بلاگنئون

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي جي لطيف شناسي

غلام مصطفيٰ ولد نور محمد کهڙو 29 آگسٽ 1964ع تي گمبٽ ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو، پرائمري ۽ هائر سيڪنڊري تعليم پنهنجي ڳوٺ گمبٽ مان پاس ڪرڻ کانپوءِ سکر جي اسلاميه ڪاليج مان بي ڪام ۽ ايم اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. ساڳي ئي يونيورسٽي مان، “شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو” عنوان سان پي ايڇ ڊي 2004ع ۾ مڪمل ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ محقق ۽ نقاد جي آهي، ڪرت طور نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ ڪم ڪيائين، کهڙي صاحب لکڻ جي شروعات ڪاليج زماني ۾ مضمون نويسيءَ معرفت ڪئي کين “مسلمان سائنسدانن جو علم جي واڌاري ۾ حصو” ۽ “ماءُ” عنوان سان مضمون تي پهريون نمبر اچڻ جا ايوارڊ ۽ انعام مليا، جنهن کانپوءِ لکڻ جو شوق وڌندو وين. ڇپيل ڪتابن ۾ “شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو” پي ايڇ ڊي ٿيسز) 2013، “لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت” 2013ع، “حضرت سخي بابا صلاح الدين” 2012ع، “حضرت محمد شاهه مڪي عرف جيئي شاهه يا شير سوار” (اردو) 2013ع، “سڄڻ ۽ ساڻيهه” (مضمون) 2014ع، “جيڪي منجهه جهان” (آتم ڪٿا) 2015ع، آهن. شاهه لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت 2013ع ۾ شايع ٿيو، اٺن مقالن ۾ شاهه لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت، سماج يا معاشرو، شاهه لطيف جي دور جون سماجي حالتون، سماجي حالتن ۾ ڀٽائيءَ جو ڪردار، شاهه لطيف جي مختصر سوانح، شاهه لطيف جي شاعري، شاهه جي شاعريءَ ۾ نفسيات شامل آهن.

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو کهڙي صاحب جي تحقيق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ٿي. مئي 2013ع ۾ 535 صفحن جي رائل سائيز جي ڪتاب کي شاهه لطيف اڪيڊمي مان پارس پرنٽنگ ايجنسي معرفت شايع ڪيو ويو. انتساب ڊاڪٽر حميده کهڙو جي نانءُ آهي، مقالي تي ٻه اکر ڊاڪٽر فهميده حسين لکيا آهن، جن مان چند سٽون پٺ پني تي پڻ آيل آهن.

کهڙي صاحب موجب ته هن ٿيسز ۾ انگريزيءَ مان ڪيل ترجمن جو احوال اصل ڪتاب جي ٿيل ترجمن تان ورتو ويو آهي. پاڪستان کان ٻاهر جيئن انڊيا، رشيا ۽ جرمني وغيره ۾ ٿيل ڪم هن ٿيسز ۾ شامل ڪونهي، ان کانسواءِ ٿيسز جي وسيع موضوع جي ڪري ڇهين باب ۾ شاهه تي ٿيل تحقيق مان صرف چند ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

فهرست هيٺين ريت آهي، باب پهريون: شاهه لطيف جي مختصر سوانح سان گڏ  فارسي، سنڌي، انگريزي، اردو، عربي، براهوي ۽ پنجابيءَ ۾ ٿيل لطيف سرڪار جي ڪم بابت آهي، باب ٻيو: رسالي جا دستياب قلمي نسخا، ڇپيل رسالا ۽ رسالي جون ڏسڻيون تي مشتمل آهي، جنهن جي (الف) ۾ دستياب قلمي نسخن اسماعيل جي گڏ ڪرايل “گنج” کان ظفر ڪاظميءَ واري اڻ پوري نسخي تائين جي 50 نسخن کي ذڪر ڪيو ويو آهي (موجوده وقت تائين استاد لغاريءَ جي لکيل رنگين قلمي نسخي جنهن ۾ ڇٽيهه سر ۽ ڇهن رنگن سان لکيل بيت 502 صفحن تي آهن، قلمي نسخن جو انگ 71 بيهي ٿو) ٻئي نمبر باب جي (ب) ۾ ڇپيل رسالا ۽ شاهه جي رسالي جون ڏسڻيون آيل آهن. هن باب ۾ شاهه جو رسالو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ کان رسالا آخوند عبدالحميد تائين 22 رسالا ڄاڻايل آهن. (هلندڙ وقت ۾ خليق الرحمان ڪيريو جي 2023ع جي ڇپيل لطيفي ببليو گرافيءَ ۾ 49 رسالا 2022ع تائين آيل آهن. جڏهن ته تازو 2024ع ۾ بشير پيراهن جو نئون رسالو پڻ ڇپيو آهي (هاڻي اهو انگ 50 تائين ٿي ويو آهي) منهنجي انهيءَ لکڻ جو مطلب آهي ته هر نئين تحقيق پوئين تحقيق جو تسلسل هئڻ سان گڏ نئين معلومات سان سنواريل هجي ٿي، پر هر محقق جي محنت ۾ انفراديت کي ڳولهي پرکي ان کي مڃتا ڏيڻ اسان جو فرض ۽ محقق جو حق آهي. ڊاڪٽر کهڙي صاحب جي هيءَ طويل تحقيق تفصيلي ڄاڻ تي مبني آهي، جنهن مان پوءِ جي تحقيق ڪندڙن ضرور فائدو ورتو آهي. هن باب ۾ شاهه جي رسالي جي ڏسڻين ۾ ڊاڪٽر محمد عالم سومري، ڊاڪٽر عبدالغفار دائودپوٽي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ڪشف الابيات جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

ٽئين باب بعنوان “شاهه جي رسالي جي سرن تي ٿيل تحقيق” ۾ ڇاپي رسالن ۾ آيل سُرن جي حوالي سان سُر ڪلياڻ کان سُر بلاول تائين جي سُرن جو مختلف شارحن جو نقطهءِ نظر ڄاڻايل آهي، گڏ انهيءَ سر جي الڳ ڇپيل ڪتابن جي ڄاڻ موجود آهي. آخر ۾ هر سُر بابت تحقيقي نتيجو آهي، جيئن مثال طور: سُر ڪلياڻ  لاءِ گربخشاڻي ڊاڪٽر بلوچ، شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، معمور يوسفاڻي، عبدالرزاق “راز” شيخ، ڏيرو رسول بخش جي سر ڪلياڻ بابت تشريح مان حوالا آهن ته حاشيي ۾ هيٺ سُر ڪلياڻ بابت لعلواڻي ليلا رام وطڻ مل، لاشاري رشيد احمد، شيخ عبدالرزاق، بلوچ نبي بخش ۽ ماستر عبدالرحمان جي ڇپايل سُر ڪلياڻ جي ڪتابن جي ڄاڻ آهي. نتيجي طور محقق لکيو آهي ته، “مٿي ذڪر ڪيل ڏاهن ۽ عالمن جي راين مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته مضمون جي حوالي سان هيءُ سر زياده تر صوفياڻو آهي جنهن جي جهلڪ بيتن ۽ واين مان ظاهري توڙي باطني طرح ملي ٿي. هن سُر ۾ خدا جي خدائي ۽ هيڪڙائي ملي ٿي ته الله جل جلاله هڪڙو آهي سندس مٽ ۽ ثاني ڪوبه ڪونهي، هو بي نياز آهي ۽ کيس ڪنهن جي به پرواهه ڪانهي ۽ حضرت محمد مصطفيٰﷺ سندس پيغمبر ۽ محبوب آهي هن سُر ۾ اصحابن سڳورن بابت پڻ لکيو ويو آهي” (ص 130)

چوٿون باب “شاهه جي رسالي جا ترجما” عنوان سان ۾ ڇهن ٻولين ۾ ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو تفصيل ۽ نمونا ڏنا ويا آهن، جنهن لاءِ هڪ جهڙن بيتن جي چونڊ ڪيل آهي ته جيئن ترجمو ڪندڙن جي ترجمن جي ڀيٽ ڪري سگهجي، هي باب 218 کان 298 صفحن تي آڌاريل يعني 80 صفحن تي محيط آهي، جنهن ۾ انگريزي، اردو، براهوي، سرائيڪي، فارسي ۽ پنجابي ترجمن کي ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جا مترجم ڊاڪٽر در شهوار سيد، هالائي هدايت الله ميمڻ، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، تيرٿ داس هوتچند، ميڊم ايلسا قاضي، جي الانا، اڪرم انصاري، آغا محمد يعقوب، فقير عبدالغفور الستي، پروفيسر امينا خميساڻي، شيخ اياز، آغا سليم، ايم اي عالماڻي، وقار احمد رضوي، سومرو فضل رحيم، دائودي غلام مصطفيٰ، جوهر بروهي عبدالقيوم، ڪرتار سنگهه عرش آهن.

پنجون باب شاهه تي لکيل ايم فل/پي ايڇ ڊي ٿيسز تحقيق جي لحاظ کان هن باب جي وڏي اهميت آهي، منهنجي خيال مطابق ڊاڪٽر صاحب جي مقالي جو عنوان “شاهه لطيف تي ٿيل تحقيقي ڪم جو جائزو” هجي ها ته اندرين مواد سان وڌيڪ سلهاڙيل هجي ها ڇو جو اندر جيڪي باب آهن ۽ انهن ۾ جيڪو مواد آهي اهو سڄي جو سڄو تحقيقي اڄ جي دور جي حوالي سان نٿو چئي سگهجي. ڇو ته انهن ڪتاب ۾ حوالا (References) نه آهن جديد دور جي تحقيقي معيار مطابق انهيءَ سڄي احوال کي لطيف سرڪار بابت ڪيل ڪم ۾ شمار ته ڪري سگهجي ٿو. باقي باقاعدي تحقيق جيڪا يونيورسٽين جي شعبن ۾ ڏيهه توڻي پرڏيهه ۾ ٿي آهي، جنهن تي محققن کي ڊگريون ايوارڊ ٿيون آهن اهو تحقيقي ڪم پنهنجي جڳهه تي هڪ الڳ اهميت جو حامل آهي، جنهن ۾ خود ڊاڪٽر مصطفيٰ کهڙي صاحب جي هيءَ تحقيق به شامل آهي.

هن باب ۾ محقق جي ريسرچ وقت تائين ٿيل ڪم مان 4 انگريزيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جن ۾ ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، ڊاڪٽر ايس ايم جهانگياڻي ۽ ڊاڪٽر در شهوار سيد جون آهن ته سنڌيءَ ۾ 6 ٿيسز ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر حُسن بانو سومرو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي ۽ ڊاڪٽر غلام حيدر چنا جون ته ٻه ايم فل جون ٿيسز، ڊاڪٽر منوهر بختراءِ مٽلاڻي ۽ ڊاڪٽر مسز خورشيد عباسيءَ جون ذڪر ڪيل آهن، ڪل 68 صفحن تي آڌاريل هن باب ۾ آيل ٿيسز انگلينڊ، هندستان ۽ سنڌ جي يونيورسٽين مان لکيون ويون آهن، ڪي ڇپيل ۽ ڪي اڻ ڇپيل آهن، سنڌ ۾ ڪراچي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اهو تحقيقي ڪم ٿيو آهي، ان ريت هن باب ۾ انگريز دور کان 1995ع تائين جي يونيورسٽين جي ڪم جو احاطو ٿيو آهي، انهيءَ کانپوءِ ڪافي ڪم ٿيو آهي (انگريز دور کان 2025ع تائين جي لطيفي تحقيقي ڪم جو جائزو منهنجي ايندڙ ڪتاب جي پڙهندڙن کي جلد ملندو) ڇهون باب شاهه تي ٿيل تحقيق ۾ فارسي، انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ لطيف سرڪار بابت لکيل ڪتابن جو جائزو آهي، جنهن ۾ مقالات الشعرا، تحفة الڪرام، معيار سالڪان طريقت، لطائفِ لطيفي، احوال شاهه عبداللطيف لطف اللطيف، خزانة العارفين، قدم ڪاپڙين جا، باهيون بيراڳين جون، شاهه لطيف تي ببليو گرافي ۽ ٻين ڪل 61 ڪتابن جو ذڪر ڪيل آهي، جن جا موضوع شاهه جي سوانح، فن، شرح ۽ سمجهاڻي ۽ ٻيا آهن. آخر ۾ نتيجو ڏنل آهي، نتيجي طور محقق شاهه جي سوانح ۽ رسالي جي صحيح سُرن جوڙڻ بابت ۽ شاهه جي موسيقيءَ تي ڪي سوال پڻ اٿاريا آهن ته انهن جو حل ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ ۽ انهيءَ بابت ويچار پڻ ونڊيا آهن ۽ سندن موجب ته اڃان به لطيفي تحقيق بابت ڪيترا رخ تشنه آهن.  آخر ۾ رائج طريقي مطابق ببليو گرافي آهي، ان کانسواءِ هر باب جي آخر ۾ حوالا پڻ موجود آهن، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي جي لطيفي خدمت وڻندڙ ۽ معلوماتي آهي، جنهن ۾ لطيف سرڪار بابت روايتي ۽ جديد تحقيق جو احاطو 1995ع تائين ڪيو ويو آهي.

***