پهلگام واقعي سان شروع ٿيندڙ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ جنگ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. هن وقت ٻنهي ملڪن ۾ جنگ واري صورتحال آهي ۽ ٻنهي پاسي سرحدن تي سخت دفاعي انتظام ڪيا ويا آهن. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ٻنهي پاسي عوام امن جو خواهشمند آهي. عوام جي خواهش اڄ به اها آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻه لاڳاپا هجڻ گهرجن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ڏي وٺ جا سلسلا شروع ٿين، سياحت جي اجازت ڏني وڃي، هڪٻئي جون فلمون سئنيمائن ۾ لڳڻ گهرجن، پر ان جي ابتڙ ڀارت نريندر مودي جي اڳواڻيءَ ۾ خبر ناهي ته ڪهڙو ايڊوينچر ڪرڻ ٿو چاهي؟ جنهن جي ڪري پاڪستان کي به پنهنجي دفاعي حق کي استعمال ڪندي ڀارت کي جواب ڏيڻو پئجي ويو آهي. 8 مئي 2025 تي پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي قوم کي مطمئن رهڻ جي لاءِ اهو اعلان ڪيو ته پاڪستان جو دفاعي نظام مضبوط آهي ۽ اسان ڀارت جي ڪنهن به ڪارروائي جو جواب ڏيڻ جي لاءِ 200 سيڪڙو تيار آهيون.
سندس اهو بيان به ڏاڍو خوش آئند آهي ته پاڪستان طرفان اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته سويلينز کي، عورتن کي، ٻارن کي نشانو نه بڻايو ويندو، پر صرف انهن فوجي تنصيبن تي حملو ڪيو ويندو جتان کان پاڪستان تي حملو ڪيو ويندو. هن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته هن وقت ڀارتي ميڊيا ۾ ڪوڙ جي ٻوڏ آيل آهي. هن وقت ڀارت ذلت کي منهن ڏيئي رهيو آهي. پنهنجي کنيل غلط قدم سبب عوام کي مطمئن ڪرڻو اٿس ۽ هو پنهنجي ملڪ جي عوام کي اهو نٿو ٻڌائي ته کيس هر جاءِ تي مار کائڻي پئي پوي.
خواجه آصف مطابق ڀارت ۽ اسرائيل جو اتحاد فطري آهي ٻئي اسلام مخالف آهن ۽ انهن جي اسلام دشمني ڪنهن کان ڍڪيل ناهي. هن وقت خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته دوست ملڪ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. ترڪيه ۽ آذر بائيجان کلي پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي ۽ هن وقت صورتحال اها آهي جو ڀارت جا پنهنجا دوست ملڪ به ان جو ساٿ نه ڏيئي رهيا آهن. شايد ان جو سبب اهو آهي جو ڀارت پهلگام واقعي کان وٺي هيستائين جيڪي به دعويٰ ڪيا آهن انهن جو ڪوبه ثبوت فراهم نه ڪري سگهيو آهي، جنهن کي بين الاقوامي ميڊيا تمام گهڻو غور سان ڏسي رهي آهي، نه صرف ايترو پر هن وقت ڀارتي ميڊيا تان ڪوڙين خبرن جي ڀرمار آهي ۽ ڀارت پنهنجي عوام کي سچ تائين رسائي نه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ميڊيا کي به بليڪ آئوٽ ڪري ويٺو آهي. جنهن سبب دنيا سندن بيانيي تي يقين نه پئي ڪري.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي ڊفينس جي وزيرن جي وچ ۾ ڳالهيون ٻولهيون به ٿي رهيون آهن. خواجه آصف پنهنجي قومي اسيمبلي واري تقرير ۾ پاڪستان جي مضبوط پوزيشن ۽ مضبوط دفاعي صلاحيتن تي ڳالهائيندي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ڀارت پاڪستان جي اهم جاين تي ڊرون حملا ڪري معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر انهن کي انٽرسيپٽ ان ڪري نه ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان جي دفاعي هنڌن جي معلومات انهن تائين نه پهچي سگهي، جيڪو ڊرون موڪلڻ جو اصل مقصد آهي. وزير دفاع پنهنجي عوام کي مطمئن رهڻ ۽ پنهنجي نارمل زندگيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ جواب ڏيندي اهو چيو ته پاڪستان هن وقت ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيئي رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ڀارت جي هر جارحاڻي قدم جي جواب ڏيڻ جي 200 سيڪڙو صلاحيت رکي ٿو.