سيد قبول محمد شاھ ولد محمد سعيد شاھ 1952ع ڌاري ٽنڊو محمد خان شهر جي يونين ڪائونسل بلڙي شاھ ڪريم جي ننڍڙي ڳوٺ سعيدپور ٽڪر ۾ اک کولي. خوشحال گهراڻي سان تعلق رکندڙ جڳ مشهور شخصيت عوامي خدمت جو جذبو ۽ شينهن جهڙو جگر رکندڙ سياست ۾ چمڪندڙ تاري جهڙي حيثيت رکندڙ لاڙ پٽ جو ۽ سياست ۾ پنهنجي نرالي طبيعت رکندڙ هو. مرحوم شڪار جو تمام گهڻو شوقين هو ۽ مڃيل توبچي پڻ هو. ان حوالي سان وٽس ڏيھ توڙي پرڏيھ جا ماڻهو پيا ايندا ويندا ۽ خاص ڪري دبئي جي عربن سان سندس گهاٽي دوستي هوندي هئي ۽ شڪار ڪرڻ وٽس ايندا رهندا هئا. قبول محمد شاھ پ پ جي ٽڪيٽ تان تڪ پي ايس 45 تان آزاد اميدوار حاجي عبدالخالق سومري جي مقابلي ۾ 23532 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. پاڻ 1990ع ۾ به ساڳئي تڪ تان آزاد اميدوار مير اعجاز علي خان ٽالپر جي مقابلي ۾ 18886 ووٽ کڻي مخالف اميدوار کي شڪست ڏني. جڏهن ڄام صادق علي خان کي سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو، ان وقت قبول محمد شاھ پ پ کان ڌار ٿي ويو. ان وقت کيس فاريسٽ ۽ وائيلڊ لائف کاتي جو صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ساڳئي تڪ پي ايس 45 تان مسلم ليگ ن جي پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ پ پ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندڙ حاجي امين لاکو ڪامياب ٿي ويو ۽ قبول محمد شاھ هارائي ويو. ان اليڪشن کانپوءِ پاڻ ڳچ عرصو سياسي منظر نامي تان غائب رهيو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ آصف علي زرداري سان دوستي ناتي وري سياست ۾ سرگرم ٿيو. 2015ع ۾ مڪاني چونڊن ۾ سندس وڏو پٽ محمد سعيد شاھ عرف ذيشان شاھ ضلعي ڪائونسل ٽنڊي محمد خان جو چيئرمين چونڊجي ويو. سيد گهراڻي سان تعلق رکندڙ علائقي جي وڏي شخصيت ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب 25 ڊسمبر 2025 تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ سعيدپور ٽڪر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. مرحوم جي جنازي نماز بزرگ شخصيت حاجي غلام محمد سوهي پڙهائي، جنازي نماز ۾ سردار ڪمال خان چانگ، رئيس عاشق حسين زرداري، صوبائي وزير ڄام خان شورو، صوبائي وزير ذوالفقار شاھ، صوبائي صلاحڪار عبدالجبار خان سميت علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ٻئي طرف ڳوٺ سعيدپور ٽڪر ۾ مرحوم جو تڏو وڇايو ويو، جتي سندن فرزندن سيد ذيشان شاھ، سيد ڪامل شاھ ۽ ٻين سان پ پ ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر، پير اشفاق جان سرهندي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان وڏي تعداد ۾ ايندڙ نالي وارين سياسي سماجي ادبي صحافتي شخصيتن تعزيت ڪئي. جڏهن ته تعزيت جو سلسلو اڃان جاري آهي، تڏي تي ويٺل سندس وڏي پٽ ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين ذيشان شاهه جو چوڻ هو ته بابا سائين اسان جو ڇپر ڇانو هو، پاڻ هميشه اصولي سياست ڪئي ۽ علائقي جي ماڻهن جي وڌ کان وڌ خدمت ڪيائون ۽ ڪنهن کان به سياسي انتقام نه ورتائون. اسان به پيءُ جي نقش قدم تي هلي عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين. جڏهن ته مرحوم سوڳوارن ۾ ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيون آهن.