جاگرافيائي طور تي سنڌ ريگستان (ٿر) ميدان (ڪچو ۽ پڪو) ڪوھستان: ڪاڇو، وادين، مٿاڇرين ۽ جبلن ۽ سامونڊي پٽي جي علائقن تي مشتمل آھي. جڏھن ته وسڪارو سنڌ جو معاشي، سماجي بناوٽ (Landscape) جي ارتقا جو ڪرنگھو آھي. تنھنڪري ھرھڪ بوندن پوڻ جو دعاڳو ۽ سندن وسڻ تي خوش ٿيندو آهي.
بوندان برھ وسايون گلشن وري بهاريو.
موسم خزان جي ويئي،أيو بهار أيو. (ڪوجھي).
پر اھا به حقيقت آھي ته وسڪاري وڌيڪ پوڻ سان ٻوڏ ۽ گھٽ پوڻ سان سوڪھڙو ٿيو پوي، اھڙي طرح سمنڊ جو به لاھ ۽ چاڙھ سامونڊي پٽي کي متاثر ڪري ٿو. ڪڏھن ڪڏھن جابلو علائقن ۾ لينڊسلائيڊنگ جي ڪري درياءَ بند ٿيڻ ۽ پوءِ کلڻ سان اوچتي ٻوڏ يا سامونڊي پٽي تي وڏن زلزلن جي اچڻ سان درياءَ جا وھڪرا بند ٿيڻ سان سنڌ جا سيلابي ميداني علائقا ٻوڏن دوران وقتي طور تي ڍنڍن ۾ تبديل ٿيندا رھيا آھن. مثال طور: بونجي ۽ عطاآباد (گلگت بلتستان) وٽ سنڌو درياءَ (1841-1842) ۽ ھُنزا ندي (1858) ۽ جھلم ندي جي معاون ندين ڪارلي ۽ ٽنگ، لينڊسلائيڊنگ (2005) جي ڪري بند ٿي ڍنڍن ۾ تبديل ٿيون انهن ڍنڍن جي ٽٽڻ سان سنڌ ۾ 1842، 1858 ۽ 2010 ۾ اوچتي ٻوڏن وڏيون تباھه ڪاريون ڪيون. اهڙي طرح ديبل (983)، شاھبندر (1668) ۽ الله بند (1819) جي زلزلن جو سنڌو درياءَ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ تي اثرانداز ٿي سنڌ جي ميداني علائقي کي وقتي طور تي ڍنڍ ۾ تبديل ڪيو. مطلب ته ٻُوڏن جو خطرو سنڌ سان ھميشه لاڳاپيل رهيو آهي ۽ اڳتي به رھندو.
تنهنڪري ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ طويل معيادي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي وڏي ضرورت آهي. انگريزن سنڌ جي زرعي پيداور کي وڌائڻ لاءِ آبپاشي جو نظام جي منصوبابندي ڪئي، جنھن ۾ سنڌو درياءَ کي سکر بيراج تعمير ڪيو ويو ۽ اُن جي واهن ۽ شاخن جي ذريعي سنڌ جي زرعي زمين جو وڌيڪ استعمال ٿيو. زراعت ترقي ڪئي، فصلن جي پيداوار وڌارو ٿيو. مٿي ڏنل ٻوڏن جي صورتحال کي آڏو رکندي انگريزن سکر بيراج جي آبپاشي نظام ۽ فصلن جي بچاءُ جي لاءِ سکر بيراج سان گڏ ٻوڏ جي سيلابي ميدان کي محدود ڪرڻ لاءِ بچاءُ بند ٺاھيا ته جيئن پاڻيءَ جي نظام ۽ خريف جي فصلن کي ٻوڏ کان بچائي سگھجي. تنهن وقت ٻوڏ کان بچاءُ جي اھڙي حڪمت عملي ضرورت جي مطابق هئي، پر ھاڻي جڏھن آبپاشي جو واهن واري نظام سان ذرخيز زمينن کي سم ۽ ڪلر ڳڙڪائي رھيو آھي (دنيا اھڙي آبپاشي جي نظام کان ھٽندي پئي وڃي) اسان اڃان تائين ڪينال نظام کي قائم رکندي ڌارين جي صلاحن تي قرض کڻي پاڻيءَ جي بچت ڪارڻ واهن ۽ شاخن کي پڪو ڪري آبپاشي جي نظام کي بھتر ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳا پيا آھيون. اها حقيقت آھي ته ڪينال يا شاخن ۽ واھن کي پڪي ڪرڻ سان پاڻيءَ جي بچت ۽ پوڇڙي تائين پھچڻ لاءِ مثبت ٿيو آهي، پر ٻوڏ آبپاشي (Flood irrigation) جي نفسيات کان ٻاھر نڪري نه سگھيا آھيون. تنھنڪري واھن کي پڪن ڪرڻ جو ڪو اثرائتو فائدو نه ٿيو آھي، پر شاخن ۽ واھن ۽ ڪينال کي پڪي ڪرڻ سان زمين جي ذرخيزي تي منفي اثر ضرور پئجي رھيو آھي آبپاشي جي اِن نظام جي وھڪري دوران واھن مان پاڻيءَ جي سيمي ۽ زير زمين پاڻيءَ جي ملڻ سان ھڪ دائرو ٺھندو آھي ان دائري ۾ ٻن پاڻين جي ملڻ سان آبياتي ڪيميائي رد عمل نائٽروجن ۽ فاسفورس پيدا ٿيندو آھي، نائٽروجن ۽ فاسفورس اُن دائري کان نڪري زمين ڏانهن منتقل ٿي سندس ذرخيزي وڌائيندا آھن، تنھنڪري واھن سان لڳ فصل جا ٻوٽا ھميشه نروار ھوندا آھن هاڻي پڪي آبپاشي نظام جي صورت ۾ اھڙو دائرو نه ٺھندو. اھڙي طرح فطري نائٽروجن ۽ فاسفورس نه ٺھڻ سان زمين جي زرخيزي ۾ بھتري نه ٿيندي مطلب ته اسان کي ھٿرادو طور تي نائٽروجن ۽ فاسفورس ڏيڻا پوندا جنهن سان خرچ وڌندو.
اھا به حقيقت آھي ته درياءَ ۽ سندن معاون ندين ۽ پاڻيءَ جي قدرتي وھڪرن جي بحالي جي ڳالھھ هلي پئي، پر پاڻ اھڙن وھڪرن کي ڳڙڪائي ويا آھيون. اهڙي طرح ڍنڍون، ڪينالن ۽ بندن جي پاسي ۾ موجود کڏون ۽ کاهيون ھڙپ ڪري زمين وڌائي آھي مثال طور: گھڙو ھڪ قدرتي سنڌو درياءَ جو وھڪرو آھي. گھڙي ۾ سدائين پاڻي ھوندو ھو ھن وقت به آھي جنھن جي وھڪري تي انگريزن ريلوي جي پٽڙي وجھڻ وقت اھڙي طرح پٿر وڌو ته جيئن ريل گاڏي به ھلي ۽ پاڻيءَ جو وھڪرو به قائم رھي موجود وقت گھڙي جي اڌ کان وڌيڪ ايراضي کي راڌڻ اسٽيشن شھر ھڙپ ڪري ويو آھي اڳتي رائيس ڪينال ۽ جوھي شاخ گھڙي کي ڪٽين ٿا يا ميرپورخاص جي اتر ۾ پراڻ ندي کي سم نالن يا رستن سان بند ڪيو ويو آھي ڇا انھن کي ختم ڪري پراڻ کي بحال ڪري سگجھي ٿو. مشڪل آھي. ماسڪو کان سينٽ پيٽرس برگ وچ ۾ نديون ۽ واھه آھن، جن جي مٿان رستو گذري ٿو. ظاهر آهي ته انھن ندين ۽ واھن تي پليون ٺاھيون ويون آھن، ائين ٺهڻ به کپن، پر گھڻين جڳھين تي ندين ۽ واھن جا نالا ۽ پليون ته آھن، پر اُھي سڪل ۽ انھن تي ٻيلا آھن.
خير اسان ته موري ۽ دادو جي وچ ۾ 22 ڪلو ميٽر جو سيلابي ميدان تي وڏو روڊ ٺاھي ٻوڏ جي صورت ۾ دريائي وھڪري کي محدود ڪري ڇڏيو آھي. ان روڊ ۾ پاڻيءَ جي دٻاءُ گھٽائڻ لاءِ ڳڙکا نه ٺاھيا آھن تنھنڪري پراڻن وھڪرن جي پچار ڇڏي موجود صورتحال کي آڏو رکندي جديد نئين طويل معياد ٻوڏ بچاءُ حڪمت عملي جي منصوبابندي ڪري اُن تي عمل ڪرڻ شروع ڪجي جن ھن سان ڪچي ۽ ڪاڇي جي سيلابي ميدانن کي ٻوڏ کان بچائي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ کي به پورو ڪري سگهجي. موجود ٻوڏ بچاءُ جي حڪمت عملي جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته اھا آبپاشي نظام، سم ۽ ڪلر ۾ مبتلا ٿيل ۽ ٿيندڙ زمينن سان گڏ شھرن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ آھي، جڏھن زميني حقيقت بلڪل ٻي آهي. ز مين سم ۽ ڪلر کان متاثر ٿيڻ جي ڪري سيلابي ميدانَ (ڪچو ۽ ڪاڇو) سنڌ جي زرعي پيداوار جو ڪرنگھو ٿي ويا آھن. مغربي ھوائن جي مضبوط ٿيڻ سان وڏين برساتن پوڻ جي ڪري ٻوڏن جي اچڻ معمول ٿيندو پيو وڃي.
مثال طور: 2022، 2024 ۽ ھاڻي 2025 جي ٻوڏ اهڙي صورتحال ۾ روايتي ٻوڏ جي بچاءُ جي نظام سان رڳو شَھرَ ۽ سروي زمين جي خريف جي فصلن کي ته بچائي سگھون ٿا پر ڪچي ۽ ڪاڇي ۾ ٿيندڙ خريف جي فصلن کي ٻوڏ جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏيون ٿا جنهن سان وڏو نقصان ٿيندو. جڏهن ته ھن وقت ڪچي ۽ ڪاڇي جي سيلابي ميدانن ۾ ٿيندڙ خريف جي فصلن ۽ سماجي، زميني بناوٽ کي بچائڻ به ايترو ئي اھم آھي جيترو زمين جي فصل ۽ شھرن کي بچائڻ. تنهنڪري سنڌ کي ٻوڏ بچاءُ جي نئين حڪمت عملي جي وڏي ضرورت آھي، جنهن ۾ موجودہ بچاءُ بند ٻي دفاعي لائين طور ڪم ڪندو. اميد آھي ته واسطي وار ادارا اھڙي نئين حڪمت عملي تي ڪم ڪري رھيا ھوندا. اسان جي گذارش آھي ته اھڙي تيار ٿيندڙ نئين جديد ٻوڏ بچاءُ جي حڪمت عملي جو مرڪزي ڌيان ڪچي ۽ ڪاڇي جي بچاءُ تي ھجڻ کپي اھڙي صورت ۾ ٻه مسئلا حل ٿيندا ھڪ ٻوڏ کان بچاءُ ٿيندو ۽ ٻيو پاڻيءَ جي کوٽ گهٽ ٿيندي. ٻي صورت ۾ مصنوعي ذھانت ۽ مشين لرننگ جي تحت ٺھيل حڪمت عملي تي پئسو ته خرچ ڪرڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو.