نام نهاد عالمي طاقتون جتي به پنهنجا مفاد ڏسن ٿيون ته اتي انسانن جي رت جون نديون وهائڻ کان به پاسو نٿيون ڪن. وچ اوڀر کان وٺي آفريقا تائين ۽ لاطيني آمريڪا کان وٺي يوڪرين تائين ڪروڙين انسانن جو ائين رت وهايو ويو آهي، ڄڻ ته انهن جي رت جي ڪابه حيثيت ناهي. اڃان وچ اوڀر، لبنان، شام، يمن، غزه ۾ انسانيت جي رت جا داغ ميسارجا ئي ناهن ته وري سامراجي قوتن سوڊان ۾ ساڳي رت جي راند کيڏڻ شروع ڪئي آهي. آفريقا جو ملڪ سوڊان جيڪو ڪڏهن آفريقا جو اناج گهر سڏبو هو، جيڪو اڄ ڪلھ هڪٻئي جي خلاف ويڙھ ۾ مصروف ٿي ويو آهي. سوڊان جنهن جون زمينون نيل ندي جي پاڻيءَ سان سرسبز ۽ شاداب ٿينديون هيون، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو زرعي منصوبو ٻيٽ پروجيڪٽ قائم هو نه صرف اهو بلڪه ساڳيو ئي سوڊان سون جي کاڻين جي حساب سان دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ هئڻ سان گڏوگڏ ڍورن ڍڳن جي حساب سان پڻ دنيا ۾ پنجين نمبر تي شمار ٿئي ٿو، پر افسوس ته هن وقت اهو ئي ملڪ اڪثر گهرو ويڙهه جي سبب بک، ڏڪار ۽ تباهي واري نقشي وارو ڏيک ڏئي ٿو. گڏيل قومن جي مطابق هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ سوڊاني هن وقت شديد خوراڪ جي کوٽ ۽ ڏڪار کي منهن ڏيئي رهيا آهن. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايترن قدرتي وسيلن جي باوجود هن وقت اهو رت سان ڇو رڱجي رهيو آهي؟ سوڊان جي هن وقت واري گهرو ويڙھ جيڪا 2023ع ۾ شروع ٿي هئي. جڏهن ملڪ جون ٻه طاقتور فوجي قوتون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، هڪ سوڊان جي ملڪي فوج ۽ ٻي ريپڊ سپورٽ فورسن جنهن کي جنجاويد به سڏيو ويندو آهي. اصل ۾ اقتدار، فوجي بالادستي ۽ ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي وسيلن تي قبضي جي جنگ آهي، جنهن جو پسمنظر ڪجھ هيئن آهي ته سن 2019ع ۾ جڏهن عوامي احتجاج جي نتيجي ۾ صدر عمرالبشر جي ٽن ڏهاڪن تي مشتمل حڪومت جو خاتمو ٿيو ته ملڪ ۾ هڪ عبوري حڪومت قائم ٿي، پر ستت ئي طاقت جي ڇڪتاڻ شروع ٿي. آرمي چيف عبدالفتح البرهان ۽ ريپڊ سپورٽ فورسن جي اڳواڻ محمد حمدان دقلو (حميدتي) جي وچ ۾ اقتدار جي ورهاست، فوجي انضمام ۽ ايندڙ حڪومت جي منهن مهانڊي تي اختلافن ملڪ کي گهرو ويڙھ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. شروعاتي ڏهاڙن ۾ اها ويڙھ صرف خرطوم ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن تائين محدود هئي، پر ستت ئي اها باھ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي. خاص طور تي مخبي پرڳڻي دارفڳر ۾ اها ويڙھ سلي صورت اختيار ڪري وئي، جنهن جي نتيجي ۾ دارفور شهر الفاشر جيڪو ڪڏهن امن جو مرڪز سمجهيو ويندو هو، هن وقت کنڊر بڻجي چڪو آهي.
اهو به چٽو رهي ته آر ايس ايف مليشيا قبائلي جنگجوئن جي ٽولي هئي. 2019ع ۾ جڏهن عمرالبشر جي خلاف تحريڪ شروع ٿي ته هن پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ ان جي حمايت حاصل ڪئي ۽ ان کي هڪ اڌ فوجي حيثيت ڏئي ڇڏي. ان جي اڳواڻ حميدتي کي جنرل بڻائي ڇڏيو. هن جي مليشيا کي ريپڊ سپورٽ فورس جو نانءُ ڏنو ويو. اپريل 2019ع ۾ عمرالبشر کي جيل موڪلي جنرل عبدالفتاح البرهان ۽ ان جي ساٿي فوجي آفيسرن اقتدار سنڀالي ورتو. هنن هڪ وقتي فوجي ڪونسل قائم ڪئي، عوام ان کي وقتي طور تي قبول ڪيو. مگر ستت ئي مطالبو ڪيو ته اقتدار سويلين حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي. سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ٿيا “قوي احريت و التغير“(Force of freedom and change. FFC جي نالي سان هڪ اتحاد اڀريو، جنهن سويلين حڪومت جي قيام جو مطالبو ڪيو. فوج پهرين مزاحمت ڪئي، پر وري بين الاقوامي دٻاءُ ۽ اندروني احتجاج جي ڪري آگسٽ 2019ع ۾ هڪ ڀائيوار حڪومت تي اتفاق ڪيو، جيڪا حڪومت فوج ۽ سويلين اڳواڻن تي مشتمل هئي. عبدالله حمدوڪ وزيراعظم بڻيو، جڏهن ته جنرل البرهان فوجي سربراھ رهيو، ان دور ۾ سوڊان عالمي سطح تي ٻيهر پنهنجا تعلقات بحال ڪيا. خاص طور تي آمريڪا سان ۽ “دهشتگردي” جي لسٽ کان نالو ڪڍرايو. وري آڪٽوبر 2021ع ۾ جنرل البرهان اوچتو بغاوت ڪري سويلين حڪومت ختم ڪري ڇڏي. فوج سڄي ملڪ تي ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ اتان کان نئين گهرو ويڙھ جو بنياد پئجي ويو. وقتي دور ۾ ريپڊ سپورٽ فورسز به هڪ نئين فوجي طاقت بڻجي اڀري هئي. اها فورس اڳ ۾ دارفور جي جنگين ۾ سرگرم رهي، پر بعد ۾ اڌ سرڪاري حيثيت ڏني وئي. وقت سان گڏوگڏ مستقل فوج ۽ ان مليشيا جي وچ ۾ اقتدار جي ڇڪتاڻ وڌندي وئي، خاص طور تي فوج ۾ (integration) جي معاملي تي، وري اپريل 2023ع ۾ اختلاف کليل جنگ ۾ بدلجي ويو. گادي جو هنڌ خرطوم تباهه ٿي ويو، الفاشر شهر ۾ بدترين نسل ڪشي جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ فرد بي گهر ٿي ويا. جيتوڻيڪ 2019ع ۾ عمرالبشر حڪومت جو خاتمو “آزادي” جي هڪ اميد هئي، پر اڄ اها اميد “انارڪي” ۾ بدلجي وئي آهي. ذريعن موجب ريپڊ سپورٽ فورسز عام شهرين جي قتل عام، ڦرلٽ ۽ ٻهراڙيون ساڙڻڻ جهڙا ڏوھ ڪيا آهن. هن وقت فاشر شهر ۾ قتل عام جاري آهي. هن شهر تي سوڊاني آرمي قابض هئي، ٻاهر کان ريپڊ شهر جو گهيرو ڪري رکيو هو، جيڪو گهيرو 600 ڏينهن کان جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مقامي ماڻهو حرام شيون کائڻ تي مجبور ٿيا، ليڪن ويجهڙ ۾ سخت ويڙھ کانپوءِ فوج کي مجبورن شهر ڇڏڻو پيو، جنهن کانپوءِ ريپڊ مليشيا شهر ۾ داخل ٿي قتل عام شروع ڪري ڇڏيو. اسپتالن ۾ لاشن جا ڍير ۽ بک کان تڙپندڙ ٻارڙن جون اڪيچار سامهون اچي رهيون آهن.
غير ملڪي مداخلت ۽ بغاوت؟: سوڊان جي هن گهرو ويڙهه ۾ ٻاهرين قوتن جا ڳوڙها مفاد آهن. هي ملڪ جاگرافيائي طور تي احمر سمنڊ (ڳاڙهي سمنڊ) جي ڀرسان آهي. اهو ئي رستو جيڪو وچ اوڀر، آفريقا ۽ يورپ جي واپاري رڳ آهي. انهيءَ بيهڪ سوڊان کي عالمي طاقتن جي راند جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي. متحده عرب امارات کليل ۽ ڳجهي طور تي ريپڊ فورسز جي مدد ڪري رهيو آهي. هن جي هٿيارن جو ڳچ حصو فوج پڪڙي ورتو آهي، بلڪه انهن ٺوس شاهدين جي بنياد تي سوڊاني حڪومت عالمي عدالت ۾ به يو اي اي جي خلاف ڪيس داخل ڪري چڪو آهي. يو اي اي جي دلچسپي سوڊان ۾ سون جي کاڻين، زرعي زمينن ۽ بحري بندرگاهن ۾ آهي. اماراتي ڪمپنيون دارفور ۽ اترين علائقن کان سون غير قانوني طريقي سان حاصل ڪن ٿيون، جنهن جي بدلي ۾ ريپڊ کي هٿيار ۽ مالي مدد ملندي رهي. ٻئي پاسي مصر سوڊاني فوج جي پٺيءَ تي بيٺو آهي. ڇو ته هن کي خوف آهي ته جيڪڏهن اڌ فوجي گروپ ڪامياب ٿي ويا ته هن جي لاءِ نيل درياءَ جي پاڻي جي ورهاست تي خطرو وڌي ويندو. جڏهن ته سعودي عرب ظاهر ۾ ٺاھ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، مگر پردي پٺيان اهو به اهڙي سياسي انتظام جي خواهش رکي ٿو جيڪو هن جو پوئلڳ هجي. سوڊان ۾ روسي مداخلت به ڪنهن کان ڍڪيل ناهي. روس جو مقصد چٽو آهي ته هو ريڊ سي جي ڪناري تي هڪ مستقل فوجي اڏو قائم ڪرڻ چاهي ٿو. روس جي نجي قاتل ڪمپني “وينگر گروپ” اڳ ئي سوڊان جي سون جي واپار ۾ سرگرم رهي آهي، جتي گهرو ويڙھ يا ڇڪتاڻ هجي اتي آمريڪا ۽ اسرائيل ڪيئن پوئتي رهي سگهن ٿا. اهي به ان راند جا تماشائي نه بلڪه رانديگر آهن. آمريڪا جو مفاد اهو آهي ته سوڊان ڪنهن صورت ۾ روس يا چين جي ويجهو نه وڃي. جڏهن ته اسرائيل جنهن سان گڏ عمرالبشر کانپوءِ تعلقات بحال ٿيا. سوڊان کي اوڀر آفريقا ۾ پنهنجو نئون اتحادي بنائڻ چاهي ٿو ته جيئن ريڊ سي ۾ ايراني اثر ۽ رسوخ محدود ڪري سگهجي. اسرائيل انٽيليجنس ماضي ۾ ريپڊ جي اڳواڻن سان سڌا سنوان رابطا ڪيا ۽ اطلاعن مطابق تل ابيب قاهره جي رستي ٻنهي ڌرين تي اثر وجهڻ جون ڪافي ڪوششون ڪيون.
ملڪ جي ورهاست؟: سوڊان جي هن وقت واري گهرو ويڙھ ۾ ملڪ جي ورهاست جو خطرو به وڌي رهيو هي ۽ ڪيترائي ماهر ان کي هڪ ممڪن انجام جي طور تي ڏسي رهيا آهن. جيتوڻيڪ سڌو سنئون ڪا ڌر ورهاست جو اعلان ناهي ڪري رهي. هن وقت اتر ۽ اوڀر سوڊان (جنهن ۾ پورٽ سوڊان شامل آهي) فوج جي قبضي ۾ آهي. مغربي علائقي خاص طور تي دارفور ۽ الفاشر تي آر ايس ايف جو قبضو ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته سوڊان ٻن يا ٽن حصن ۾ ورهائجي سگهجي ٿو. اتر فوج جي اثر هيٺ هوندو ۽ مغربي حميدتي مليشيا جي قبضي ۾ ۽ اوڀر بندرگاهي علائقو ڪنهن بين الاقوامي نگراني ۾ هليو ويندو. سوڊان اڄ صرف اقتدار جي جنگ ناهي وڙهي رهيو، بلڪه وجود ۽ بقا جي جنگ به وڙهي رهيو آهي. اهو ملڪ اڳ ۾ به ڏکڻ سوڊان ۽ اتر سوڊان ۾ ورهائجي چڪو آهي.
اقوام متحده جي مطابق هيستائين ٻارهن هزارن کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ چوڏهن لکن کان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن۔ ملڪ جون اسپتالون تباهه، خوراڪ جي رسد بند ۽ پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ ٿي چڪو آهي. الفاشر، نيالا ۽ الجنينا جهڙا شهر انساني الميي جا منظر پيش ڪري رهيا آهن. سون، تيل، زمين ۽ اقتدار جي لاءِ وڙهڻ وارن سردارن جي وچ پيسجندڙ عوام هينئر ڏڪار ۽ بيماري کان مري رهيا آهن. هڪ وقت هو جڏهن سوڊان کي “آفريقا جو مستقبل” چيو ويندو هو، زرخيز زمين، معدني وسيلا، ڪشادا ڍور ڍڳن جا فارم ۽ نيل جون برڪتون، اهي سڀ اڄ جنگ جي باهه ۾ سڙي چڪا آهن، جتي ڪڏهن سبز پوکون جهومنديون هيون، اتي هينئر بارود جي بدبوءِ آهي، جتي ڪڏهن کجيءَ جي وڻن جي هيٺان ٻارڙا کيڏندا هئا، اتي هينئر مائرن جون رڙيون پڙاڏو ڪن ٿيون. سبب اهو آهي ته مفادن جي ان جنگ جو اصل ٻارڻ غريب عوام جو رت آهي، الله تعالي جو فرمان آهي:
ترجمو: “جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته زمين ۾ فساد نه پکيڙيو ته اهي چون ٿا ته اسان ته سڌارو ڪرڻ وارا آهيون“۔(البقره:11)
اها آيت اڄ جي سوڊان جي سچي تصوير آهي، جتي هر هڪ ڌر جي اها دعويٰ آهي ته هو امن جي لاءِ وڙهي رهي آهي، مگر زمين تي صرف رت جا داغ ڇڏي وڃي ٿي.