بازارِ حسن
ڪاليج کان موٽندي رباب ڪلفي وٺي بس ۾ ويٺي، هوءَ بي حد پياري صورت جي مالڪه ھئي… رنگ اڇو، نقش تکا، وار ڀورا گهنگهريالا، بس ۾ ويٺل ماڻھن جون نظرن ذري ذري ھن ڏانھن پئي وريون…
شٽ…!
اسان جي سماج جا ماڻھون شل نه ڪا ڇوڪري ڏسن، ھوءَ منھن ٽيڙو ڪري بس مان لٿي…
بيگ مان ٽشو ڪڍي ڪلفي لڳل ھٿ اگھندي، چنچل انداز ۾ گانا ڳائيندي اچي گھر پڳي…
توکي ڪيترا ڀيرا چيو اٿم ته گھٽي مان فضيلت سان ايندي ڪر، سندس ماءُ نورجھان بالڪوني ۾ تار تي ڪپڙا وجھندي اولي مان منھن ڪڍي ڇڙپ ڏنس…
رباب در ٻيڪڙي، سڌو اڱڻ ۾ صندل تي ويٺل پنھنجي ناني ممتاز بيگم ڏانھن ڊوڙي، جنھن ريڊيو تي پراڻن گانن سان گڏوگڏ پان دان مان پان ٺاھي کائڻ مان لطف پڻ ورتو…
ناني، ڏسو نه امي مون کي آزادي سان جيئڻ نٿي ڏي… ناني مٽ ۾ وڌل پان سان سندس مٿو چميو… اڙي تنھنجي ماءُ ته بس مڙئي پئي چوندي اٿئي…
ناني آئون آزاد پکيءَ وانگر اڏرڻ ٿي چاھيان… زندگي کي پنھنجي حساب سان جيئڻ ٿي چاھيان…
رباب ٻانھون پکيڙي اڱڻ ۾ ڦيري ڏني…
ناني پان جي پتي تي گلقند ھڻندي، مشڪي سندس حوصلا افزائي ڪئي… نورجھان جيڪا بالٽي کنيو ڇت تان پئي لٿي سان اھو سڀ ڏسي بخيل ٿي پئي…
بالٽي بورچي خاني جي ڀرسان رکي، ريڊيي کي بند ڪري چيائين،
امان تون ھن جي ٻاراڻين حرڪتن کي نه پڏائي، اڄ جو دور ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آھي…
مٿان اڪيلي ڇوڪري جي حفاظت سواءِ خدا جي ذات جي ڪير نٿو ڪري. رب چڱي ڪندو، تون ايترو نه سوچ…
ناني پنھنجن اڇن ڪارن وارن کي کوليو.
اچ ربي…
ھي مھندي ته پسائي لڳائي، ناني مھندي کي وٽي ۾ وجھي ھٿ ڇنڊيا.
مٿو اڇو ڦولار ٿي پيو اٿم. رباب جيڪا رسيو در جي ڀر ۾ بيٺي ھئي تنھن ڪاوڙ مان وکون وڌائيندي ناني ڏانھن اچڻ جي ڪئي…
ٻڌ…!
رات ڪا پراڻي فلم ڏسندا سون، ناني ڦسڪو ھڻي چيو…
رباب اھو ٻڌي چستي مان وراڻيو،
سچ ناني…
پر امي نه جھلي…
اڙي ماڻھين جڏھن سمھي رھي ته پوءِ.
ڇا سس پس پئي ھلي…
نورجھان بورچي خاني جي دري مان جھاتي پائي پڇيو. ڪجھ نه ڪجھ ڪجھ نه… ٻنھي نورجھان کي ھڪ ڪرو جواب ڏنو…
ھيڏانھن اچ ربي…
پلاءُ کي ڀڃڻي ڏي.
ڌيءَ ڌڻ جو ٻار آھين ڪجھ سکيل ھوندئي ته ڪم ايندئي،
امان سان گڏ ڪلاسيڪل راڳ ۽ پراڻيون فلمون ڏسڻ سان ڪو ڪم ڪونه ايندئي… اڱڻ ۾ سنڪ تان ھٿ ڌوئي رباب رڌڻي ڏانھن وئي…
ناني اٿو…!
رباب ڪمري ۾ ستل ناني کي اٿارڻ جي ڪئي.
ناني جيڪا پنھنجي ڪمري ۾ وڏن پاون واري پلنگ تي گھري ننڊ ستل ھئي سان ڇرڪي اٿي پئي…
رباب کيس ٻانھن مان لوڏي چيو،
ناني آئون آھيان…
ھن سائيڊ ٽيبل تي رکيل ناني جي عينڪ کڻي ڏنس،
ھائي امان ڊيڄاري ڇڏيئي.
امي ستي پئي آھي،
اچو فلم ٿا ڏسون…
ھن ھڪدم ٽي وي تان پوش سيري، وي سي آر ۾ ڪيسٽ وڌي…
ناني به ننڊ جي خمارن منجھان سجاڳ ٿي ٺھي جڙي پلنگ تي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھي…
ھوريان ڪر آواز ماڻھين نه اٿي پئي.
نه ناني امي ننڊ جي گوري کايو ستي پئي آھي، ھاڻ صبح تائين ڪانه اٿندي.
رباب پراعتماد ٿي وراڻيو… ۽ ناني جي ڀر ۾ پلٿ ھڻي ويٺي…
رباب…!
ناني چپ ته ڪيو يار ڪيڏو نه اموشنل سين آھي…
رباب اکين مان لڙڪ اگھي ڀر ۾ پيل ڦلا کائڻ لڳي،
اک ٽي وي ۾ ھٿ ۾ جھليل ڦلا ناني ڏانھن وڌايائين…
تون آخر ڪڏھن سمجھندئين.
سندس ماءُ نورجھان ٽي وي کي بند ڪندي ئي تيز ٿي پئي…
امان ڪيترا ڀيرا جھليو اٿم ھن کي انھن فلمن کان پري رکو، پر توھان الائي ڇو سمجھو نٿا…
اھو چئي نورجھان ڪاوڙ مان ڪمري منجھان نڪتي.
چپ ڪڍي ٻارن وانگر روئيندي رباب ناني جي ھنج ۾ ليٽي…
امي مون سان ائين ڇو ٿي ڪري…؟
ٻچا ھوءَ ماءُ آھي ھن کي تنھنجي ڳڻتي آھي.
ناني سندس مٿي تي ھٿ ڦيريندي ھمت ڏنس…
ٻئي طرف نورجھان پنھنجي ڪمري جي دري کولي چنڊ جي چانڊوڪي ڏسڻ لڳي.
آسمان تي پکڙيل خاموشي ھن جي اندر جي مونجھ ۽ ڪوماٽيل دل کي وڌيڪ مايوس پئي ڪيو…
ناني اڄ موسم ڪيڏي نه دلڪش آھي.
رباب ھوا ۾ وار وکيري اڱڻ ۾ رئو ڦيلائي ڦيري ڏني…
ناني جنھن صندل تي پنھنجي مخصوص انداز ۾ ويٺي سوئيٽر پئي اڻيو تنھن نڪ تي عينڪ لاھي ڪنڌ جھولاري ھا ڪئي…
ٻانھن ۾ سايون شيشي جون چوڙيون کڙڪائيندي رباب ناني جي ڀر ۾ ويٺي…
ڪلھي تي ھٿ رکي ھجت مان چيائين ناني پئسا ڏيو ته برگر گھرايان.
اُف ھڪ ته موسم حسين ٻيو ناني غريب…
ھاھاھا…
ناني سندس مذاق تي ڦڪو ٽھڪ ڏيئي ڀر ۾ رکيل ننڍڙي پرس مان پئسا ڪڍي رباب جي تري ته رکيا.
لو يو ناني…
اھو چئي ھوءَ رئو اڏائيندي در ڏانھن وئي.
ڪيڏانھن…؟
نورجھان ڪمري مان نماز جو سلام ورائي پڇيس…
ھوءَ ھڪدم خاموش ٿي وئي.
بيھ آئون اچان ٿي دعا گھري مسلو ويڙھيندي رئي جي ٻڪر کي ڍلو ڪري ھو ٻاھر آئي.
ڪير وٺي ايندئي…؟
رباب ڦڙتي مان وراڻيو آن لائين آرڊر ڪري ڇڏيو اٿم.
بس اچڻ وارو ھوندو… فضيلت سان رئو پائي وڃي وٺي اچجانءِ.
ائين ڳلي ۾ رئو پائي وڃڻ جي ڪابه ضرورت ڪونھي.
ماءُ جي تنقيد تي ھوءَ منھن سڄايو، رئو پائي در جي ٻاھران برگر وٺڻ وئي.
شھر ۾ اوچتي ھڙتال ٿيڻ سبب رباب انھن ئي پيرن تي ڪاليج کان واپس گھر آئي. گھر ۾ گھڙندي ئي ھن چوڌاري نظر ڦيري ته کيس ڪير به نظر نه آيو…
ٿيلهو صندل تي رکي، اڱڻ ۾ ٽيبل تي پيل ڪولر منجھان پاڻي پي، ھن سندس ماءُ ۽ ناني جو ڳالھائڻ ٻڌو…
جيڪي ٻئي ڄڻيون… ناني واري ڪمري ۾ ويٺل ھيون.
ورانڊي ۾ پھچندي ئي ھن جون تڪڙيون وکون ھڪدم ھلڪيون ٿيون جڏھن ماءُ جي لھجي ۾ سنجيدگي محسوس ڪيائين.
در جي ٻاھران بيھي رھي.
پوءِ ھڪ ڏينھن ته رباب کي اسان جي حقيقت جي خبر پوندي نه، ھوءَ ھاڻ جوان ٿي وئي آھي. اسين ڪيستائين ھن کان اھو سچ لڪائي ويھنداسين.
امان ڊڄان ٿي…
ڪھڙي منھن سان ھن کي پنھنجي بدترين ماضيءَ جو ٻڌايان ته رباب جي ناني ۽ ماءُ طوائف ھيون…!
ماءُ جي واتان اھي لفظ ٻڌي، رباب جون اکيون کلي ويون حيرت مان وات تي ھٿ رکي ھوءَ ڪمري ڏانھن آئي. ممتاز بيگم ۽ نورجھان ھن کي اوچتو ڪمري ۾ ايندي ڏسي دھلجي ويون.
امي آئون ڪير آھيان؟ ڪنھن جي ڌيءَ آھيان، ڇا آئون ناجائز…
آخري لفظ ڳلي ۾ اٽڪي پيس…
توھان مون کان ايترو وڏو سچ لڪايو.
ھيڏانھن اچ ٻچا،
ناني کيس ٻانھن کان جھلي پنھنجي ڀر ۾ ويھاريو.
۽ سندس ماءُ پنھنجي ماضي جي مٽيل پاڇولن کي چٽو ٿيندي ڏسي شرمساري مان چپ چاپ ٿي پاسي تي بيھي رھي…
ٻڌايو نه ڪير آھيان آئون…؟
رباب، ناني ڏانھن سواليه نظرون کڻي نھاريو. جنھن مٿي تي ھٿ ڦيري چيو، تون ھڪ معزز گھراڻي جي نياڻي آھين تنھنجو تعلق ھڪ با ڪردار گھراڻي سان آھي. ڪھڙو گھراڻو، ڪير آھي منھنجو پيءُ ھن بي صبري مان اٿي ماءُ کان پڇيو.
جيڪا نظرون جھڪائي، لڙڪن جو سمنڊ نيڻن مان وھائڻ لڳي.
ايترو وڏو ڏک…! جن عورتن کي معاشرو بدترين نظرن سان ڏسندو آھي ۽ چڱا ڀلا گھراڻا پنھنجي گھر ۾ نالو وٺندي به گناھ سمجھندا آھن.
آئون تنھن عورت جي ڌيءَ آھيان. نه امي ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي…؟ ھوءَ ڪمري مان بالڪوني ۾ وڃي بيٺي. ھن جو چنچل انداز اوچتو بردبار ٿيندو پئي ويو. بلڪل ائين جيئن مينھن جو امڪان نه ھجڻ باوجود به ڪڪر وسي پئي ۽ سموري ماحول کي بدلائي ڇڏي…
منھنجي ڳالھ ٻڌ.
نورجھان کي بالڪوني ۾ ايندي ڏسي ھن ڀنل اکيون روڊ کان ھٽائي ماءُ ڏانھن ڦيريون… ۽ انتھائي معصوميت مان چيائين، پر مون ته ڪڏھن محسوس ئي ڪونه ڪيو ته منھنجي ماءُ ماضيءَ ۾ اھا عورت ٿي سگھي ٿي. ڇو ته امي توھان ۾ اھڙو ڪو عڪس ئي ڪونه ڏٺو اٿم.
ننڍپڻ کان ئي توھان کي ھڪ پارسا عورت ڏٺو آھي. نماز، روزا ۽ قرآن جي پابند، پردو ڪندڙ.
نه نه نه امان ائين نٿو ٿي سگھي…
ھن جلدي ڪنڌ ورائي پنھنجي دل کي آٿت ڏيندي چيو، نه آئون ھڪ طوائف جي ڌيءَ ڪونه آھيان…!
لڙڪ باھ جو شعلو بڻجي اندر کي جھيري ويا ھئس، جڏھن پنھنجي ڌيءَ جي نظرن ۾ طوائف جي لاءِ نفرت ڏٺي ھئائين.
نورجھان دل جھلي نه سگھي وات تي رئو ڏيئي ھوءَ نير وھائيندي پنھنجي ڪمري ڏانھن آئي.
ھيڏانھن اچ ٻچا.
ناني ھڪ ٽنگ پلنگ تان لاھي، بالڪوني ۾ بيٺل رباب ڏانھن جھاتي پائي ڏٺو… رباب جيڪا ھڪ ئي وقت پنھنجي پاڻ سان اڻ کٽ سوالن جي جنگ وڙھي رھي ھئي، سا ھاڻ ناني جي سڏ تي ڪمري ڏانھن آئي…
ھتي ويھ…
ناني پلنگ جي چادر ٺاھيندي کيس ويھڻ جو چيو.
ھن جي زرد ٿيل مايوس چھري ڏانھن ڏسي چوڻ لڳي. ٻچا زندگي جيڪا نظر ايندي آھي سا ھرگز ڪونه ھوندي آھي.
ماضي ڪلھ ھوندو آھي ڪنھن جي ماضي کي حال يا مستقبل سان جوڙڻ بلڪل غلط آھي.
ڏس ٻچا…
ناني سندس ھٿ تي مٺي ڏيئي ھن جي هانءُ تان ٻوجھ ھلڪو ڪرڻ ٿي چاھيو. انسان خطا جو گھر آھي، پر انھيءَ جو اھو مطلب ھرگز نه آھي ته ھو مستقل ھڪ ڪرو رھي.
پوءِ ڪير آھي منھنجو پيءُ…؟
جنھن جي تلاش جي سوال تي توھان ۽ امي ھميشه موضوع مٽائي ڇڏيندا آھيو. روئيندي روئيندي سڄل اکيون ناني ڏانھن ورائي ھن نماڻي انداز مان پڇيو، ھڪ جاگيردار، ڀوتار ۽ راڄ جي حاڪم جو اميرزادو خوبصورت ۽ پنھنجي پئسي جي نشي ۾ جواني جي واٽ تي ڀٽڪيل پٽ.
واٽ…؟
رباب حيرت مان چيو،
ٻچا پئسو چڱن ڀلن کي به بگاڙي ڇڏيندو آھي. ڪيترائي سال اڳ جڏھن منھنجي جواني جو آخري حصو شروع ٿيو ھو… ۽ تنھنجي ماءُ اڃان پھرين حصي تي پڳي ھئي.
نورجھان پنھنجي ڪمري مان ناني جي ڪمري ۾ ويندڙ وچين دروازي جي اوٽ ڏانھن سري ماءُ جي ڳالھ ٻڌڻ آئي… اکيون پوري پنھنجي ماضي جي وساريل قصي کي ٻڌندي مايوس ٿيڻ لڳي.
ڪڏھن ڪڏھن عورت صحيح واٽ وساري ڪنھن غلط رستي تي ھلي ويندي آھي. تنھنجي ماءُ جڏھن اٺن سالن جي ٿي ته منھنجي مڙس ۽ تنھنجي ناني اسان کي گھر مان ڪڍي مون کي طلاق ڏيئي ڇڏي…
مون وٽ انھيءَ گھٽي ۾ وڃڻ کان علاوه ڪو رستو نه بچيو ھو ۽ پوءِ مون به ڌيءَ جو پيٽ پالڻ ڪاڻ انھيءَ رنگين شھر ڏانھن پنھنجي ضمير جو قتل ڪري وکون ڄمايون…
ناني جي ڳالھين تي ھن غور ڪري پنھنجي چيچ ۾ پھريل منڊي کي پريشاني مان ڦيريو.
تنھنجي ماءُ کي بھتر تعليم ڏياري، مون ڪڏھن نه چاھيو ھو ته مون وانگر منھنجي ڌيءَ جي سڃاڻپ تي طوائف جي مهر لڳي، پر شايد قسمت ۾ اھو ھو.
خير…!
ناني پان کي چٻاڙي پنھنجي ڳالھ کي جاري رکيو… ھڪ ڏينھن تنھنجو پيءُ به ڀلجي اسان وٽ آيو ۽ پھرين نظر ۾ تنھنجي ماءُ سان عشق ڪري ويٺو.
پوءِ ڇا ٿيو ناني…؟
رباب اکين مان آيل لڙڪ اگھي گوڏن تي منھن رکي ويٺي. انجام ٻڌائي ويٺي ھئم تنھنجي پيءُ کي، پر جواني جي اوج ۾ ۽ محبت جي زور تي ھو سڀ ريتون وساري ويٺو ھو…
ڪھڙو انجام ناني…؟
ڪھڙيون ريتون…؟
ناني پلنگ کي ٽيڪ ڏيئي پنھنجي ساڙھي جو پلو ٺاھيندي چيو.
ھڪ معزز گھراڻو ڪڏھن به ھڪ طوائف کي پنھنجي ننھن جي روپ ۾ تسليم نه ڪندو آھي. اگر ڪندو به آھي ته ظالم سماج، ريتون، رواج پيرن ۾ زنجيرون ٿي ويڙھجي پوندا آھن.
۽…
نتيجو ڇا نڪرندو آھي…؟
ڇا نڪرندو آھي ناني…؟
ھن شھر ۾ نورجھان کي ھي گھر وٺي ڏنو، اسان ٻنھي کي اتان وٺي ھتي رھايائين. پاڻ ڳوٺان ۽ پھرين زال وٽان فرصت ملندي ئي تنھنجي ماءُ سان ملڻ ايندو ھو…
پھرين زال…؟
ڇا منھنجو پيءُ شادي شده ھو…؟
ھا بلڪل ٻچا تنھنجو پيءُ شادي شده ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ ھو، اھا زال پنھنجي خاندان جي ھئس، جنھن کي ستن پردن ۾ لڪائي ڳوٺ جي حويلي ۾ رکيو ھئائين.
جڏھن ته تنھنجي ماءُ کي شھر جي ھڪ معمولي پاڙي ۾ گھر وٺي ڏيئي ھليو ويو. تنھنجي ڄم کانپوءِ ڪجھ ڀيرا آيو ھو ۽ ھن جي وڃڻ کانپوءِ تنھنجي ماءُ نوڪري ڪري ۽ ٽيوشن پڙھائي تنھنجو، منھنجو ۽ پنھنجو پيٽ گذر ڪندي پئي اچي…
ھاڻ ڪٿي آھي منھنجو پيءُ…؟
رباب تجسس مان پڇيو.
تون سال جي ٿي ھئين ته ھن جو ايڪسيڊنٽ ٿيو ۽ ھو ھميشه لاءِ ھيءَ دنيا ڇڏي ھليو ويو.
سچ پچ…؟
رباب وات تي ھٿ رکي بيحد روئڻ لڳي… سندس ماءُ به کيس روئيندو ڏسي ھلي آئي.
امي مون کي معاف ڪجو آئون غلط ھئس.
ھڪ ڏينھن آئون پنھنجو حق ضرور وٺنديس…
وڙھنديس انھن عورتن لاءِ جن ۾ مرد فرق ڪيو ويٺا آھن ۽ پنھنجي گھر جي عزت بنائڻ ۾ عيب ٿا محسوس ڪن، پوءِ ڇو ٿا ڪن شادي اھڙي عورت سان جنھن کي حقيقي جاءِ تي پناھ نٿي ملي منھنجي پيءُ جيان الائجي ڪيترن مردن ائين ڪيو ھوندو…
پر امي ھڪ ڏينھن توھان کي مون تي فخر ھوندو. ھن ماءُ ۽ ناني کي ڀاڪر ۾ ڀري عورت ڪيتري مضبوط آھي ھجڻ جو ثبوت ڏنو.
***

