، اڇي عضلاتي بيماري جو سبب مختلف قسمن جي خفيف ۽ ڪيميائي عنصرن جي گهٽتائي يا گھڻائي آھي. مٿي ڏنل بيمارين کي مختلف ارضياتي ڪيميائي علائقن سان ڳنڍڻ ۽ ھنن علائقن جي مٽيءَ ۽ پاڻي ۽ جي ڪيميائي جوڙجڪ جو روڳي عملن تي اثرانداز ٿيڻ معلوم ڪري سگھجي ٿو. جھڙي طرح آمريڪا ۾ وات ۽ پيرن جي بيماري جي وائرس جي نشو ونما جي چڪر لاءِ موزون مٽيءَ جي ڳولها جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آھي.

ڌرتيءَ جي ڇلر (Earth Crust) آتشفشان، ڪايا پلٽ ۽ تھدار پٿرن ۽ معدنيات تي مشتمل آھي. اِنھن پٿرن ۽ معدنيات جي جوڙجڪ ۾ ڪيميائي عنصر ۽ خفيف عنصر شامل ھوندا آھن. پٿرن ۽ معدنيات جي ٽٽڻ کانپوءِ سندن ننڍا ذرا گڏجي زمين ٺاھن ٿا. زمين جي مٿئين حصي کي مٽيَ چيو وڃي ٿو. زمين جي جوڙجڪ ۾ ڪيميائي عنصر ۽ خفيف عنصر شامل ھوندا. زمين جي زرخيزي انھن جي مقدار ۽ بناوٽ ۾ حصي تي منحصر آهي، جيڪي حياتاتي ڪيميائي عمل جي تحت زمين تي ڦٽندڙ گاھن، ٻوٽن ۽ جڙين ٻوٽين ۾ شامل ٿئي ويندا آھن. جيئن ته جر ۽ مٿاڇري وارو پاڻي  پٿرن، معدنيات ۽ مٽيءَ مان گذري ٿو تنھڪري  آبياتي چڪر جي عمل تحت ڪيميائي عنصر بشمول خفيف عنصر سندس جوڙجڪ ۾ شامل ٿيو وڃن. فضا ۾ ماحولياتي گئسن کان علاوہ دز، ارضياتي عمل وقت خراج ٿيندڙ گئسون ۽ آبي بخارات ھوندا آھن. جڏھن ته دز ۾ به خفيف عنصر موجود ھوندا آھن. جيئن ته ڌرتيءَ جي معدنيات، پٿرن ۽ پاڻيءَ جو جاندارن جي تندرستي ۽ بيمارين ۾ وڏو ڪردار آھي. اُھي ڪھڙي طرح جانورن جي نشونما، صحت ۽ بيمارين جي عمل ۾شامل آھن . انھن کي سمجھڻ ضروري آھي ـ ڪيميائي عنصر ۽ خفيف عنصر زمين جي زرخيزي تحت ڦٽندڙ گاھن، ٻوٽن ۽ جڙي ٻوٽين ۾ ڪردار آھي. اھڙي طرح مٽي۽ بيٺل پاڻي، اڏام جيوڙن (وائرس)، جراثيمن ۽ طفيلي جيتن کي پنھنجن پنھنجن انڊن مان نڪري رهائش واري جڳھه ٺاهڻ ۽ واڌاري جو موافق ماحول مھيا ڪندا آهن. ـ

غّذا کائڻ، پاڻيءَ پيڻ ۽ ساھ کڻڻ سان خورد حياتاتي ڪيميائي جزا جانورن کي ملن ٿا. اھا حقيقت آھي ته خورد ڪيميائي جزن جي گھٽتائي ۽ گھڻائي  سان جانورن جي صحت تي پنھنجي پنھنجي طرح اثرانداز ٿين ٿا. غذائيت  جي گھٽتائي جانورن جي مدافعتي نظام تي منفي اثر وجهندي آهي، جنهن جي ڪري اهڙا جانور بيمارين ۽ وچڙندڙ مرضن ۾ وڌيڪ مبتلا ٿيندا آهن. پروٽين يا لحمياتي تيزاب جي گهٽتائي مدافعتي نظام کي تمام گهڻو خراب ۽ وچڙندڙ مرض جي حساسيت کي وڌائين ٿا. ان کان علاوہ لحمياتي تيزاب اي ڪولي (E-Coli) جراثيم کي پنهنجي رهائش واري جڳھه ٺاهڻ ۽ واڌاري لاءِ بنياد فراهم ڪري ٿو. اي ڪولي (E-Coli) جراثيم کي لحمياتي تيزاب نه ملڻ جي صورت ۾ واڌ ويجهه نٿي ملي. اھڙي طرح مٽي ۽ بيٺل پاڻيءَ ۾ موافق ماحول ملڻ سان موجود اڏام جيوڙا (وائرس)، جراثيم ۽ طفيلي جيت پنهنجن انڊن مان نڪري رهائش واري جڳھه (Colonies) ٺاھيندا ۽ واڌارو ڪندا  آهن. جانورن جي ارضياتي حڪمت اڏام جيوڙن (وائرس)، جراثيمن ۽ طفيلي جيتن جي واڌاري لاءِ موزون مٽي، اُن جي نمي ۽ گرمي جي پد کي معلوم ڪري بچاءُ جا اپاءُ وٺي سگھجن ٿا.

اِن حقيقت کي تسليم ڪيو ويو آھي ته ڍور، رڍون، ٻڪريون ۽ جھنگلي جانور ڪجھه علائقن ۾ چرڻ کانپوءِ بيمار ٿيو پون. ھر روز چرندڙ جانورَ جو حياتياتي ۽ غيرجاندار عنصرن سان مسلسل رابطي ۾ ھجڻ جي ڪري مقامي ارضياتي ڪيميائي بي قاعدگي(Anomaly)  جو شڪار ٿيڻ معمول آھي. پٿرن، مٽي، معدنيات، پاڻيءَ وغيرہ جي جوڙجڪ ۾ ننڍن عنصرن جي گھٽتائي ۽ واڌارو ارضياتي ڪيميائي بي قاعدگي جو سبب بڻجن ٿا.

ڏٺو وڃي ته غذائي توانائي، پروٽين ۽ وٽامن (وٽامن اي، سي ۽ اي)، جست، لوهه، سيلينيم،  ڪيلشيم، الميونيم، ٽامي ۽ ميگنيشيم جهڙن ننڍن عنصرن جي چوڌاري گردش ۾ آھن. معدنيات، جهڙوڪ ڪيلشيم ۽ ميگنيشيم مدافعتي سرشتي کي هلائيندا آهن. تنهنڪري بهتر مدافعتي رد عمل لاءِ اهم آهن. ڪمزور مدافعتي نظام وارا جانورَ مختلف بيمارين ۾ مبتلا  ٿين ٿا. انھن بيمارين جي سبب اڏام جيوڙا (وائرس)، جراثيم ۽ طفيلي جيت آھن. اُن کان علاوہ ڪمزور مدافعتي نظام وارن جانورن جو زخم آھستي ڀرجڻ  ۽ جسم جي خراب ٿيل تاندورن (ٽشوز) جي مرمت ۾ وقت لڳي ٿو. جھڙي طرح تيزيءَ سان وڌندڙ ڍورن، ٻڪرين ۽ رڍن تي سيلينيم جي گھٽتائي وڌيڪ اثرانداز ٿئي ٿي. اھو اڇي عضلاتي بيماري (WMD) جي بيماري ۾ مبتلا ٿيندا آھن. سيلينيم جي گھٽتائي جانورن کي فالج ٿيڻ ۽ هڪدم دل جي ڀھڻ  جوسبب بڻجندي آهي. جانور چراگاهن يا پنھنجي ڀانڊن ۾ مئل ملندا آھن. اھڙين بيمارين ۾مري ويل جانورن جي  معمول جي پوسٽ مارٽم ۾ عضلاتي تاندور جي خرابي ظاھر ٿيندي آھي. فالج وارن جانورن کي ذبح ڪرڻ کانپوءِ انھن جي  هڏن ۾ ساڳيون تبديليون ڏسي سگهجن ٿيون.  جڏھن ته سيلينيم جي واڌاري ڪري جانور مدھوش ٿي ويندو آھي، جنھن کي موڳو لهرائڻ (Blind Staggers ) سڏجي ٿو. ان بيماري ۾ انڌو ٿيڻ ۽ اعصابي نظام جون ٻيون علامتون نمايان ٿينديون آهن. ٻين علامتن ۾ دست شامل آهن. متاثر جانور اڪثر ڪلاڪن اندر مري ويندا آهن. موڳو لهرائڻ جي صورت ۾ جانورن جي پيٽ ۾ غير مستحڪم ميٿائليٽيڊ سيلينيم مرڪب جي ٺهڻ جي ڪري ساھ ۾ ٿوم جي  بوءِ پڻ پيدا ٿيندي آهي. دائمي سيلينيم زهر ۽ کار واري گاھ جو ذڪر مارڪو پولو پنھنجي چين جي سفر دوران گھوڙن جي گاھ کائڻ سان ٿيندڙگھوڙن جي مدھوشي ۽ ٻين ڊرامائي تبديلين جي نظر اچڻ جو ذڪر ڪيو آھي. ساڳيو حشر آمريڪا ۾ جنرل ڪسٽر جي اسڪواڊرن ۾ گهوڙن جو سيلينيم سان ڀريل ٻوٽڻ (سيلينيفيرس ٻوٽن) جي کائڻ سان ٿيو. کاري پاڻيءَ (جنھن جي پي ايڇ (pH) وڌيڪ آھي) وپرائڻ سان جانورن کي ٿئي ٿي. جڏھن ته سيلينيم جي واڌاري سان زھر ٿي جانورن جي ھن شديد ۽ دائمي بيمارين جو سبب بڻجي ٿو: (الف) بلائنڊ-اسٽيگرز۽ (ب) الڪلي-بيماري.

رڍن جو اينزوٽڪ ايٽيڪسيا (Enzootic ataxia): ھي بيماري رڍن ۾ ٽامي (Copper) جي گهٽتائي جي ڪري ٿيندي آھي. ٽامي جي گهٽتائي کي دل جي زخمن ۽ ڍورن ۾ اوچتو موت يا “ڳرڻ جي بيماري”، هڏن جي خرابين، پيدائش جي گھٽتائي ۽ خراب واڌ سان لاڳاپيل آهي. دنيا جي ڪيترن ئي علائقن جهڙوڪ نيوزي لينڊ، آسٽريليا، اتر يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڍورن ۽ رڍن ۾ ٽامي جي گهٽتائي جي نشاندھي ڪئي وئي آھي. اتر يورپ ۾، مسئلو پيٽ واري مٽي تي چرڻ سان لاڳاپيل آھي، جنهن ۾ اڪثر ڪري ٻيا ڪيترائي ننڍا عنصر پڻ گهٽ هوندا آهن. ٽامي جي گهٽتائي جون علامتون خون جي گهٽتائي ۽ لوهه ۾ تبديل ٿيل ميٽابولزم، هڏن جي خرابي، دست ۽ ڦر ضايع ٿيڻ شامل آهن، پر جانورن ۾ سَنڍ ٿيڻ ۽ نئين ڄاول ٻڪرين جي ڦرن ۾ اُن ۽ وارن جي رنگت پڻ نظر اچي ٿي. جڏهن رڍن کي حمل جي دور ۾ ٽامي جي ڪافي مقدار نه ڏني وڃي ته خراب اعصاب جي ترقي ٿي سگھي ٿي. ٻڪرين ۾ به سوي بيڪ ٿي سگهي ٿي، پر رڍن جي بنسبت گهٽ، ڇاڪاڻ ته ٻڪريون هن قسم جي گهٽتائي لاءِ گهٽ حساس نظر اچن ٿيون.

جست جي گهٽتائي جانورن ۾ مختلف صحت جي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جهڙوڪ واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي، پيداواري ڪارڪردگي ۾ خرابي ۽ بيمارين جي حساسيت ۾ اضافو. ان جي ابتڙ، جانورن جي غذا کي  جست کي پورو ڪرڻ سان صحت کي فروغ ڏئي سگهجي ٿي ۽ مائيڪرو حياتاتي توازن کي وڌائي سگھجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ جانورن جي ڀلائي ۽ پيداوار ۾ بهتري اچي ٿي. جست جي گهڻي مقدار سان مائيڪرو بائيوٽا تي منفي اثر ۾ واڌاري جي ڪري تنوع ۾ واضح گهٽتائي، بيڪٽيريا ميٽابولڪ سرگرمي ۾ عارضي ۽ مسلسل گهٽتائي ۽ اينٽي بايوٽڪ مزاحمتي جينز ۽ اينٽي بايوٽڪ مزاحمتي بيڪٽيريا جي ڪثرت ۾ اضافو ٿئي ٿو. جست جي گھٽتائي جي ڪري جانورن جي وارن جو ڇڻڻ ۽ چمڙي ۾گونج پوڻ شامل آھن. ڍڳين جي سنڌن  ۽ ھڏھن جي معدنيات ۾ خلل جي نتيجي ۾ ھلڻ  مشڪل ۽ سنڌن سوجش ٿئي ٿي. ڍڳي جي خصن ۾ خرابي ۽ گڏوگڏ نطفي جي پيداوار جي بندش جو سبب بڻجي سگهي ٿي. جانورن کي چمڙي جو سُور ۽ علاج سان گھٽ شفا، چمڙي جو ٿلهو ٿيڻ، گهڻي لعاب، بي احتياطي ۽ نڪ ۽ وات جي سوزش ٿئي ٿي. جست جي گھڻائي سان سخت دستن،انوريڪسيا، وزن ۾ گهٽتائي، ۽ کير جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي ـ

سنکئي (Arsenic) جي واڌاري سان  جانورن جو هاضمي جو سرشتو، گردا، جگر، ڦڦڙ ۽ چمڙي تمام گهڻي حد تائين متاثر ٿئي ٿي. سينکيو جانورن جي اوچتي موت جو سبب بڻجي سگھي ٿو. ان جي ڪري جانورن کي سخت پيٽ ۾ سور ۽ معدي کي نقصان ٿي سگھي ٿو. ڍور اڪثر ڪري مندي، بک جي گهٽتائي جي شڪايت، اوجهري جي ڪمزوري ۽ پاڻيءَ يا خوني دستن جي ڪري سُڪَڻ  جون نشانيون ظاھر ٿينديون آھن. سنکئي جي ڪري پيشاب ۾ رت، انتھائي ڪمزوري ۽ دورا پوڻ شامل آھن. ٻئي طرف، معيشت جي شديد صنعتي ٿيڻ، (مطلب ته زراعت ، تعميرات ، صنعتن ۽ آمدرفت جو واڌارو۽ ٻيلن جو خاتمو ـ جنھن جي شروعات 19 صدي جي وچين دور ۾ شروع ٿي ۽ اڄ تائين جاري آهي، جانورن جي صحت تي مختلف نوعيت جي انسان جي ٺاهيل آلودگي جي اثرات ۾ تيزيءَ سان اضافو ڪيو آهي. نتيجي طور، ماحولياتي آلودگي جي ذريعن، انهن جي درجا بندي، وغيرہ کي طئي ڪرڻ لاءِ اهم ڪوششون گهربل آهن.

رڍن جي بيماري بورڪ انٽرائٽس رڍن جو ھن بيماري ۾مُبتَلا ٿيڻ جو سبب گدلو کاڌو کائڻ يا پاڻي پيئڻ آھي. مقامي ڳِراڙو (Goiter) بيماري عام طور تي آئيوڊين جي گهٽتائي جي ڪري ٿيندي آھي. اڇي عضلاتي بيماري (WMD) جي بيماري ٽريس جزي سيلينيم ۽ وٽامن اي (E) جي گهٽتائي سبب ٿيندي آهي. فلورين جي وڌيڪ مقدار جي ڪري هڏن جي بيماري جي نتيجي ۾ جانور لنگڙو ٿي سگهي ٿو.

سنڌ ۾ ھن وقت چوپائي مال ۾ چمڙي جي بيماري (LSD) پير ۽ وات جي بيماري (FMD) ۽ پيسٽ ڊيس پيٽٽس رمينينٽ (PPR) يا ٻڪري جي وبا جا مسئلا آھن. جانورن کي انھن بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ ٽڪا لڳايا وڃن ٿا ۽ ٻين دوائون سان به علاج ڪيو وڃي ٿو.

ڏٺو وڃي ته سنکئي وڌڻ سان چمڙي جي بيماري ٿئي ٿي. سنڌ جي پاڻيءَ ۾ سنکيو چڱي مقدار ۾ ملي ٿو. تنھنڪري اھو ممڪن آھي ته ڍورن کي چمڙي جي بيماري جو سبب سنکيو ھجي. جست جي گھڻي ھجڻ ڪري چمڙي ۾ گهنج پون ٿا. تنھنڪري ڍورن کي چمڙي جي بيماري جو سبب وائرس يا سنکيو ۽ جست تي تحقيق ٿيڻ کپي. بهرحال، سنڌ ۾ هن وقت، جانورن جي صحت تي قدرتي ڪيميائي ۽ ماحولياتي عنصرن  جو اثراندز  ٿيڻ جي باوجود بيمارين جو جانورن جي طبي ارضياتي سائنس تحت منظم مطالعو ورلي ملي ٿو. تنھنڪري حيواني وبا جي صورتحال لاءِ هڪ قابل اعتماد، جامع تصوير ٺاهڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون. جانورن جي طبي ارضياتي تحقيق تحت غذا جي وزن ۾ مناسب طور تي ننڍن عنصرن جو شامل ڪري متوازن ڪرڻ سان جانورن جي وبائي صورتحال ۽ ان جي اڳڪٿي ڪري بيمارين جي روڪ ٿام جو قابل اعتماد انتظام ڪري سگھجي ٿو. تنھنڪري سنڌ کي جانورن جي ارضياتي حڪمت جي علائقي بندي ڪرڻ جي ضرورت آھي ته جيئن بچاءُ جا اُپاءُ وٺي سگجھن.