12 نومبر 2024 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني نيب ترميمن جي منظور ٿيڻ جو ذڪر ڪرڻ بنا ڪرپشن ڪيسن جي حوالي سان اهم ريمارڪس ڏيندي چيو ته پارليامينٽ اربين رپين جا ڪرپشن ڪيس ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ هن وقت نيب بنا ڏندن وارو ادارو بڻجي چڪو آهي، جنهن جو سنئون سڌو مطلب اهو آهي ته هي اهو احتساب ڪندڙ ادارو آهي جنهن جا اختيار محدود ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي هي ڪرپشن ڪرڻ واري ڪنهن به شخص يا گروهه کي ڪو گهڻو نقصان نٿو پهچائي سگهي ۽ ان جي پڪڙ نٿو ڪري سگهي، شايد ان جو سبب اهو به آهي ته نيب به پنهنجي آئيني ۽ قانوني حدن جو تقدس بحال نه رکيو ۽ ان جو غلط استعمال ڪيو ۽ هي ادارو سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ طاقتور ڌرين جي هٿن ۾ کيڏڻ لڳو، جنهن جي ڪري هن اداري کي ايترو بي سگهو ۽ بي ڏندو ڪيو ويو آهي.
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڪرپشن ڪيسن ۾ نامزد جوابدار پرڏيهه هليا ويا آهن ۽ 100 کان وڌيڪ ميگا ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪيا ويا آهن. وفاقي حڪومت نيب قانون ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ڪري نيب جا اختيار گهٽائي ڇڏيا آهن. ان قانوني ترميم جي غلط هجڻ جو احساس پارليامينٽ کي جڏهن ٿيندو تڏهن تمام گهڻي دير ٿي چڪي هوندي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عوامي حڪومت جيڪا عوام جي نمائندن تي ٻڌل هوندي آهي، جنهن کي عوام جي لاءِ قانون سازي ڪرڻ گهرجي اها هن وقت ان جي بلڪل ابتڙ عمل ڪري رهي آهي ۽ اهڙا قانون ٺاهي رهي آهي جنهن سان طاقتور طبقو وڌيڪ طاقتور ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف وارو نظام ڪمزور ٿي رهيو آهي، جنهن جو ثبوت نيب جي قانون ۾ ترميمون آهن. هن ملڪ ۾ ٽيڪس لڳن ٿا ته اهي به غريب طبقي تي جنهن ۾ سڌا سنوان ٽيڪس به آهن ته اڻ سڌا ٽيڪس به شامل آهن. جيڪڏهن ڪو غريب ماڻهو بينڪ مان ننڍو قرض کڻي ٿو ۽ ان جي ادائگي نٿو ڪري سگهي ته ان کي قانوني رستي سان تنگ ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيترائي اهڙا ڪيس ٿي چڪا آهن جو اهڙن ماڻهن جيڪي قرض ادا نه ڪري سگهيا انهن آپگهات ڪري پنهنجي زندگين جو انت آڻي ڇڏيو، پر ساڳي جاءِ تي امير ماڻهن جيڪي عوام جا نمائندا بڻجي عوام جو ووٽ وٺي اسيمبلين ۾ پهچن ٿا طاقت حاصل ڪن ٿا، طاقت جي ايوانن ۾ ويهن ٿا اهي پنهنجي لاءِ اهڙا قانون ٺاهين ٿا جنهن سان انهن جي طاقت ۾ ايترو اضافو ٿي وڃي ٿو جو قانون انهن جي جعلسازين کي گرفت ۾ آڻي نٿو سگهي ۽ قانون انهن جي پيرن ۾ ڪري پوي ٿو. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جن ۾ مختلف قسمن جا انقلاب آيا ۽ انهن جا سبب يا ته معاشي هئا يا وري ڪرپشن جو اضافو هو. 1779 کان وٺي 1799 تائين فرانس جي انقلاب جو دور تمام گهڻو اهم آهي، جنهن هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي. جنهن ۾ عام عوام بادشاهن کي تخت تان لاهي فرش تي اڇلائي ڦٽو ڪيو ۽ انهن پهرين جمهوري حڪومت قائم ڪئي ۽ تخت تي ويٺل چوڏهين بادشاهه ڪنگ لوئس کي تخت تان لاٿو ۽ قتل ڪري ڇڏيو. اتي به حڪمرانن عوام جي مٿان ٽيڪسن جي ڀرمار ڪري ڇڏي ۽ معاشي اڻبرابريءَ جي ڪري عوام جي اندر ايترو غم ۽ غصو پيدا ٿيو، ڇو ته امير امير تر ٿيندو ٿي ويو ۽ غريب غريب تر، مذهبي طبقو ۽ امير طبقو سڄي طاقت کي هٿ ۾ کڻي عوام جو استحصال ڪندو رهيو. جڏهن روسو ۽ والٽيئر جهڙن ماڻهن سندن تربيت ڪئي ته عوام جي اندر پنهنجن حقن کي وٺڻ جو خيال آيو ۽ انهن پنهنجو حق حڪمراني حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ جمهوريت حاصل ڪري ورتي. فرانس ۾ اها حالت هئي جو اميرن جي لاءِ کاڌي جي شين جي ذخيرا اندوزي ٿيل هئي ۽ غريب عوام ڏڪار جي حالت ۾ بک مري رهيا هئا ۽ ڊبل روٽي جي قيمت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي، جنهن تي هڪڙي ڏينهن فرانس جي راڻي ميري اهو جملو چيو ته جيڪڏهن غريب ڊبل روٽي خريد نٿا ڪري سگهن ته اهي ڪيڪ ڇو نٿا کائين. فرانس جي بادشاهه ڪنگ لوئس جي ليڊرشپ ملڪ ۾ ڪابه اصلاح نه آڻي سگهي.
اسان جي ملڪ ۾ به هن وقت عوام جو حال فرانس جي عوام جهڙو آهي، عوام جي مٿان ڏينهون ڏينهن آءِ ايم ايف جي چوڻ تي مختلف قسمن جا ٽيڪس مڙهيا پيا وڃن، ان کي صحت جون سهولتون حاصل نه آهن، کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿينديون پيون وڃن. عوام جي لاءِ سڀني کان وڏي ۾ وڏو چئلينج امن امان جي صورتحال آهي جنهن جي لاءِ رياستي ڍانچو متحرڪ نظر نه پيو اچي. اهڙي صورتحال ۾ انتهائي ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ جي اشرافيه اهڙي قانون سازي ڪري جنهن ۾ انهن جو احتساب ٿيڻ جي بجاءِ انهن کي ڏوهه ڪرڻ کانپوءِ قانوني طور تي بچڻ جو رستو ملي وڃي ۽ ڏوهن کي روڪڻ وارو ادارو اهڙي طريقي سان بيوس ڪيو وڃي جو اهو ڏوهه ڪندڙ کي صرف ڏسندو ئي رهجي وڃي. هاڻي هي ملڪ ڏوهارين جي لاءِ هڪڙي جنت بڻجي ويندو ته توهان ڏوهه ڪيو ۽ قانون توهان کي پڪڙي نٿو سگهي، اچو کلي عام ڪرپشن ڪيو، ڇو ته نيب توهان جي پڪڙ نٿو ڪري سگهي. انهيءَ جي لاءِ جسٽس محسن اختر ڪياني چيو آهي ته جڏهن حڪومت کي هوش ايندو ته گهڻي دير ٿي چڪي هوندي. اسان جو سمجهڻ اهو آهي ته عوام کي به هوش اچڻ گهرجي ته هو اهڙين قانوني ۽ آئيني ترميمن تي ٿورو اکيون کولي غور ڪري ۽ پنهنجن حڪمرانن جو ۽ قانون سازن جو احتساب ڪري ۽ پنهنجي احتجاج سان ان ڳالهه کي رجسٽر ڪرائي ته عوام جون اکيون ۽ ڪن کليل آهن.