بلاگنئون

متحده مجلس عمل جي ٻيهر فعال ٿيڻ جون ڪوششون

متحده مجلس عمل 2002 ۾ هڪ مخالف پارٽي جي طور تي قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد پرويز مشرف جي آمريڪا نواز پاليسي جي مخالفت ڪرڻ هو. هي اتحاد مذهبي پارٽين جو هو، جنهن ۾ جمعيت علماءِ اسلام، تحريڪ جعفريه پاڪستان، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، جمعيت اهل حديث ۽ جماعت اسلامي پاڪستان شامل هيون. 2002 ۾، انهن پرويز مشرف جي خلاف متحد ٿي چونڊون وڙهيون، پر پارليامينٽ ۾ هڪ ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيا. جڏهن ته خيبرپختونخواهه صوبي جي قومي اسيمبلي ۾ ٽن سيٽن کان علاوه صوبي ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي. ان کان علاوه انهن سنڌ صوبي ۾ 5 سيٽون، پنجاب صوبي ۾ 3 ۽ بلوچستان صوبي جي قومي اسيمبلي ۾ 6 سيٽون کٽيون. انهن قومي اسيمبلي جي ڪل 342 سيٽن مان 63 ۽ سينيٽ ۾ 100 سيٽن مان 6 سيٽون کٽيون هيون. ڪراچي ۾ 2005 جي مقامي حڪومتن جي چونڊن جي ڪري، متحده مجلس عمل ۾ ٻن وڏين پارٽين ۾ اختلافن شدت اختيار ڪئي، جنهن کانپوءِ 2008 ۾  جو هي اتحاد باضابطه طور تي ٽٽي ويو. اتحاد جي ٽٽڻ کانپوءِ جماعت اسلامي، 2008 جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. آڪٽوبر 2017 ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ايم ايم اي ۾ شامل مذهبي پارٽين جي اڳواڻن جو هڪ اجلاس سڏايو، جنهن ۾ متحده مجلس عمل کي بحال ڪرڻ لاءِ هڪ 6 رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي ۽ متحده مجلس عمل کي بحال ڪرڻ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. ائين ٻيو اجلاس نومبر ۾ جماعت اسلامي جي هيڊڪوارٽر منصوره لاهور ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ جماعت اسلامي سميت 6 مذهبي جماعتون شامل هيون. هن اجلاس ۾ اصولي طور تي ايم ايم اي کي بحال ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ هڪ گڏيل ايڪشن ڪائونسل قائم ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. جڏهن مذھبي جماعتن جو هي اتحاد ٺهيو هو ته بينظير ڀٽو ان کي “ملان ملٽري اتحاد” چيو هو ۽ بعد ۾ انهن سان پنهنجي حڪومت ۾ گڏ کڻي هلڻ تي رضامند ٿي وئي هئي. مطلب ته پاڪستان جي سياست پنهنجي ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هوندي آهي. بهرحال آگسٽ 2018ع ۾ جماعت اسلامي باضابطه طور تي  هن اتحاد کان الڳ ٿي وئي ۽ هي اتحاد غير فعال ٿي ويو.

تازو خبر آئي آهي ته مذهبي ۽ سياسي پارٽين جي هن (متحده مجلس عمل) اتحاد کي فعال ڪرڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان غير فعال اڳواڻن سان رابطي ۾ آهي. ذريعن موجب جي يو آءِ (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان غير فعال متحده مجلس عمل کي فعال ڪرڻ لاءِ اڳواڻن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان اهم سياسي اتحاد لاءِ مولانا فضل الرحمان اسلامي تحريڪ جي سربراهه علامه ساجد نقوي، جمعيت اهل حديث جي سربراهه حافظ عبدالڪريم ۽ مولانا اويس نوراني سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان متحده مجلس عمل جي اڳواڻن کي پنهنجي رهائشگاهه تي دعوت ڏني آهي. غير فعال متحده مجلس عمل جي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل رابطي ۾ ايم ايم اي جي بحالي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، جڏهن ته جي يو آءِ (ف) اڃان تائين جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ پاڪستان جي هڪ ٻئي ڌڙي، ابوالخير محمد زبير کي به اڃا تائين دعوت نه ڏني وئي آهي. چئن مذهبي ۽ سياسي شخصيتن جي پاڻ ۾ ملاقات غير معمولي اهميت جي حامل آهي. ذريعن موجب متحده مجلس عمل جي فعاليت جي اهم ايجنڊا ملڪ جي سياسي صورتحال، غزه ۽ خطي جي صورتحال آهي، انهيءَ ايجنڊا تي بحث ڪيو ويندو.

هن وقت اسٽيبلشمينٽ هڪ طرف سياسي جماعتن مان خوش ناهي ته ٻئي طرف پاڪستان کي ملان اسٽيٽ بنائڻ نٿي چاهي. جڏهن ته عالمي سطح تي پاڪستان اڪيلو بيٺو آهي. هونئن به متحده مجلس عمل ديو بندي، بريلوي، اهل تشيع ۽ اهل حديث جماعتن جو يڪجا پليٽ فارم هو. ان جي باوجود هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي مفاد جي جنگ وڙهي آهي جن ۾ مولانا فضل الرحمان هر دور ۾ اقتدار جو حصو رهيو ۽ ايم ايم اي جي پليٽ فارم کي استعمال ڪندو اڳتي وڌندو رهيو ان جي باوجود ملڪ ۾ فرقيواراڻه ڪارروايون ٿينديون رهيون. دهشتگرد ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بمباري ڪندا رهيا ۽ متحده مجلس عمل ان دهشتگرديءَ جي مذمت کانسواءِ ڪو قدم کڻڻ کان لاچار رهي. جنهنڪري خود عوام به انهن کان بيزاري اختيار ڪئي، ڇو ته اهي اتحاد جي آڙ ۾ ذاتي فائدا وٺڻ وارو اتحاد ثابت ٿيو. هن وقت وري مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ اجائي سياسي مخالفت انهن ڌرين جو مقصد پئي رهي آهي. ڪڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي خلاف گڏيل اپوزيشن جو نالو پاڪستان نيشنل الائنس رکيو ٿو وڃي، ڪڏهن شھيد بيبظير ڀٽو جي خلاف IJI قائم ٿو ٿئي ته ڪڏهن جنرل مشرف جي دور ۾ “متحده مجلس عمل” (ايم ايم اي) جهڙو اتحاد جوڙيو ٿو وڃي. ائين پاڪستان ۾ ساڄي ڌر جون پارٽيون مذهبي اصطلاحن جو سھارو ڳولهينديون رهيون آهن، جيئن عمران خان ساڄي ڌر جي سياست کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر سڀني کان اھم “طالبان” تحريڪ جي قيام بابت تڏهوڪي وزير داخلا جنرل نصيرالله بابر  تسليم ڪيو ھو ته “اهي اسان جا ٻارڙا (ٻچا) آهن.” ڇاڪاڻ ته افغان طالبان کي شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت جي سرپرستي حاصل هئي. تحريڪ طالبان افغانستان کانپوءِ تحريڪ طالبان پاڪستان وجود ۾ آئي، جنهن سبب پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جاري رهي جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.

هن وقت عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري عام هجڻ باوجود ٽيڪسن جو بار برداشت ڪري رهيو آهي جنهن تي ڪوبه اتحاد ٺهڻ لاءِ تيار نه آهي. قانون جي بالادستي نالي ماتر وڃي رهي آهي. بدامني عروج تي پهتل آهي. ملڪي حالتون سٺيون نه آهن، پر سموريون سياسي توڙي مذهبي جماعتون پنهنجي پنهنجي مفاد جي حصول لاءِ سرگرم آهن. متحده مجلس عمل وارو اتحاد پڻ انهيءَ ساڳي طرز تي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر فعال ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، کين يقينن ڪٿان ڪو اشارو مليو آهي جنهن جي بنياد تي کين سڻڀو ٽڪر ملڻ وارو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اهو اتحاد ايندڙ حڪومت جو حصو ٿو بڻجي يا سموري حڪومت ان اتحاد جي حوالي ڪئي ٿي وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي جيئڻ ڏنو وڃي، انهيءَ لاءِ معاشي ۽ مالياتي ترقي خاطر قدم کنيا وڃن ته جيئن عوام ۾ خوشحالي اچي ۽ ملڪي ترقيءَ جو معيار بلند ٿئي.