ٽيڪنالاجي رِوِيو جي 35 انڊر 35 فهرست ۾ 2 پاڪستاني عورتون به شامل

واضح رهي ته آمريڪا ۾ موجود ميسا چوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (ايم آءِ ٽي) جو رسالو ٽيڪنالاجي جي رِوِيو 1899 کان شايع ٿي رهيو آهي، جنهن گذريل ڪيترن ئي سالن کان فوربس 500 وانگر سائنس ۽  ٽيڪنالاجي ۾ جديد تحقيق ۽ ايجادون ڪندڙ ماڻهن ۽ ادارن کي مان ڏيڻ لاءِ هر سال مختلف لسٽون جاري ڪرڻ شروع ڪيون آهن. انهن مان ئي هڪ لسٽ 35 سالن کان ننڍي عمر جي اهڙن ماڻهن جي لسٽ هوندي آهي جنهن ماڻهن ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ڪو خاص ڪارنامو ڪيو هجي اهڙي لسٽ کي 35 انڊر 35 چيو ويندو آهي. هن سال اهڙي لسٽ ۾ ٻه پاڪستاني ڇوڪريون به شامل ڪيون ويون آهن.

 هنن ٻن ڇوڪرين ۾ پهرين حرا حسين آهي هي 28 سالن جي  برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڇوڪري آهي جنهن برطانيه ۾ هڪ اهڙو ڪرائوڊ سورس پليٽ فارم جوڙيو آهي جنهن ذريعي پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ڀر واري ملڪ مان شادي ڪري برطانيه ايندر عورت کي طلاق  يا خلع ٿيڻ جي صورت ۾ قانوني مشورو ۽ امداد پهچائڻ جو ڪم ڪيو وڃي ٿو. هن سهولت ذريعي انهن عورتن ۽ انهن جي ٻارن جي صحت جي سهولتن جو به خيال رکيو ويندو آهي. حرا حسين جي هن سروس ۾ هڪ چيٽ باٽ به (Caht Bot) موجود آهي جيڪو سمارٽ فون ذريعي معلومات وٺندڙ عورتن کي قانوني معلومات فراهم ڪندو آهي.

 شهر بانو جنهن جي عمر 31 سال آهي هن ملڪي سطح تي انٽرنيٽ جي سينسرشپ تي ڪم ڪيو آهي. 2012 ۾ جڏهن پاڪستان اندر يوٽيوب کي سينسر ڪيو ويو تڏهن ٻيا ماڻهو ته خاموش رهيا پر شهر بانو فيصلو ڪيو ته هوءَ رياستي سطح تي ٿيندڙ سينسرشپ کي شڪست ڏيندي جنهن بعد ان تي عملي قدم کڻندي هن ٽن سالن تائين پاڪستاني آءِ ايس پيز تي تحقيق ڪئي ۽ ڊيٽا گڏ ڪيو. هن اهڙن سافٽ ويئرز تي ڪم ڪيو جيڪي سينسر شپ دوران انٽرنيٽ جي سهولت کي  بند ڪرڻ ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا. شهر بانو بنيادي طور تي انٽرنيٽ جي آزادي جي حامي آهي ۽ هوءَ سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ جي سينسرشپ خلاف ڪم ڪندي رهي آهي. شهر بانو جي اهڙي ڪوشش جي بدلي ۾ ٽيڪنالاجي رِوِيو رسالي جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *