اها سختي، اهو استحڪام، اها ڇڙواڳي صرف وقتي بحران ناهي بلڪه ان جي پٺيان سمورو سماجي ۽ تهذيبي زوال ان سڄي وايو منڊل جو سبب آهي. پاڪستان جيڪو نظرياتي بنيادن تي قائم ٿيو، اڄ قدرن جي سنگين تباهي جو شڪار آهي. سياست مفاد پرستي جي زنجيرن ۾ جڪڙجي چڪي آهي، معيشت بدعنوانين ۽ ڪرپشن جي اڏن ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ معاشرتي زندگي خود غرضي ۽ اڻ سهپ جي پاتال جهڙين اونداهين ۾ گم ٿي وئي آهي. بيورو ڪريسي جيڪا رياست جي استحڪام ۽ حڪمراني جي لاءِ ڪرنگهي جو هڏو سمجهي ويندي آهي. اصولن ۽ ميرٽ جي بجاءِ پنهنجن کي نوازڻ ۽ ذاتي فائدن جي ڪن ۾ ڦري رهي آهي. رياست جي سطح تي شفافيت جي کوٽ، معاشرتي سطح تي بيوسي ۽ انفرادي سطح تي اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار مطلب ته انهن سمورن ڪارڻن پاڪستان کي اهڙي بحران ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جتي اصول واري زندگي کي ڪمزوري سمجهيو ويندو آهي، ايمانداري کي بيوقوفي سان ڀيٽيو ويندو آهي ۽ ديانتدار فرد کي ڀت سان لڳايو ويندو آهي.
قدر ڪنهن به معاشري ۾ ازخود پيدا ناهن ٿيندا، بلڪه انهن کي سماجي، تاريخي ۽ رياستي ادارن جي وسيلي جوڙيو ويندو آهي. “Emile Durkheim” جي مطابق قدر گڏيل شعور جو حصو هوندا آهن، جيڪي ڪنهن به معاشري جي هڪ جهڙائپ ۽ پائيداري کي يقيني بڻائين ٿا.”Max Weber’s” جو چوڻ آهي ته قدرن جي جوڙجڪ ۾ مذهبي، معاشي ۽ سياسي ڪارڻ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. “Karl Marx” جي ويجهو قدر طاقتور طبقي جي وسيلي مڙهيا ويندا آهن ته جيئن اهي پنهنجي حاڪميت کي برقرار رکي سگهن. جڏهن ته Pierre Bourdieu جي مطابق قدر هڪ ثقافتي سرمايو آهن، جيڪي سماجي ڍانچن جي وسيلي وراثت ۾ منتقل ٿيندا آهن. Kwame Anthony Appiah نقطي تي روشني وجهون ٿا ته قدر محض قوتن يا طاقت جي وسيلي تبديل ناهن ٿيندا، بلڪه جڏهن ڪو رويو پنهنجي سماجي مقبوليت وڃائي ڇڏي ٿو ته اهو پنهنجو پاڻ ئي ختم ٿي وڃي ٿو. يورپ ۾ “dueling” يعني تلوار ۽ پستول جي وسيلي ٻن فردن جي ويڙهه جي روايت هئي، مگر جيئن ئي اها سماجي روايت وڃائي ويٺي ۽ عزت وغيره جو معيار تبديل ٿي ويا. اها روايت پنهنجو پاڻ مري وئي. ساڳيو ئي اصول پاڪستان جي لاءِ به بهترين آهي، جيستائين ڪرپشن، پنهنجا نوازڻ، ڪوڙ ۽ دوکيبازي کي سماجي قبوليت حاصل رهندي، انهن جو خاتمو صرف قانونن ۽ سزائن جي وسيلي ممڪن ناهي.
پاڪستان ۾ قدرن جي زوال جو مشاهدو هر شعبي ۾ ڪري سگهجي ٿو. مذهب جيڪو اخلاقي تربيت جو سڀ کان وڏو وسيلو هئڻ گهربو هو. رسمي عبادتن ۽ سطحي مامرن تائين محدود ٿي چڪو آهي، برداشت، روداري ۽ اخلاقي استحڪام جهڙن يادگاري اصولن کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي، سياسي نظام ۾ جمهوري روايتن جو شديد فقدان آهي، قيادت جو معيار، ڪردار جي بجاءِ چالاڪي ۽ اقتدار تي قابض بڻجي چڪي آهي ۽ سياست قومي خدمت جي بجاءِ محض طاقت جي راند ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. سماجي سطح تي ۽ سڌاري جي بجاءِ ڪوڙ، افراتفري ۽ پروپيگنڊا کي واڌ ڏئي رهي آهي. جڏهن ته بيورو ڪريسي، بدعنواني، اقربا پروري ۽ فيصلا سازي ۾ سستي جهڙن مسئلن جو شڪار آهي. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن قدر بدلجن ٿا ته سموري معاشري جي تقدير به بدلجي وڃي ٿي. عرب ۾ اسلام جي اچڻ کان اڳ قبائلي حسد، جهالت ۽ طاقت جو قانون مڙهيل هو، پر اسلامي تعليمات برابري، عدل ۽ ديانت تي مشتمل هڪ نئين تهذيب جو بنياد رکيو. يورپ ۾Renaissance علم، ڏاهپ، سائنس ۽ انصاف جي اصولن کي واڌ ڏئي هڪ بيڪار سماج کي ختم ڪري ڇڏيو. جاپان ۾ ميجي سڌارن هڪ روايتي سماج کي صنعتي ترقي ۾، ميرٽ ۽ جديديت جي راھ تي راهي ڪيو. ڏکڻ آفريقا ۾ نيلسن منڊيلا مفاهمت، برابري ۽ انصاف جي اصولن کي توڙ تائين پهچايو. جيتوڻيڪ اهي سمورا معاشرا پنهنجي فرسوده، روايتي ۽ غير منصفاڻن اقتدار تي بيٺا هجن ها ته شايد اڄ انهن جو وجود به نه هجي ها.
پاڪستان ۾ هڪ نئين قدرن واري سڃاڻپ جي ضرورت آهي، جيڪا گڏيل ترقي، انصاف ۽ انساني وقار تي مشتمل هجي. بدعنواني ۽ پنهنجا نوازڻ جي جاءِ تي ديانتداري ۽ شفافيت، تشدد ۽ انتها پسندي جي جاءِ تي برداشت، رواداري، پنهنجا نوازڻ ۽ برادري ازم جي جاءِ تي ميرٽ ۽ قومي سوچ کي واڌارو ڏيڻو پوندو. اسان کي انفرادي، فائدي جي بجاءِ گڏيل سڌارو، جذباتيت جي جاءِ تي دليل ۽ ذاتي تعلقات جي بجاءِ اصولن کي اوليت ڏيڻي پوندي. ميڊيا کي تعميري روايت قائم ڪرڻي پوندي ۽ تعليمي نظام کي فڪر ۽ تحقيق جو مرڪز بنائڻو پوندو. مذهب کي عملي اخلاقيات ۽ انساني سڌاري جو وسيلو بنائڻو پوندو.
بيووڪريسي جيڪا ڪنهن به رياست ۾ پاليسي سازي ۽ حڪومتي فيصلن کي عملي ويس پارائي ٿي، کي قدرن جي قيام ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پهريون بيوروڪريسي پاليسي سازي ۾ ديانت ۽ شفافيت کي يقيني بڻائي ڪري نون قدرن جو بنياد رکي سگهي ٿي. ٻيون، قانون ۽ انصاف جي هڪ جهڙي نفاذ جي وسيلي هڪ اهڙو ماحول تخليق ڪري سگهي ٿي، جتي بدعنواني ۽ پنهنجا نوازڻ کي ڪا جڳهه نه ملي. ٽيون تعليمي ۽ سماجي ادارن جي وسيلي نون قدرن ۾ سماجي هم آهنگي پيدا ڪري سگهجي ٿي ته جيئن ايمانداري، محنت، ديانت ۽ شفافيت نئين نسل جي شعور ۾ رچي وڃي. هڪ اهڙي بيورو ڪريسي جيڪا قدرن جي خالق، محافظ ۽ استاد هجي، اهائي هڪ مضبوط ۽ ترقي يافته پاڪستان جي ضمانت بڻجي سگهي ٿي. اها هڪ تاريخي پل آهي جتي اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان هڪ اهڙي قوم بنجڻ چاهيون ٿا جيڪا اصولن، انصاف ۽ سچائي تي بيٺل هجي يا اونداهين ۾ وڌيڪ وڃائجي وڃڻ چاهيون ٿا. ڇو ته جيئن بقول هڪ عالم جي ته: “جنهن ملڪ ۾ ظلم ظلم نه رهي بلڪه ھنر بڻجي وڃي، ان جون شروعاتي ۽ بنيادي غلطيون ڪنهن شيءِ جو محتاج ناهن هونديون.”