خاص

ھاڻوڪيون ڪاروباري سرگرميون 31 مئي تائين جاري رھنديون: ناصر حسين شاھ

سنڌ حڪومت چيو آھي ته سپريم ڪورٽ جي ھدايت موجب سنڌ ۾ ڪاروباري سرگرميون 31 مئي تائين جاري رھنديون. ان حوالي سان سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاھ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ڪاروباري سرگرميون معمول موجب جاري رھنديون، جنھن جي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ھدايت ڪئي ھئي. ھن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت سمورين صوبائي حڪومتن سان صلاح کان پوءِ 31 مئي تائين لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ھو. سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ڪاروباري سرگرميون 31 مئي تائين جاري رکڻ جون ھدايتون ڪيون ھيون، وزير اعظم جي صدارت ھيٺ اين سي سي اجلاس ۾ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو ھو پر عدالتي حڪم تحت ڪاروباري سرگرميون 31 مئي تائين سنڌ جي گھرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جاري رھنديون، جڏھن ته ڪاروبار جو وقت به ساڳيو رھندو.