پاڪستانخاصنيو‍‍ز

لاڪ ڊائون ختم ڪريو، تاجرن جو سنڌ حڪومت کان مطالبو

تاجرن وڏي وزير کان لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. وڏي وزير مراد علي شاھ تاجرن کي يقين ڏياريو ته ايندڙ ڏينھن ۾ ٿيندڙ نيشنل ڪوآرڊينيشن اجلاس ۾ لاڪ ڊائون جي حوالي سان پنھنجو نقطه نظر پيش ڪندو. ھي ڳالھ ھن وزير اعليٰ ھائوس ۾ تاجر برادري جي ھڪ وفد سان ڳالھائيندي ڪئي. وفد ۾ سراج قاسم تيلي، صدر ڪراچي چيمبر آغا شھاب، ارشاد اسلام، اطھر چاولا، ايف پي سي سي آءِ جو ميان زاھد، ايف پي سي سي آءِ جو خرم اعجاز، اختيار بيگ، سعيده محمود مانڊوي والا ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا شامل ھئا. وڏي وزير جي معاونت ناصر حسين شاھ، تعليم واري وزير سعيد غني، ايڪسائز وزير مڪيش چاولا ۽ صنعت واري وزير اڪرام الله ڪئي. تاجر برادري وڏي وزير تي زور ڏنو ته ھو لاڪ ڊائون کي ختم ڪري ۽ صوبي ۾ سموريون ڪاروباري سرگرميون جاري رھڻ ڏي ۽ انھن يقين ڏياريو ته اھي ايس او پين جي پابندي ڪندا، جنھن تي پھرين ئي اتفاق ٿي چڪو آھي.