نئون

ڪمپيوٽر هيڪرن بينڪ مان 80 ڪروڙ رپيا چورائي ورتا

خبرن موجب ڪمپيوٽر هيڪرن جي   گروهه ملڪ جي هڪ بينڪ مان 80 ڪروڙ رپيا چورائي ورتا آهن. چوري بينڪ جي پئمينٽ ڪارڊن جي ڊيٽا مان  ڪئي وئي آهي. جنهن سبب بينڪ طرفان جاري ڪيل 5 هزار ڪارڊ به غير محفوظ ٿي ويا آهن. جڏهن ته نقصان بابت بينڪ پاران ڪوبه بيان جاري نه ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران به ان بينڪ جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف متاثر ٿيندڙ بينڪ پاران ايس ايم ايس ذريعي پنهنجي صارفين کي سروس جي معطل ٿيڻ بابت ٻڌايو ويو آهي ته سروس ۾ خرابي سبب اهو قدم کنيو ويو آهي.  اسٽيٽ بينڪ ملڪ جي سڀني بينڪن کي هدايت جاري ڪئي آهي ته اهي پنهنجن صارفين جي ڪارڊن مان ملڪ جي ٻاهران ٽرانزيڪشن کي ٻئي حڪم اچڻ تائين منسوخ ڪري ڇڏين. ان کان علاوه ملڪ کان ٻاهر رهندڙ بنيڪ صارفين پنهنجا ڪارڊ بينڪ جي خاص هليپ لائين تي ڪال ڪري کولرائي سگهن ٿا. ملڪ جي سڀني بينڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي آءِ ٽي جي شعبي کي بهتر بڻائين، جنهن ۾ خاص طور تي ڪارڊ ۽ سيڪيورٽي جا شعبا شامل آهن.