خاص

حڪومت توشه خانه پاليسي 2023 فوري طور تي نافذ ڪري ڇڏي

حڪومت 13 مارچ سومر ڏينهن توشه خانه پاليسي (Tosha Khana Policy) سال 2023 فوري طور تي نافذالعمل ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ ڪروڙين رپين جي ماليت جون گاڏيون، قيمتي گهڙيون، زيور ۽ قيمتي تحفا حاصل ڪرڻ تي پابندي هوندي. تفصيلن موجب صدر مملڪت، وزير اعظم پاڪستان، ڪابينه رڪن، جج، سول ۽ ملٽري آفيسرن تي 300 ڊالر کان وڌيڪ ماليت جا تحفه حاصل ڪرڻ تي پابندي لاڳو آهي. ان کان علاوه انهن ماڻهن تي ملڪي ۽ غير ملڪي شخصيتن کان روڪ رقم تحفي طور وصول ڪرڻ تي پڻ پابندي هوندي.