سعودي عرب جي پئڪيج ۾ ڪابه شرط ڪونهي: وزيراعظم

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي عرب جي پئڪيج ۾ ڪابه شرط لاڳو نه آهي. وزيراعظم پاڪستان عمران خان پاڪستان پورٽل جو افتتاح ڪيو. پورٽل جي افتتاح جي تقريب ۾ وزيراعظم چيو ته سعودي عرب اسان جو دوست ملڪ آهي ان هر مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي. ۽ ان پاران مليل  پيڪيج ۾ ڪا به شرط ڪونه لڳائي وئي آهي.تقريب سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته سٽيزنس پورٽل سسٽم پاڪستان جي نوجوانن ٺاهيو آهي، ان سسٽم سان اسان کي سزا ۽ جزا ۾ آساني ٿيندي. پهريون دفعو اسان احتساب جي لائق ٿي ويا آهيون. هاڻي هر ه سڌي ريت وزيراعظم جي شڪايت سيل تي اچي سگهندو. اسان کي هڪ مقرر وقت تي انهن شڪايتن جو جواب به ڏيڻو آهي. اسان عوام جي راءِ سان پنهنجي پاليسي ٺاهينداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ حڪمرانن ۽ عوام وچ ۾ ذهني تعلق مختلف هو، پراڻي پاڪستان ۾ غلامانا ذهنيت هئي ۽ اها ذهنيت ڪڏهن به تبديل نه ٿي آهي. ماضيءَ ۾ عوام کي اميد نه هئي ته حڪومت انهن جي خدمت ڪندي پر هاڻي پهرين دفعو ڪا حڪومت عوام کي جوابده ٿي آهي. نئين سسٽم ۾ حڪمرانن کي احساس ٿيندو ته انهن کي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published.