گذريل ڏينهن ميهڙ واقعي جي فتويٰ ڏيڻ لاءِ دادو ۾ ڪرفيو لاڳو ڪندي عدالت اکيون بند ڪري اٺن سالن کان هلندڙ ڪيس جو فيصلو اٺن منٽن ۾ ٻڌائي انصاف جو جنازو ڪڍي ڇڏيو ۽ اٺن ئي جوابدارن کي ڪيس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو. زي شعور ماڻهو عدالت جي اهڙي فيصلي بعد سوچي ٿو ته جيڪڏهن ائين ئي فيصلو ڏيڻو هو ته اٺ سال ضايع ڇو ڪيا؟ ڪرفيو واري صورتحال ڇو پيدا ڪئي ويئي؟ جيڪڏهن گهڙي پل عدالت جو فيصلو اکيون بند ڪري مڃي به وٺجي ته ڀلا امِ رباب جي والد، چاچي ۽ ڏاڏي کي آخر ڪنهن قتل ڪيو، اکين ڏٺن شاهدن جا بيان هڪ لهر جيان لڙهي ويا، ائين لڳو ڄڻ قتل ٿيا ئي ڪونه هئا، جنهن ڌيءَ جي اڳيان پنهنجي پيءُ، چاچي ۽ ڏاڏي جا لاش سامهون هجن اها ڪيئن تڙپي هوندي، انصاف لاءِ اٺ سال ڪيئن اوسيئڙو ڪيو هوندو؟ عدالت کي ذري جو به احساس نه ٿيو ان فيصلي بعد ماڻهن جو عدالت تان اعتماد ئي ختم ٿي ويو آهي. دادو جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ هاءِ پروفائل ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي، اٺ سالن جي قانوني جنگ کانپوءِ امِ رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل ۾ ملوث سڀني اٺن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ نهايت ڏکائيندڙ عمل آهي. آزاد ٿيل جوابدارن ۾ اقتداري ڌر پاڪستان پيپلز پارٽي جا اڳواڻ سردار احمد چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان خان چانڊيو، اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو، ستار چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، مرتضيٰ چانڊيو، سڪندر چانڊيو ۽ ذوالفقار چانڊيو شامل هئا. فيصلي جي اعلان دوران عدالت اندر ۽ چوڌاري سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا هئا. هي خوفناڪ واقعو 17 جنوري 2018 تي سنڌ جي شهر ميهڙ ۾ پيش آيو. جڏهن هٿياربند ماڻهن هڪ گهر تي حملو ڪري امِ رباب جي پيءُ، ڏاڏي ۽ هڪ چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويلن بابت اهو چيو پيو وڃي ته اهي هڪ ٻئي جا سياسي مخالف هئا. جيڪڏهن سياسي مخالف هئا ته ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته مخالف کي گولين جو کاڄ بڻايو وڃي. مقتول خاندان جي مطابق، حملو مبينا طور تي ميهڙ جي هڪ قبائلي سردار، سردار احمد چانڊيو ۽ سندس پٽ جي حڪم تي ڪيو ويو هو. امِ رباب چانڊيو پنهنجي قتل ٿيل خاندان جي ميمبرن جي ڪيس جي پاڻ پيروي ڪري رهي هئي، جيتوڻيڪ رپورٽن موجب کيس موت جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون. ڪيس 2021 ۾ ملڪ گير ڌيان حاصل ڪيو، جڏهن ننگي پيرين امِ رباب جي عدالت مان نڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ان وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي، امِ رباب سنڌ حڪومت تي الزام لڳايو ته هو قتل جي ذميوارن کي تحفظ ڏئي رهي آهي، جنهن کانپوءِ سردارن کي وزارت تان هٽايو ويو ۽ جوابدارن جي حيثيت سان ڪورٽن ۾ ايندا رهيا. 30 مارچ 2026 تي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پاران ٻڌايل فيصلي هن سڄي داستان ۾ هڪ نئون موڙ آندو آهي، جتي قانوني طور تي جوابدار آزاد ٿي ويا آهن، پر سماجي ۽ فڪري طور تي جدوجهد جو شعلو اڃان به وڌيڪ ٻري پيو آهي.