ايڊيٽوريلنئون

وفاقي بجيٽ مالي سال 26-2025 جي ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ سان ٻه اکيائي

سينيٽ جي رٿابندي ۽ ترقي واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ انهيءَ جي لاڳاپيل سينيٽرن سنڌ صوبي جي ترقياتي منصوبن ۾ ٻه اکيائي تي وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي ۽ وفاق جي سڀني صوبن سان مالياتي برابري جو مطالبو ڪيو آهي. اهو اجلاس ايندڙ مالي سال جي لاءِ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (PSDP) جو جائزو وٺڻ لاءِ سڏايو ويو.

هڪ سينيٽر ته ايستائين به چيو ته وفاق سنڌ سان هڪ ڪالوني جهڙو سلوڪ ڪري رهيو آهي. سنڌ جو وڏو وزير به انهيءَ معاملي تي پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري چڪو آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته عوامي ڀلائي جا ترقياتي پروگرام لاڳاپيل صوبن جي حوالي ڪيا وڃن. ائين سنڌ سان لاڳاپيل عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ وفاق سنڌ تي اعتبار ڇو نٿو ڪري. انهن ترقياتي پروگرامن کي سنڌ جي حوالي ڪرڻ وارو واعدو وفاقي حڪومت هن کان اڳ ڪري چڪي آهي، پر بجيٽ مالي سال 26-2025 ۾ وفاق انهيءَ تي عمل نه ڪيو آهي.

سينيٽ جي ڪميٽي پي ڊبليو ڊي جي منصوبن کي سنڌ جي حوالي نه ڪرڻ تي هائوسنگ ۽ ورڪس جي وزارت کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. اهو وفاق جي پهرين فرضن ۾ شامل آهي ته اهو صوبن جي جائز حقن جو خيال ڪري. 27 ترقياتي منصوبن جي مستقبل جي تعين لاءِ بهتر اهو آهي ته اهي سنڌ جي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن صوبي جي انتظاميه جيڪا مسئلن کي به سمجهي ٿي ۽ انهن منصوبن تي صوبائي حڪومت آساني سان عملدرآمد ڪري سگهي ٿي.

ان ۾ اها سچائي آهي ته سنڌ جي مالي سال 26-2025 جي صوبائي بجيٽ وفاقي بجيٽ جي مقابلي ۾ وڌيڪ حقيقت تي مبني نظر اچي ٿي. سنڌ اسيمبلي موجوده خزاني جي خرچ تي 12.5 سيڪڙو اضافي جو اندازو لڳايو آهي. اهي خرچ مهانگائي جي حقيقي دٻاءُ جي عڪاسي ڪن ٿا، جيڪو هڪ معقول ۽ حقيقت تي ٻڌل اندازو آهي. ان جي جاءِ تي وفاقي بجيٽ ۾ مهانگائي جي وڌندڙ دٻاءُ کي موجوده خرچن ۾ مناسب طور تي شامل نه ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي صوبائي اسيمبلي بجيٽ ۾ مالياتي خساري کي به بهتر طريقي سان ڏٺو آهي ۽ اهڙن ٽيڪسن ۾ ڪمي ڪئي وئي آهي، جن جو اثر غريب ماڻهن تي آهي. مثال طور پروفيشنل ٽيڪس، تفريح ڊيوٽي، ڪمرشل گاڏين تي موٽروهيڪل ٽيڪس ۽ ٻين خدمتن تي ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 8 سيڪڙو شامل ڪئي وئي آهي. انهيءَ جي برخلاف وفاقي بجيٽ بدستور اڻ سڌن ٽيڪسن تي انحصار ڪري ٿي، جنهن کي ودهولڊنگ ٽيڪس جو نالو ڏئي وصولي ڪئي وڃي ٿي. وفاقي بجيٽ مالي سال 26-2025 ۾ سنڌ صوبي لاءِ عوامي ڀلائيءَ جا ترقياتي پروگرام سنڌ جي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن انهن تي بهتر عمل ٿي سگهي.

هتي اسين اها ڳالهه به ڪندا هلون ته وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ جي شهرن لاءِ ڄڻ ته ڪجهه به ڪونهي. سنڌ کي ترقياتي فنڊز جي فراهمي ۾ مسلسل نظرانداز ڪرڻ مناسب نه آهي. هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته سکر- حيدرآباد موٽروي جهڙي اهم منصوبي لاءِ جيڪو ڪراچي ۽ ڪشمور کان وٺي سڄي ملڪ کي ڳنڍيندڙ منصوبو آهي. انهيءَ لاءِ رڳو 15 ارب رپيا رکيا ويا آهن. انهيءَ جو مطلب صاف آهي ته وفاق ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي انهيءَ هاءِ وي سان ڪابه دلچسپي نه آهي.

اسين قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي اهو چونداسين ته جڏهن ڪراچي ۽ ڪوئيٽا موٽروي لاءِ 100 ارب رپيا رکيا ويا آهن ته انهيءَ منصوبي تي به عمل ٿيڻ گهرجي، سکر ڪراچي موٽروي لاءِ آواز اٿارين ۽ وفاقي بجيٽ ۾ انهيءَ لاءِ گهربل رقم منظور ڪرائين ته جيئن سنڌ جي ترقي لاءِ ضروري موٽروي جلد مڪمل ٿي سگهي.

سنڌ جي وڏي وزير کي ملڪ جي وزيراعظم ۽ وفاقي وزير خزانه سان سڌيون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ته جيئن عوامي ڀلائي جا ترقياتي پروگرام صوبي جي حوالي ٿين. انهن پي ايس ڊي پي منصوبن کي سنڌ جي حوالي ڪرڻ سان انهن جي تڪميل بهتر نموني ٿي سگهندي. سکر ڪراچي موٽروي تي سنڌ کي وفاق سان پنهنجي موقف کي چٽو رکڻ گهرجي.