سنڌ ۾ گذريل ٽن سالن کان ٺهيل ڊوميسائلن جي جاچ ۽ جعلسازي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو
سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ ڪوڙا ڊوميسائل/پي آر سي ٺاهڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊوميسائل جي غلط استعمال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي چيو ويو ته سنڌ جي ڊوميسائل/پي آر سي جو تعليمي ادارن، وفاق ۽ صوبي ۾ نوڪرين لاءِ غلط استعمال ٿيو. وڏي وزير چيو ته لاڙڪاڻي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ ڄامشوري ۾ ڊوميسائل/پي آر سي جي انڪوائري ڪئي وئي، 432 ڊوميسائل/پي آر سي مان 154 شڪي ظاهر ٿيا. اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ويو ته ڊپٽي ڪمشنر ڊوميسائل/پي آر سي جاري ڪرڻ لاءِ اي ڊي سيز کي اختيار ڏنو آهي، يو سي سيڪريٽري جيڪي رهائشي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا، اهي به ڊيفيڪٽڊ آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته قانون جي حساب سان ڊوميسائل ملڪ جي شهريت لاءِ جاري ٿيندو آهي، ڊوميسائل سٽيزن شپ سرٽيفڪيٽ آهي، هڪ ڀيرو ڊوميسائل جاري ٿي ويو ته اهو سدائين رهندو. وڏي وزير چيو ته ڊوميسائل/پي آر سي جي غلط استعمال کي هر صورت ۾ روڪڻو آهي. سيد مراد علي شاهه روينيو واري وزير، آبپاشي وزير، قانون واري وزير، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ گهرو سيڪريٽري تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪندي سنڌ جي سڀني ضلعن جي ڊوميسائل/پي آر سي جي جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي. سندس چوڻ هو ته اها جاچ گذريل ٽن سالن جي ڊوميسائل/پي آر سيز جي ٿيندي، جيڪا 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻي آهي، ڪوڙا ڊوميسائل/پي آر سي ٺاهڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، 154 شڪي ڪيسن جي اپيل جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، گهرو کاتي جي ڪميٽي اپيل ٻڌندي.

