وفاقي ڪابينا موسمياتي تبديلي واري وزارت جي نيشنل ايڊاپٽيشن پلان (NAP) کي 27 جولاءِ 2024 تي منظوري ڏئي ڇڏي هئي ته جيئن پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي لاءِ پاڻ ڀرو ڪري سگهجي. وزارت موجب، مختلف اسٽيڪ هولڊرن جي وچ ۾ تعاون کي آسان بڻائڻ جو مقصد نيشنل ايڊاپٽيشن پلان کي موسمياتي فنانس موبلائيزيشن لاءِ هڪ موثر پلان طور تي ڪم آڻي سگهجي ٿو. منصوبي جي مطابق 2023 ۽ 2030 جي وچ ۾ موسمياتي ۽ ترقياتي چئلينجن جي لاءِ هڪ جامع پروگرام تيار ڪرڻو پوندو، جنهن جي لاءِ سيڙپڪاري جي ضرورتن جو هڪ ڪنوينشنل اندازو لڳائجي، جيڪو لڳ ڀڳ 348 بلين ڊالر ٿيندو سو تيار ڪرڻو پوندو. ساڳئي عرصي لاءِ مجموعي جي ڊي پي جو ڪل 10.7 سيڪڙو هوندو، جنهن جي لاءِ هڪ جامع منصوبي جي ضرورت پوندي. هاڻوڪين حالتن ۾ فنڊنگ جي سطحن جي ماضيءَ واري جائزي جي مطابق NAP تجويز ڪئي هئي ته ان مقصد لاءِ لڳ ڀڳ 39 بلين ڊالر پبلڪ فنانسز ۽ 9 بلين ڊالر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ مان ان گهربل انفرااسٽرڪچر لاءِ ايندڙ ڏهاڪي دوران دستياب هوندا، جنهن سان اهڙين مصيبتن کي منهن ڏئي سگهبو، ان ڪري ته ملڪ هن وقت موسمياتي آفتن جي وڪڙ ۾ آهي. ڇو ته 2022 جي ميگا فلڊ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهن کي متاثر ڪيو هو، جنهن دنيا جي مون سون ۽ آيل ٻوڏن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا، ان ڪري نيشنل ايڊاپٽيشن پلان ان ضرورت کي اجاگر ڪري ۽ غير روايتي موسمياتي تبديلين جي نوعيت کي نظر ۾ رکندي هڪ اڳواٽ تياري ڪري ۽ سرگرم عمل رهي ته جيئن بچاءُ ممڪن بڻائي سگهجي ۽ قدرتي آفتن کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري سگهجي.